پاڪستان هڪ حيران ڪندڙ گهڻ پاسائون ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي ثقافتي ورثي، قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت نظارن سان سينگاريل آهي. اتر جي بلند چوٽين کان وٺي ڏکڻ جي ويران، پرسڪون ريگستانن تائين، ملڪ فطرت جي بهترين عنصرن جو هڪ انوکو امتزاج پيش ڪري ٿو. هر صوبو پنهنجي الڳ سڃاڻپ، روايتن ۽ رنگن سان هن سر زمين جي سونهن ۽ سڃاڻپ ۾ اضافو ڪري ٿو. هي گهڻ پاسائون فرق نه رڳو ملڪ جي ثقافتي جوڙجڪ کي مالا مال ڪري ٿو، پر واڌاري ۽ دريافت لاءِ بيشمار موقعا به مهيا ڪري ٿو. ڪارونجهر جي ٽڪرين، جيڪي سمنڊ جي سطح کان رڳو 305 ميٽر اوچائي تي آهن، انهن کي ملڪ جون ننڍيون جبلن جي قطارن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. اهي ٽڪريون سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي ننگرپارڪر علائقي جي ڏاکڻي اوڀر ڪنڊ تي واقع آهن.
سنڌ، جيڪا پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ رنگين ميلن لاءِ مشهور آهي، ڪارونجهر جهڙي لڪل خزاني جو به گهر آهي. هي جبل پنهنجي خاص جاگرافيائي ڍانچي ۽ حياتياتي گهڻ پاسائي جي ڪري مشهور آهي، جيڪي مقامي موسم تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ مختلف قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي حياتيءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ٿا. ڪيترائي اهڙا جاندار هتي رهن ٿا جيڪي ناياب يا ختم ٿيڻ جي خطري ۾ آهن. ڪارونجهر ننگرپارڪر جي ماڻهن لاءِ رڳو هڪ قدرتي نشاني نه، پر سندن سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي جو نشان آهي. هي علائقو، جيڪو رڻ ڪڇ سان لڳل آهي، ڪيرٿر، هندوڪش، ڪراڪرم، هماليا، لوڻاٽ جبل ۽ سليمان جبلن جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف آهي. ڪارونجهر لڳ ڀڳ 19 ڪلو ميٽرن تائين پکڙيل آهي ۽ 305 ميٽر اوچو آهي. هي بنيادي طور تي گرينائيٽ تي مشتمل آهي، جيڪو ممڪن آهي ته ڀارت جي قديم اوائلي جبلن جو تسلسل هجي.
هي علائقو وسيلن سان ڀرپور آهي، پر وڻڪاري جي ڪٽائي ۽ شڪار جي ڪري هتي جي حياتياتي نظام کي شديد نقصان رسيو آهي. ٿر جا ماڻهو جن جو دارومدار به انهن وسيلن تي آهي، خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ IUCN بين الاقوامي يونين براءِ تحفظ فطرت،UNDP ۽ پاڪستان جي ماحوليات واري وزارت پاران ڏنل انگن اکرن مطابق، 1996ع ۾ IUCN 25 جهنگلي جانورن کي خطرناڪ فهرست (Red List) ۾ شامل ڪيو. اڄ اهو تعداد تمام گهڻي وڌي چڪو آهي. 2010ع ۾ ماحوليات واري وزارت ۽ UNDP ستن صحرائي ٻوٽن کي ناياب قرار ڏنو، جن مان پنج ٿرپارڪر جا مقامي ٻوٽا هئا. ڪارونجهر ۾ 154 ناياب ٻوٽن، 26 ناياب جانورن ۽ 400 مختلف قسمن جي گلن جا نسل موجود آهن. خاص طور تي برسات جي موسم ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ هتي اچن ٿا.
ڪارونجهر جا جبل نه رڳو جاگرافيائي اهميت رکن ٿا، پر معاشي طور به وڏي اهميت وارا آهن. هتي سنگ مرمر، چن جو پٿر، ڪرومائيٽ، جپسم، لوڻ ۽ ڪاولن جهڙا معدنيات موجود آهن. ڪاولن کي چيني ٿانون، پيپر، رنگن ۽ سينگار جي شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو انهن جبلن جي معاشي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. ڪارونجهر جي قدرتي خوبصورتي ۽ پرسڪون ماحول هن علائقي کي منفرد بڻائي ٿو. وسيع ميدان، قدرتي خوبصورتي، ٻوٽن ۽ جانورن جي دولت هتي جي امن پسنديءَ کي ظاهر ڪن ٿا. هتي مورن سميت ڪيترائي جانور رهن ٿا، جيڪي هن زمين کي رنگن سان ڀرين ٿا. ڪارونجهر جي ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ هي جبل اقتصادي طور به فائديمند آهن. هتي ڪيترائي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻوٽا آهن، جيڪي مقامي ماڻهو مختلف بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪن ٿا، جهڙوڪ: خوکرو، گن ويل، ستاوري، جنگلي بصر، شيوا جاتي، اوٿ ڪنٺي، گوگارو وغيره.
ڪارونجهر رڳو جاگرافيائي نه، پر هڪ ثقافتي نشاني آهي. هي علائقو تاريخ سان ڀرپور آهي، جتي ڪيترائي مذهبي ۽ ثقافتي ماڳ موجود آهن. ماضي ۾ هي علائقو تمام خوشحال هو، جڏهن هاڪڙو درياهه، سرسوتي، يامونا ۽ ستلج مان وهندو هو هتي قديم جين ڌرم جا مندر موجود آهن، جيتوڻيڪ هاڻ انهن جي حالت خراب آهي. ڪارونجهر جي سڀ کان اوچي چوٽي کي ٽراٽ پيڪ (تروٽ جو ٿلهو) چيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته انگريز فوجي ڪرني ٽراٽ هتي اچي عدالت لڳائيندو هو، تنهن ڪري ان تي هيءُ نالو پيو. ڪارونجهر جي سونهن ۽ اهميت کي ماحولياتي ۽ معاشي خطرا سامهون آهن. 1988ع ۾ هڪ ڪمپني هتان جي گرينائيٽ کي کوٽڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن ڪري علائقي کي تمام وڏو نقصان رسيو. ڌماڪيدار مادو استعمال ڪري معدنيات ڪڍڻ سبب، جانورن جا گهر تباهه ٿيا، زمين خراب ٿي، آلودگي وڌي ۽ مقامي ماڻهن جي روايتي زندگي متاثر ٿي. مقامي ماڻهن جي مخالفت هن علائقي کي محفوظ رکيو، پر اڃان به خطرو موجود آهي.
ڪارونجهر جا جبل هزارين ورهين جي تهذيب، ثقافت ۽ قدرتي خوبصورتي جو مظهر آهن. اهي جبل سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ريتن رسمن، گيتن، ڪهاڻين ۽ مذهبي هم آهنگيءَ جا گواهه آهن. لازمي آهي ته ان ناياب خزاني جي حفاظت ڪئي وڃي ته جيئن اها ملڪ جي قدرتي ۽ ثقافتي حيثيت برقرار رهي.
جاگرافيائي لحاظ سان ڪارونجهر جا ٽڪرا ڀرپاسي جي ريگستان کان مختلف آهن ۽ پنهنجو الڳ مقام رکن ٿا. هتي ٻه مستقل چشما آهن: انچليشور ۽ سردهرو، جڏهن ته برساتن دوران وهندڙ وهڪرا جهڙوڪ: ڀاٽياڻي ۽ گورڌرو به هتي آهن. ڪارونجهر رڳو جبل نه، پر هڪ مڪمل تاريخ آهي، هزارين ورهين جي تهذيب، تاريخ ۽ ورثي سان ڀرپور. پاڪستان جي جيالاجيڪل سروي موجب، جيڪا 1977-78 دوران ڪئي وئي، ڪارونجهر جي جبلن ۾ لڳ ڀڳ 15.86 ارب ٽن گرينائيٽ جو ذخيرو موجود آهي. ان ۾ 11.81 ارب ٽن گرين گرينائيٽ، 3.81 ارب ٽن گلابي گرينائيٽ، ۽ 240 ملين ٽن اڊميلايٽ شامل آهن، جيڪا هڪ نازڪ قسمن جي گرينائيٽ آهي.
اهي انگ اکر ڪارونجهر جي معدني دولت ۽ جاگرافيائي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا. اڄ جي ضرورت آهي ته ان خزاني کي تباهيءَ کان بچائي، اهڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن، جيڪي معيشت، ماحول ۽ ثقافت جي وچ ۾ توازن برقرار رکن.