جون 2024 ۾ آئي ايم ٽي(IMT) ھڪ نئين انقلابي ڪميونسٽ انٽرنيشنل (RCI) جو بنياد رکيو آھي، جيڪا بھادري ۽ بلند حوصلي سان دنيا جي ھر کنڊ ۾ ڪميونزم جو پرچم لھرائيندي. ھن مضمون ۾ ايلن ووڊز تفصيل سان ٻڌائي ٿو ته ھن تاريخي قدم جو مطلب ڇا آھي ۽ گذريل عالمي انقلابي تنظيمن جي قيام ۽ زوال جي تاريخ تي روشني وجھندي، اڄ ڪميونزم جي جدوجھد لاءِ انقلابي ڪميونسٽ انٽرنيشنل (RCI) جي اھميت کي اجاڳر ڪري ٿو.
ڪميونزم عالمگيريت کانسواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي. اسان جي تحريڪ جي آغاز ۾ ئي “ڪميونسٽ ميني فيسٽو” ۾ مارڪس ۽ اينگلز بيان ڪيو ھو ته پورھيتن جو ڪوبه وطن ناھي ھوندو. سائنسي سوشلزم جا باني ھڪ جرمن پارٽي ٺاھڻ بجاءِ ھڪ عالمي تنظيم جي جدوجھد ڪري رھيا ھئا. لينن، ٽراٽسڪي، روزا لڪسمبرگ ۽ ڪارل لائبنخت سڄي حياتي انھيءَ مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
انھن جي عالمگيريت جو خيال ڪو خيالي پلاءُ يا جذباتي نتيجو نه ھو، پر ان جو بنياد ھن حقيقت تي بيٺل ھو ته سرمائيداري بطور ھڪ عالمي نظام جي ارتقائي اوسر ۾ آھي. مختلف قومي معيشتن ۽ منڊين مان ھڪ واحد، تقسيم نه ٿيندڙ ۽ ھڪٻئي ۾ ڳنڍجڻ واري ھيڪڙائي جو جنم ٿئي ٿو، مطلب ته ھڪ عالمي منڊي.
اڄ مارڪسزم جي باني استادن جي اھا اڳڪٿي شاندار حقيقت ۾ ايئن بدلجي وئي آهي جيئن ڪنھن تجربيگاھ ۾ ڪو تجربو ڪامياب ٿي ويو ھجي. اسان جي دور جي سڀ کان وڏي، واضح ۽ ٺوس حقيقت عالمي منڊي جو غلبو آھي. مارڪس ۽ اينگلز جي “ميني فيسٽو” کان وڌيڪ جديد ڪو ڪتاب موجود ناھي. ھن ۾ سماج جي مختلف طبقن جي تقسيم، عالمگيريت جي مظھر، واڌو پيداوار جي بحران، رياست ۽ تاريخي ارتقا جي بنيادي قوتن تي روشني وڌي وئي آھي، پر سڀ کان بھترين ۽ ٺوس نظريا به تيستائين ڪامياب نٿا ٿي سگھن جيستائين انھن جو ڪو تنظيمي يا عملي اظھار نه ھجي. ان ڪري سائنسي سوشلزم جي باني استادن ھميشه مزدور طبقي جي ھڪ بين الاقوامي تنظيم جي جدوجھد ڪئي. مارڪس ۽ اينگلز انٽرنيشنل ورڪنگ مينز ايسوسيئيشن (International Working Men’s Association-IWA) جي تعمير ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو جنھن کي پھرين انٽرنيشنل جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو. شروعات ۾ تنظيم جو ڍانچو انتھائي ٽڙيل پکڙيل ھو. مارڪس ۽ اينگلز کي ھر قدم تي نظرياتي وضاحت جي ويڙھ وڙھڻي پئي. نظرياتي جدوجھد جا ٻه مرڪزي محاذ ھئا. ھڪ طرف موقعي پرست ٽريڊ يونين جي اڳواڻن جا اصلاح پسنداڻا نظريا ۽ وري ٻئي پاسي انارڪسٽ، انتھائي کاٻي ڌر ۽ فرقي پرست رجحان. انھن ٻنھي محاذن تي مارڪس ۽ اينگلز پنھنجي پوري حياتي اڻٿڪ جدوجهد ۾ جاري رکي. اڄ به ڪجھ گھڻو تبديل ناھي ٿيو. ڪميونسٽن کي اڄ به ساڳيا مسئلا درپيش آھن ۽ ساڳين دشمنن سان مقابلو آھي. اڄ کڻي نالا تبديل ٿيا ھوندا، پر انھن جو جوھر اھو ئي پراڻو آھي.
مارڪس ۽ اينگلز صرف نظرياتي جدوجھد تائين محدود نه ھئا. عالمي مزدور طبقي جي روزمره جي جدوجھد سان به ڳنڍيل ھئي ۽ مزدور تحريڪ ۾ مسلسل عملي ڪم جاري رھندو ھو. ڪميونزم جي سرمائيداراڻي دشمنن جي ڪوڙ ۽ الزام تراشين جي باوجود ڪارل مارڪس جي طريقيڪار ۾ آمريت جو ذرو به موجود نه ھو. ان جي ابتڙ اصلاح پسندي ڏانھن مائل پورهيتن جي متعلق ھن جو رويو صبر ۽ بردباري وارو ھوندو ھو. ھن اينگلز کي ھڪ خط ۾ لکيو ته:
“ھن شيءِ کي تشڪيل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھو ته اسان جو موقف مزدور تحريڪ جي موجوده سوچ جي سامھون قابل قبول شڪل ۾ موجود ھجي. تحريڪ جي نئين سجاڳي جي صورت ۾ ئي ماضي وانگر چٽن لفظن ۽ لھجي جو استعمال ممڪن ٿي سگھندو. ان ڪري اسان جو رويو نرم جڏھن ته مواد واضح ۽ چٽو ھجڻ لازمي ھوندو.” اڄ جي ڪميونسٽن لاءِ اھا انتھائي آزموديگار نصيحت آھي جيڪي مزدور طبقي جي عوامي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آھن.
پھرين انٽرنيشنل جو خاتمو: انٽرنيشنل عظيم پيش قدمي ڪئي، پر 1871ع ۾ پيرس ڪميون جي شڪست تنظيم کي موتمار زخم رسايو. ان کان بعد رجعتين جي جيڪا راند شروع ٿي، ان سان فرانس ۾ ڪم ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ ھر جڳھ تي انٽرنيشنل کي رياستي جبر جو نشانو بڻايو ويو، پر انٽرنيشنل جي مسئلن جي حقيقي بنياد، ڪميون جي شڪست کانپوءِ پوري دنيا ۾ سرمائيداري جو تاريخي عروج آھي. انھن حالتن ۾ سرمائيداري مزدور تحريڪ تي شديد دٻاءُ وڌو جنھن جي نتيجي ۾ داخلي ويڙھ ۽ گروھ بندين جنم ورتو. عام مايوسي ۽ ٿڪاوٽ جي موجودگي ۾ باڪونن ۽ ان جي حامين جون سازشون شدت اختيار ڪنديون پئي ويون. انھن سببن مارڪس ۽ اينگلز کي مجبور ڪيو ته پھريان انھن انٽرنيشنل جو مرڪزي دفتر نيويارڪ منتقل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ آخرڪار فيصلو ڪيو ته انٽرنيشنل کي في الحال وقتي طور تي ختم ڪرڻ ئي بھتر آھي. IWA کي 1876ع ۾ ختم ڪيو ويو. ھڪ وقت تائين دنيا ۾ ڪابه انٽرنيشنل موجود نه ھئي.
ٻي انٽرنيشنل: پھرين انٽرنيشنل ھڪ ڪاميابي ضرور حاصل ڪئي ته ھڪ حقيقي انقلابي انٽرنيشنل جا نظرياتي بنياد تعمير ٿي ويا، پر اھا ڪڏھن به مزدورن جي ھڪ حقيقي عالمي ۽ عوامي انٽرنيشنل نه ھئي. بهرحال اھا مستقبل جي بشارت ضرور ھئي. سوشلسٽ انٽرنيشنل (ٻئين انٽرنيشنل) جو بنياد 1889ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جو آغاز پھرين انٽرنيشنل جي ٽٽل ڪڙي سان گڏجي ٿيو. پھرين عالمي انٽرنيشنل جي ڀيٽ ۾ ھن جا عوامي بنياد موجود ھئا. ھن جي صفن ۾ جرمني، فرانس، برطانيه، بيلجيئم ۽ ٻين ملڪن جون عوامي پارٽيون ۽ ٽريڊ يونينون شامل ھيون. 1871-1914 وارو عرصو سوشل ڊيموڪريسي جو ڪلاسيڪي دور ھو. گھٽ ۾ گھٽ لفظن ۾ ان جو بنياد انقلابي مارڪس ازم ھو، پر اھا ھڪ بدقسمتي ھئي ته نئين انٽرنيشنل جا بنياد سرمائيداري جي تاريخي عروج جي دور ۾ مضبوط ٿيا. معاشي ترقي جي ھڪ طويل دور ۾ سرمائيداريءَ لاءِ اھو ممڪن ٿيو ته مزدور طبقي يا پوءِ وري وڌيڪ درست لفظن ۾ ان جي مٿين حصن کي ڪجھ نوازي سگھجي. اھڙين حالتن ۾ آھستي آھستي ھڪ مراعت يافتا ليبر اشرافيا جو تاريخي جنم ٿيو.
سوشل ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن کي يقين ٿي ويو ته پنھنجا مقصد ھڪ انقلاب کان بغير به حاصل ڪري سگھجن ٿا. انھن کي يقين ٿي ويو ته آھستي، پرامن، درجي به درجي اصلاحاتن جي ذريعي مزدور طبقي جا مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا. انھن انھيءَ “عملي” سياست کي، انھن مطابق مارڪس ازم جي تاريخي طور متروڪ نظرين جي مقابلي ۾ بيھاري ڇڏيو، پر جيتوڻيڪ ھر يوم مئي تي طبقاتي لفاظيت جي روايت جاري رھي.
مارڪس جي سابق شاگرد ايڊورڊ برنسٽائن جھڙن فردن ان نظرياتي پسپائي کي نظرياتي بنياد فراھم ڪرڻ لاءِ مارڪس ازم ۾ ترميم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻئين (سوشلسٽ) انٽرنيشنل جي قومي اصلاح پسنداڻي زوال جو بنياد سرمائيداري جي معروضي حالتن ۾ لڪيل ھو جنھن سان اھو محسوس ٿيو ته ترميم پسند درست آھن، پر اصلاح پسندي جي سڄي عمارت 1914ع ۾ تڏھن ڊھي پٽ پئي جڏھن انٽرنيشنل جي اڳواڻن پھرين عالمي جنگ جي لاءِ فنڊ رکڻ لاءِ ووٽ ڏنو ۽ “پنھنجي” حڪمران طبقن جي سامراجي قتل عام جي حمايت ڪري ڇڏي. جنگ ۽ ان مان جنم وٺڻ واري روسي انقلاب، انقلاب ۽ رد انقلاب جي ھڪ نئين دور کي جنم ڏنو. ان مادي بنيادن تي ھڪ نئين مزدور انٽرنيشنل جو جنم ٿيو.
ڪميونسٽ انٽرنيشنل: 1914ع ۾ ئي لينن نتيجو اخذ ڪري ورتو ھو ته سماج جي تبديلي لاءِ ٻئين انٽرنيشنل ھڪ انقلابي اوزار مان ھڪ رد انقلابي اوزار بڻجي چڪي آھي. ھن نئين ٽئين انٽرنيشنل جو اعلان ڪيو، جيتوڻيڪ ته ان وقت بين الاقواميت تي قائم انقلابين جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ھو. عالمگيريت تي بيٺل رجحان عوام کان ڪٽيل ھو جيڪي سوشل شائونسٽ اڳواڻن جي اثر ھيٺ ھئا ۽ حب الوطني جي نشي ۾ ڌت ھئا. عظيم واقعا ئي ان صورتحال کي تبديل ڪري سگھن پيا. صورتحال جي تبديلي جو آغاز 1917ع واري روسي انقلاب سان ٿيو. لينن ۽ ٽراٽسڪي روسي مزدور طبقي جي اڳواڻي ڪندي مزدورن جي پھرين تاريخي رياست جي تعمير جو آغاز ڪيو ۽ 1919ع ۾ ٽئين (ڪميونسٽ) انٽرنيشنل جو باضابطا اعلان ڪيو. ان کي ڪومنٽرن (ڪميونسٽ انٽرنيشنل) جي نالي سان ڄاتو ويندو ھو ۽ اھا پنھنجي ٻن پھلوئن کان تاريخي طور تي بلند تر معيار تي بيٺي ھئي. IWA جيان ان جو ھڪ واضح انقلابي انٽرنيشنل پروگرام ھو ۽ ٻئين انٽرنيشنل جيان ان جا لکين ڪروڙين مزدورن ۾ بنياد موجود ھئا. لينن ۽ ٽراٽسڪي جي قيادت ۾ ڪميونسٽ انٽرنيشنل درست انقلابي راھ تي گامزن رھي. ائين لڳندو ھو ته عالمي انقلاب جي قسمت ھاڻي محفوظ ھٿن ۾ آھي. ليڪن خوفناڪ مادي ۽ ثقافتي پسماندگي جي موجودگي ۾ روسي انقلاب جي اڪيلائي، انقلاب جي افسر شاھاڻي زوال پذيري ۾ پنھنجو اظھار ڪيو. اسٽالن جي قيادت ۾ آفيسر شاھي جو ڌڙو خاص طور تي 1924ع ۾ لينن جي وفات کانپوءِ حاوي ٿيو. روس ۾ اسٽالن ازم جو اڀرڻ ٽئين انٽرنيشنل جي عظيم انقلابي امڪانن لاءِ زھر قاتل ثابت ٿيو. سوويت يونين جي اسٽالنسٽ تنزليءَ پوري دنيا ۾ موجود ڪميونسٽ پارٽين جي نا تجربيڪار ۽ نادان قيادتن جو گلو گهٽي ڇڏيو.
ھڪ ملڪ ۾ سوشلزم: 1928ع ۾ ٽراٽسڪي اھا اڳڪٿي ڪئي ته ھڪ ملڪ ۾ سوشل ازم جي “ٿيوري” جو آخرڪار انجام قومي بنيادن تي ڪميونسٽ پارٽين جي زوال پذيري ۾ نڪرندو، تاريخ ان اڳڪٿي کي اڄ سچ ثابت ڪيو آھي. ان ھڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي نام نھاد ٿيوري لينن ازم جي عالمگيريت سان واضح طور تي ناتو ٽوڙي ڇڏيو. اھا آفيسر شاھي جي تنگ نظر قوم پرستي جو اظھار ھئي جيڪا ڪميونسٽ انٽرنيشنل کي ماسڪو جي پرڏيھي پاليسيءَ جو فقط ھڪ اوزار سمجھندي ھئي. ڪومنٽرن کي سفاڪي سان پنھنجي مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ کانپوءِ اسٽالن 1943ع ۾ ھڪ ڪانگريس منعقد ڪرڻ جي فڪر ڪرڻ کان بغير ئي ان کي ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. ٽراٽسڪي ۽ ليفٽ اپوزيشن اسٽالنسٽ رد انقلاب جي خلاف آڪٽوبر انقلاب جي بي داغ روايتن جو پرچم بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ھو مزدورن جي جمھوريت ۽ عالمگيريت جي بنيادي اصولن تي مشتمل لينن ازم جي روايتن جو دفاع ڪندا رھيا، پر ھو تاريخ جي بي رحم وھڪري جي سامھون پاڻ جھلي نه سگھيا. 1938ع ۾ ٽراٽسڪي چوٿين انٽرنيشنل جو بنياد رکيو جيڪا ھڪ نئين نسل لاءِ بي داغ انقلابي روايتن جي امين ھئي، پر ٽراٽسڪي جي قتل کانپوءِ ان جي اڳواڻن جي غلطين جي ڪري اھا تباھ ۽ برباد ٿي وئي. ٽراٽسڪي جي رھنمائي کان بغير چوٿين انٽرنيشنل ختم ٿي وئي. ڏھاڪن پڄاڻان ھن تنظيم ۾ وڌ کان وڌ عجيب و غريب ۽ بي معنيٰ قسم جي تقسيم ۽ گروھ بندي وڃي بچي آھي. انھن نه ختم ٿيندڙ مونجھاري پيدا ڪرڻ ۽ ويڙھاڪ مزدورن جي نظر ۾ ٽراٽسڪي ازم کي بدنام ڪرڻ کان علاوہ ڪجھ به حاصل نه ڪيو. اڄ چوٿين انٽرنيشنل مان بس ان جي باني ٽراٽسڪي جا نظريا ئي بچيا آھن جيڪي پنھنجي سڀني تاريخي افاديت ۽ اھميت سميت موجود آھن. انھن نظرين کي اڻٿڪ محنت ۽ ڪوششن سان گڏ ٽيڊ گرانٽ مرحوم زنده رکيو ۽ اڄ عالمي مارڪسي رجحان انھن ئي مارڪسي روايتن جو امين آھي.
ڪميونسٽ پارٽين جي زوال پذيري: اسان پنھنجي نظرياتي وراثت تي فخر ڪيون ٿا، پر اسان کي حقيقتن جو ادراڪ به آھي. اڄ پھرين انٽرنيشنل جي بنياد پوڻ واري ڏينھن جي 150 سالن بعد معروضي ۽ موضوعي سببن جي بنياد تي انقلابي تحريڪ پوئتي پيل آھي ۽ حقيقي مارڪس ازم جون قوتون ھڪ ننڍي اقليت بڻجي پيون آھن. ان جا گھڻي قدر سبب معروضي حالتن ۾ ڳولھي سگھجن ٿا. ترقي يافته سرمائيداراڻي ملڪن ۾ ڏھاڪن جي معاشي خوشحالي ۽ ترقي پورھيتن جي عوامي تنظيمن کي تاريخي طور تي زوال پذير ڪري ڇڏيو آھي. ان انقلابي رجحان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھر ھنڌ اھو لاڙو اقليت ۾ به اقليت بڻجي پيو آھي. سوويت يونين جو خاتمو سابق اسٽالنسٽ اڳواڻن جي زوال تي آخري مھر ثابت ٿيو، جنھن مان گھڻن ئي سرمائيداري جي دٻاءُ سامھون پنھنجو ڪنڌ نوائيندي اعلانيل طور تي اصلاح پسندي جو دڳ ورتو، پر ان سڪي جو ٻيو پاسو به آھي. موجوده بحران سرمائيداري جو رجعتي ڪردار وائکو ڪري ڇڏيو آھي ۽ عالمي ڪميونزم جو جياپو ھڪ ڀيرو وري سرفھرست بڻجي پيو آھي.
تاريخ جو وهڪرو: ڏھاڪن تائين اسان تاريخ جي وھڪري جي خلاف جدوجھد ڪرڻ تي مجبور رھيا آھيون، مگر ھاڻي تاريخ جو وهڪرو تبديل ٿي رھيو آھي. ھر ھنڌ سڪون ۽ استحڪام جي سطحي ماحول ھيٺان زبردست غم ۽ ڪروڌ، ناراضگي، عدم اطمينان ۽ سڀ کان وڌيڪ مروج سماجي ۽ سياسي حالتن جي حوالي سان شديد پريشاني موجود آھي. آمريڪا ۾ به آبادي جي اڪثريت عدم اطمينان جو شڪار آھي ۽ موجوده حالتن تي سوال پئي اٿاري. ائين پھريان ڪڏھن به نه ٿيو ھو. حڪمران طبقي جون معاشي توازن قائم ڪرڻ جون تمام تر ڪوششون سماجي ۽ سياسي توازن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جو سبب بڻجي رھيون آھن. حڪمران طبقو ھڪ اھڙي بحران ۾ ڦاسي چڪو آھي، جنھن جو حل ان وٽ موجود ناھي، موجودہ حالتن کي ان ئي تناظر ۾ سمجھي سگھجي ٿو. بحران ھر پاسي ۽ ھر مظھر ۾ عدم استحڪام جي ذريعي پنھنجو اظھار ڪري پيو. معاشي، مالياتي، سماجي، سياسي، سفارتي ۽ عسڪري. ھن نظام وٽ ھاڻي انسانيت کي ڏيڻ لاءِ مسلسل اذيت، مايوسي، بيماري، جنگ ۽ موت کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناھي. لينن جي لفظن ۾ سرمائيداري نه کٽندڙ تباھي ۽ بربادي آھي. اھا تاريخ جي ستم ظريفي آھي ته مزدور طبقي جي پارٽين جي قيادت تباھ ۽ برباد سرمائيداري ۽ منڊي جي معيشت سان چنبڙيل آھي. جڏھن ته سڀ ڪجھ انھن جي اڳيان ختم ٿي رھيو آھي.
واحد حل: اھم مسئلو ھڪ ئي آھي، مسئلو قيادت جو آھي. 1938ع ۾ ٽراٽسڪي لکيو ھو ته انسانيت جو بحران، مزدور طبقي جي قيادت جو بحران بڻجي پيو آھي. اھا ڳالھ موجوده صورتحال جي مڪمل ترجماني ٿي ڪري. مارڪسي نظرين تي ٺوس عبور جي عدم موجودگي ۾ نام نھاد ليفٽ سوشلزم جي جدوجھد ترڪ ڪري ڇڏي آھي. ان جي جاءِ تي ھڪ عظيم خلا موجود آھي، پر سائنس اسان کي اھو سيکاري ٿي ته فطرت خلا برداشت ناھي ڪندي. ان بنياد تي اسان کي ھڪ ٺوس چئلينج درپيش آھي. محنت ڪش ۽ نوجوان سماج جي بنيادي تبديلي لاءِ تڙپي رھيا آھن، ليڪن پنھنجي جدوجھد جي لاءِ انھن کي ڪو منظم اظھار نٿو ملي. ھر قدم تي انھن جو رستو پراڻيون آفيسر شاھي تنظيمون ۽ قيادتون روڪي ويٺيون آھن، جيڪي ڪنھن عرصي کان وٺي سوشل ازم جي جدوجھد جو ڏيکاءُ به ختم ڪري چڪيون آھن. پوري دنيا ۾ سرمائيداري جي بحران جي بنياد تي طبقاتي ويڙھاڪن جو ھڪ نسل تيزي سان پروان چڙھي پيو. ان سان عوام ۽ خاص طور تي نوجوانن جو شعور تيزي سان تبديل ٿي رھيو آھي. برطانيه، آمريڪا، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ موجوده رائي شماري اها وضاحت ڪري ٿي ته ڪميون ازم جا نظريا تيزي سان عام ٿي رھيا آھن. انھن نوجوانن کي قائل ڪرڻ جي ضرورت ناھي. اھي پھريان ئي ڪميونسٽ آھن، پر انھن کي موجوده تنظيمن جو ڪوبه متبادل نظر نٿو اچي، ان جي ابتڙ اھي نوجوان انھن کان پري ٿي رھيا آھن. اھي ھڪ بي داغ پرچم جي ڳولها ۾ آھن. ھڪ اھڙي تنظيم جيڪا اصلاح پسندي جي غداري ۽ بزدل “ليفٽ” موقعي پرستي کان مڪمل طور تي الڳ، ممتاز ۽ منفرد ھجي. ڪميون ازم جي لاءِ عظيم امڪان موجود آھن. اسان جو ڪم انھن امڪانن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ آھي، پر اھو فرض ڪيئن سرانجام ڏنو ويندو؟ اسان کي ھڪ شديد تضاد درپيش آھي. مارڪس جي نظرين جي اڄ جيتري قدر اھميت ۽ افاديت بڻجي چڪي آھي، ايتري تاريخ ۾ پھريان ڪڏھن نه ھئي، پر نظريا پنھنجو پاڻ ۾ ڪافي نه ھوندا آھن. اسان کي ڪميونسٽن جي ان نئين نسل کي ڳولھي ان سان جڙڻ لاءِ نوان قدم کڻڻا پوندا ته جيئن اھي اسان جي پرچم ھيٺان متحد ٿين. ان جو لازمي مطلب اھو آھي ته اسان انھن نظرين کي ٺوس تنظيمي اظھار ڏيون. ھڪ نئين انٽرنيشنل جي ضرورت ڪا خام خيالي ناھي ۽ نه ئي اھا ڪنھن موضوعي خواھش يا بي سمجھ بي صبريءَ جو اظھار آھي. اھا ئي واضح طور تي ھڪ نئين دور ۽ وقت جي اھم تقاضا آھي. ڇا اڄ اھڙي بيباڪ قدم کڻڻ لاءِ وقت موزون آھي؟ يقينن ڪجھ فردن لاءِ ڪڏھن به ڪو وقت موزون ناھي ھوندو. اھي فيصلا موخر ڪرڻ لاءِ ھميشه ھڪ ھزار ھڪ بھانا ٺاھي ايندا آھن، پر اسان لڏندڙ ۽ غير يقيني واري صورتحال ۾ ڪو پروگرام يا ڪا پاليسي تشڪيل نٿا ڏئي سگھون. اھو اعتراض اٿاري سگھجي ٿو ته ھن وقت ھي قدم کڻڻ لاءِ اسان جو تعداد انتھائي گھٽ آھي، پر تاريخ ۾ ھر انقلابي تحريڪ جو آغاز ھڪ ننڍي ۽ غير اھم اقليت جي طور تي ئي ٿيو آھي. 1914ع ۾ لينن وٽ موجود قوتون دل ٽوڙيندڙ حد تائين ننڍيون ھيون، پر اھو نئين انٽرنيشنل جي ضرورت جو اعلان ڪرڻ وقت ھڪ لمحي لاءِ به ھچڪچاھٽ جو شڪار نه ٿيو. ان وقت به ڪيترائي خدشا موجود ھئا جن جو اظھار ان جي پنھنجن حامين به ڪيو، پر تاريخ وضاحت ڪري ٿي ته ان جو فيصلو درست ھو. اھا ڳالھ درست آھي ته اڄ درپيش تاريخي فرضن جي مقابلي ۾ اسان جون قوتون انتھائي گھٽ آھن ۽ ان حوالي سان اسان ڪنھن به قسم جي غلط فھمي ۾ ناھيون، پر صورتحال ھاڻي کان ئي تيزي سان تبديل ٿي رھي آھي. اسان کي اھم ڪم ڪرڻو آھي ۽ اھو ڪم، جيڪو ھاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي رھيو آھي. ھاڻي کان ئي اھم ڪاميابيون حاصل پيو ڪري. ان جو واضح اظھار “ڇا توھان ڪميونسٽ آھيو؟” ڪيمپيئن سان ٿي رھيو آھي. اسان ھر ھنڌ تيزي سان وڌي رھيا آھيون، ھي ڪو حادثو ناھي. اسان ھاڻي تاريخ جي وھڪري سان گڏ تري رھيا آھيون. سڀ کان اھم ڳالھ اسان جا نظريا درست آھن. حتمي طور تي اھا ئي ڪاميابي جي سڀ کان وڏي ضمانت آھي. ھن وقت ھڪ حقيقي ڪميونسٽ پارٽي جي ضرورت آھي جنھن جا بنياد لينن ۽ ٻين عظيم مارڪسي استادن جا نظريا ھجن ۽ ھڪ اھڙي انٽرنيشنل موجود ھجي جيڪا ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پھرين پنج سالن جي طرز تي منظم ھجي. اسان پنھنجي لاءِ ھدف طئي ڪيو آھي. اھو انتھائي اھم ۽ پڪو فريضو آھي جنھن لاءِ ھڪ لمحو به دير نٿي ڪري سگھجي. سخت ترين حالتن ۾، ھڪ ننڍي ۽ معمولي ابتدا کان بعد IMT اڄ اھڙي تنظيم بڻجي چڪي آھي جنھن جا ڪيترن ئي ملڪن ۾ ھزارين مزدور ۽ نوجوان ميمبر آھن. اھا ھڪ تمام وڏي ڪاميابي آھي، پر اھو صرف آغاز آھي. ھاڻي وقت اچي چڪو آھي ته فيصلائتو قدم کڻجي، معنيٰ ته انقلابي ڪميونسٽ انٽرنيشنل قائم ڪجي. اسان ھر ان مزدور ۽ نوجوان کي اپيل ٿا ڪيون، جيڪو اسان جي ھن عالمي سوشلزم کي ڪامياب ڪرڻ جي حتمي مقصد سان متفق آھي، ته اسان جو ساٿ ڏئي.