ورهاڱي کان اڳ سنڌي واپارين جو پرڏيهه ۾ واپار
ڪيترين صدين کان دنيا ۾ پرڏيھ اندر ٿيندڙ واپار ۾ ھندو واپارين جو ڪردار رھيو، جيتوڻيڪ انھن سان گڏ ڪجھ مسلمان تاجر پڻ ھوندا ھئا، پر اھي اٽي ۾ لوڻ برابر ھئا، پر تاريخ انھن جو ذڪر ضرور ڪيو آھي. تاريخ ۾ اھو ذڪر پڻ آيل آھي ته ڏکڻ ايشيا جي واپارين دنيا ۾ پنھنجي سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ پنھنجون ڪالونيون پڻ ٺاھيون جتي ھو اچي ترسندا ھئا، اھڙو ذڪر ڪتابن ۾ آيل آھي. جيئن شڪارپور شھر جو پڪو قلعو جيڪب آباد واري رستي تي آھي جيڪو پرڏيھي واپار واري رستيSilk Route تي ھو، جيڪو اڳتي سمر قند ۽ بخارا ڏانھن وڃي ٿو، بخارا سينٽرل ايشيا جو پراڻو شھر آھي، جيڪو ازبڪستان ۾ واقع آھي، اھو سلڪ روٽ تي ھڪ اھڙو اھم شھر آھي جيڪو دنيا جي مشرقي حصي کي مغرب سان ملائي ٿو. تاريخ ۾ لکيل آھي ته ان شھر ۾ سن 9 کان 17 ھجري تائين اتي ڪاروان سراءِ، مسجدون ۽ مدرسا پڻ ٺھيل آهن جيڪي پرڏيھي واپارين جي سھولت خاطر ٺاھيا ويا ھئا. ننڍي کنڊ جي انھن واپارين جي ھندي وڏي سمند ۽ چين جي سامونڊي رستي تي وڏي اچ وڃ رھندي آئي، اھي گجرات کان ان وقت ڪوٺجندڙ ڪورو منڊل ساحل جيڪو خليج بنگال طرف آھي، ڪورو منڊل شري لنڪا ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ وڻ جو نالو آھي جيڪو دنيا ۾ عمارتي ڪاٺ جو بھترين نمونو آھي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي طلب سڀ کان وڌيڪ ھئي. اھي ڏکڻ ايشيا جا واپاري زميني رستن تان ھلندا ايران ۽ تھران کان اڳتي وڃي پناما تائين دنگ ڪندا ھئا. پناما سينٽر آمريڪا جي ملڪ جو قديمي شھر آھي، جنھن جو بنياد سن 1519ع ۾ وڌو ويو، پر ھن شھر کي ھڪ حڪمران ھينري مورگن قبضو ڪري ڦري لٽي باھ لڳائي ساڙائي برباد ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ سن 1673ع ۾ ان شھر جو ٻيھر بنياد وڌو ويو، جيڪو پراڻي شھر کان اٺ ڪلو ميٽر پري اڏيو ويو، ليڪن پراڻي شھر جا آثار اڄ به موجود آھن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ ويندا آھن. تاريخ ۾ رقم ٿيل آھي سينٽرل ايشيا جا واپاري زميني رستن تي 15 صدي عيسويءَ کان انھن واپاري رستن جا پانڌيئڙا ھئا. مغلن جي دور حڪمرانيءَ دوران 18ع صديءَ جي وچ واري دور ۾ اتر سنڌ جي ھڪ ننڍڙي شھر شڪارپور جي واپارين کي ايترو وڻيو جو انھن مان ڪجھ خاندانن اتي مستقل سڪونت اختيار ڪئي جنھن مان اھو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته شڪارپور ۾ افغان ۽ پٺاڻ جيڪي ھتي بلڪل سنڌي ٿي ويا آھن سندن ذاتيون تشخيص لاءِ وڃي بچيون آھن ارڙھين صديءَ ۾ اچي شڪارپور ۾ آباد ٿيا ھوندا. شڪارپور شھر کانپوءِ 1860ع ۾ سنڌ جو ھڪ ٻيو شهر اڀري نروار ٿيو جنھن جو نالو حيدرآباد آهي، جيڪو ھن گھڻ ملڪي واپار ۾ حصيدار بڻيو ۽ اسان بخوبي چئي سگھون ٿا ڏکڻ ايشيا جي پرڏيھي واپار ۾ سنڌ جا اھي ٻئي شھر دنيا جي واپاري نظام ۾ حصيدار رھيا جنھن جو سھرو سنڌين جي مٿي تي آھي. ڪجھ محقق ان راءِ سان متفق ناھن ته 1947ع کانپوءِ سنڌي واپاري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھتا. ھڪ عرب تاريخدان لکيو آھي ته پراڻو بندرگاھ جيڪوPersian Gulf ۾ واقع ھو ان جو نالو صراف ڪوٺيو ويو ھن جي لکڻيءَ مطابق ھن صراف جي بندرگاھ تي ڏکڻ ايشيا جا واپاري ٻيڙا پڻ ڏٺا جيڪي ھندو واپارين جا ھئا ۽ اتي مسلمان واپارين جا ڪاروباري ٻيڙا به ايندا ھئا جيڪي صراف ۽ عمان کان ايندا ھئا، اتي چين جي واپارين سان ڏيتي ليتي ڪندا ھئا. تاريخ ۾ ھڪ شھر جو نالو ڪالاڻيkalah جو ذڪر پڻ آھي. آثار قديم جي ماھرن مطابق اھو شھر ڪاخائو آئلينڊ ٽاڪوپا جي نزديڪ ڏکڻ ٿائلينڊ ۾ اچي وڃي ٿو، تاريخ ۾ اھو ذڪر به اچي ٿو ته سنڌي واپاري ڪينري آئلينڊ تائين به ڪاروبار سانگي ويندا ھئا، انھن ٻيٽن ۾ اسپينش خود مختيار ڪميونٽي رھندي ھئي اھي ٻيٽ موراڪو کان لڳ ڀڳ 100 ڪلو ميٽر پري ھوندا ھئا. ھندستان جا واپاري جن ۾ سنڌي ھندو واپاري پڻ ھوندا ھئا اھي چيني سمند جي ڏکڻي پاسي ايندا ويندا رھندا ھئا ۽ تاريخ ۾ اھو پڻ ذڪر آيل آھي تهQuanzhou Zaiton ۾ ھندن جو مندر پڻ نظر اچي ٿو. تاريخ ۾ اھو ذڪر به آھي ته مسقط ۾ ھندو واپارين جي ڪالوني پڻ ھئي جتي ھندو واپاري قيام ڪندا ھئا. انھن ھندن جو تعلق لوور سنڌ جي شھر ٺٽي سان ھوندو ھو ۽ آھي ذات جا ڀاٽيا ھئا، اھو ذڪر سن 1500ع جي دور جو ڪيو ويو آھي. سنڌي ھندو واپارين جو مسقط جي واپارين سان گھرو تعلق ھو، اھڙيءَ طرح گجرات جي واپارين جو گھڻو واپاري لاڳاپو ري عدن جي بندر ۽ مالاڪا جي بندر وارن واپارين سان ھو، انھن سڀني ڏسندين مان اھو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سامونڊي ٻيڙن رستي سموري ونھنج واپار تي ھندستان جي ھندن ۽ مسلمان واپارين جو چڱو خاصو اثر رسوخ ھو، پر ھندستان ۾ پورچوگيزن اچي کينس شروع ڪئي ۽ انھن ھندستاني ھندو ۽ مسلم واپارين کي ڪاروبار تان بيدخل ڪرڻ چاھيو، پر ارڙهين صديءَ تائين انھن ھندو واپارين سان گڏ سورت، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ شھر جي واپارين جو سامونڊي واپار تي اوج رھيو، ننڍي کنڊ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو واپار جي بھاني داخل ٿيڻ کانپوءِ به ڪيتري عرصي تائين مسقط سان سامونڊي واپار جو ونھوار ٺٽي جي ڀاٽيا خاندان، حيدرآباد جي کوجن جو گھڻو حصو رھيو. ارڙهين صديءَ ۾ ئي آفريڪا پرڳڻي ۾ زنزيبار اندر پڻ محدود پيماني تي پر ھندستاني واپارين جو حصو رھيو. ارڙهين صديءَ ۾ عربي سمنڊ جي ٻن بندرن دبئي ۽ ابوظھبي بشايئر، بندر عباس تائين ان کان اڳتي روس جي حدن اندر استرا خان ڀرسان تبت ڪئپسين سمنڊ تائين آمدرفت جاري رھي. سنڌي ھندو واپارين وٽ ناڻي جي مٽاسٽا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين رقمون پھچائڻ لاءِ ھڪ مربوط نظام ھو جنھن کي ھنڊي چوندا ھئا. ھن نظام تحت ھندستان جي ڪھڙي به خطي مان دنيا جي ڪنھن به کنڊ تائين پئسا منتقل ڪري سگھبا ھئا. ھندستان مان اھي پئسا جيڪي پرڏيھ منتقل ڪرڻا ھئا اھي ھندستاني شاھوڪار جي حوالي ڪندا، شاھوڪار انھن مان پنھنجي ڪميشن طئي ڪري پئسن موڪلڻ واري ماڻھو کي ھڪ ڪاغذ جو ٽڪرو نشانيءَ طور ڏيندو ھو، اھو گھربل ملڪ اندر واپاري ان ملڪ جي ايجنٽ کي اھو ڪاغذ جو ٽڪر نشانيءَ طور (ھن کي قديم دور جو پاسورڊ چئجي ته غلط نه ٿيندو) ڏيندا ھئا ۽ گھربل رقم وٺندا ھئا. انگريزن جڏھن ھندستان تي قبضو ڪري ورتو، ان جي باوجود ھو دنيا جو واپار ان مروجه ھنڊي ذريعي جاري رکيو جيستائين ھنن باقائدي خزاني، آفيس ۽ بئنڪن جي نظام کي مروج نه ڪيو.
ھندستان ۾ انگريزن جو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي تي قابض ٿيڻ سان ڇا ٿيو؟
ارڙهين صديءَ ۾ دنيا ۾ وھنج واپار کي سمجھڻ وارا اھو سمجھي چڪا ھئا ته ھندستان جي معيشت جو يورپ جي معيشت تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو، تنھنڪري ھنن چاھيو ته دنيا جي معيشت کي پنھنجي ھٿ ھيٺ رکجي ۽ فائدو حاصل ڪجي. ھندستان جو واپار صدين کان دنيا جي سڀني خطن سان ھلندڙ رھيو، پر گورن جي اچڻ کانپوءِ اھو گھٽجندو پئي ويو جيڪو انگريزن جي ڪالونائيزيشن کانپوءِ ھندستان اندر واپاري ڌڙا اڀريا انگريزن دنيا سان واپار پنھنجي مقصدن جي حصول خاطر پنھنجي نگرانيءَ ھيٺ ھلائڻ پئي چاھيو، پوءِ اوڻيھين صديءَ کان اڳ ئي دنيا ۾ واپار جو نظام بنئڪن جو نظام جيڪو ھندستاني واپارين دنيا جي واپارين سان گڏجي ٺاھيو ھو، خود ايسٽ انڊيا ڪمپني مجبور ٿي پئي ھئي ته اھا ان کي جاري رکي ھڪ ليکڪ جيڪو محقق به آھي سندس نالو آھي ڪلاڊ مارڪووٽزClaude Markovits ھن پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي ته شڪارپور ۽ حيدرآباد جا سنڌي واپاري بنھ مختلف ۽ تيز ھوندا ھئا جيڪي سڄي دنيا ۾ ناڻي جي مٽاسٽا ۽ پھچائڻ جا ماھر ھئا جن تي اعتبار ڪندي سڄي دنيا جا پرڏيھي واپاري سندن خدمتون حاصل ڪندا ھئا، جنھن زماني ۾ سنڌ جو واپار ڪنڌار سان ھو ته دراني سنڌ تي ڪاھي آيا ۽ اچي اتر سنڌ تي قبضو ڪيائون سندن مقصد سنڌ جي ڦرلٽ کانسواءِ ٻيو ڇا پئي ٿي سگھيو. ھنن پنھنجي حڪمرانيءَ جي دور ۾ ڪنڌار سان گڏجي خوب پئسو ڪمايو. سنڌ ۾ دراني جو زوال آيو ته گورن پھريان ناڻي جي مٽاسٽا لاءِ پھريان پنج يا ڇھ سال ان ساڳي نظام کي رائج رکيو، پر سن 1820ع ۾ انگريزن هڪ Treasury System جوڙيو ۽ ملڪ کي ھلائڻ لاءِ ملڪ اندر شاھوڪار ۽ صراف طبقي کي پابند ڪيو ته ھو انگريز فوجن جي خرچ پکي لاءِ خزاني ۾ رقم جمع ڪرائين. دنيا اندر ھندستاني واپارين جو حصي گھٽ ٿيڻ جو سبب سندن ڪوتاھي ڪونه ھئي، پر گورن جي اچڻ کانپوءِ سندن سڄي سسٽم کي تبديل ڪرڻ جي ڪري ھو گورن کي مڌيه پرديش جي اندر ڏکڻ اوڀر طرف آھي جيڪو بادشاھ (ڀوجا اجين) جي حڪمراني تحت ھو، اتي پُست ڪڻ (ڏوڏي) جو فصل ٿيندو ھو، انھن جي ڪاروبار ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمايو ويندو ھو، ان کي جاري رکڻ لاءِ اتان جا شاھوڪار مارواڙي ۽ گجراتي ھارين کي ايڊوانس رقم ڏيندا ھئا ته ھو آفيم جي ٺاھڻ واري پُست جي ڏوڏيءَ جي پوکي جاري رکن. انگريزن جا سھولتڪار جيڪي ڪلڪتي ۾ رھندا ھئا اھي خود چاھيندا ھئا ته اھو ڪاروبار جاري رھي، ان کي ملڪ کان ٻاھر اسمگل ڪرڻ جو ڪم وري ممبئي ۽ احمدآباد جا واپاري ڪندا ھئا. اھا ڊرگ ڪاروان ذريعي پورچوگيزن جي بندرDaman and Diu جي ذريعي چين ڏانھن اماڻي ويندي ھئي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ان ۾ ايتري مداخلت ڪئي جو ان کي ٻيھر نئين رستي ڏانھن موڙيو ويو ته جيئن پراڻن اسمگلرن جي ھڪ ھٽي ختم ڪئي وڃي. پوءِ ھنن ان کي راجپوتانا ذريعي سنڌ جي رستي اسمگل ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪاروبار ۾ ڪنھن ننڍڙن واپارين جو ھٿ نه ھو بلڪه برطانيه جي وڏي بزنس ڪندڙ اداريJardine جو ھٿ ھو ۽ ڪجھ ھندستاني پارسي به ڀاڱي ڀائيوار ھئا. سن 1858ع کان سن 1914ع تائين ھندستان جو واپار مڪمل طور تي انگريز سرڪار جي قبضي ۾ اچي چڪو ھو. انگريزن جڏھن ڪراچيءَ جو جائزو ورتو ته کين اھو نظر آيو ته بندر ھجڻ جو فائدو برٽش انڊيا کي ملڻ گھرجي، جنھن ڪري کين ڪراچيءَ کي مال موڪلڻ لاءِ بندر تيار ڪرڻو پيو. انگريزن پھريائين توجهه پنجاب ڏانھن راغب ڪئي جتان کين اناج گھڻو ميسر ٿي آيو، پوءِ ھنن ھڪ اھڙي ترڪيب ڪئي ته سنڌ کي ممبئي سان جوڙيو، اھو فيصلو ھنن سن 1847 ۾ ڪيو ته جيئن گورا اتاaن ويهي سنڌ تي ھر طرح سان راڄ ڪري سگھن ۽ برطانيا لاءِ مال ڪٺو ڪري سگھن. تنھنڪري ھنن سنڌ جي پوکيءَ جي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ ايريگيشن سسٽم تيار ڪيو ۽ جديد طرز تي ڪراچيءَ جو بندرگاھ تيار ڪيو. پنجاب تائين ريلوي لائينون وڇائڻ جو انتظام ڪيو، جيئن مال جي پھچ ساري پنجاب مان ڪراچي بندر تائين آسان بڻائي سگھجي. جڏھن گورن کي ان نظام جوڙڻ مان سٺا نتيجا ملڻ لڳا ته پوءِ ھنن سن 1860ع ۾ ڪراچيءَ اندر چيمبر آف ڪامرس جو بنياد وڌو. ڪراچيءَ جو ڪاروبار جڏھن بھتر ٿيڻ لڳو ته ھندستان مان خاص ڪري ممبيءَ مان پارسي سرمائيدارن ۽ ٺيڪيدارن ڪراچي اچڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجو ناڻو واپار ۾ انويسٽ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچيءَ جي ڪاروبار ممبئي جي واپارين جي چاندي ڪري ڇڏي ھاڻي ته ممبئي مان يھودي واپاري گجرات جا ھندو واپاري پڻ ڪاروبار سانگي ڪراچيءَ واسي ٿيا جن جي اچڻ کانپوءِ ڪراچي جي اصلي واپارين کي ھڪ آرگنائزڊ ٽريڊرس سان مقابلو ڪرڻو پيو، جنھن جي پٺڀرائي خود ممبئي سرڪار ڪري رھي ھئي، جنھن ۾ برطانيه جا واپاري ادارا Firms پٺڀرائي ڪري رھيون ھيون.
شڪارپور ۽ حيدرآباد سنڌ جي ھندو ۽ مسلمان واپارين متعلق ڪجھه تفصيل:
شڪارپور جا واپاري بخارا اندر ڪافي تعداد ۾ ويندا رھيا، ھو اتي ھڪ ٻه سال رھي واپس موٽي ايندا ھئا. اتي ھنن جو ھنڊيءَ جي ڪاروبار ڪافي مشھو رھيو. جيئن ته سنڌ جي راڄڌاني ملتان تائين ھئي، تنھنڪري ملتان جا واپاري پڻ سنڌي سڏائيندا ھئا. جنڊيءَ جي ڪاروبار ڪندڙن کيShroff’s شروف يا سنڌيءَ ۾ صراف ڪوٺيو ويندو ھو، اھڙي طرح بينڪ رکيSahukar يا شاھوڪار ڪري سڏيو ويندو ھو. سنڌ جا صراف افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي پرڳڻي ۾ ڪافي آباد ھئا. افغانن پنھنجي تاريخ ۾ ذڪر ڪيو آھي ته سندن ملڪ ۾ 903 دڪان آھن جيڪي ھندو شاھوڪارن ۽ واپارين جا آھن، جتي ھر قسم جو وکر وڪامبو آھي. انھن ۾ صراف ھنڊيءَ وارا يا مني چينجر Money changer، 66 ھئا. تاريخ ۾ لکيل آھي ته انھن ۾ تمام گھڻا شاھوڪار صرف شڪارپور مان ھئا جن جا نالا پڻ ڏنل آھن، جيت سنگھ، رام داس، دوارڪا داس، چمن داس، ديا رام لوھاڻا ۽ نارائڻ داس ڀاٽيا آھي. ڪتاب ۾ اھو به درج آھي ته جيت سنگھ ڏسڻ مان ئي ھڪ امير رک رکاءُ وارو بينڪر لڳندو ھو ۽ رام داس ھڪ پڪو بي رياءُ شاھوڪار لڳندو ھو، جيڪي ڪاروباري ڪاروان سينٽرل ايشيا کان ٿيندا افغانستان ڏانھن ويندا ھئا، انھن سان افغاني ڪاروباري به ساڻ ھلندا ھئا جن کي Lohanis لوهاڻي ڪوٺيندا ھئا. سنڌي واپاري انھن کي ڪجھ ڪميشن ڏيندا ھئا جن کي ھو ساڻ کڻندا ھئا انھن جو تعلق پشتو قبيلن سان ھو جيڪي اٺن جي ڪاروان کي سنڌ، پنجاب کان ڪابل تائين ڪاروان جي نگهباني ڪندا ھلندا ھئا.
…(هلندڙ)…
***


