داستانِ گل (داستان ويهون)
”ڪئمپس ڪهاڻي: ٻه پُراسرار موت“ مان اقتباس
منهنجي ذاتي اطلاعن موجب اشوڪ ڪمار جا دشمن خود سندس هم جماعت Colleagues ۽ همعصر استاد هئا، جيڪي هن جي بيباڪ روشن خيالي، ترقي پسند سوچ، باضمير آواز ۽ غير سياسي وابستگين کان ڊنل هئا ۽ اُن وقت جي سرڪاري شاگرد تنظيم جي سربراهه جي هڪ ڀاءُ پروفيسر جي مفادن جو ٽڪراءُ اشوڪ ڪمار جي نوڪريءَ ۽ ترقيءَ سان ٿي رهيو هو! اها خبر عام هئي. هي منهنجيون ساروڻيون آهن ته منهنجي ذاتي تجربن تي آڌاريل پر مان پنهنجي بيان جي تائيد ۽ تصديق لاءِ احمد خان جماليءَ جي ڪتاب جي صفحي 75 جو وري به حوالو ڏيندس جنهن ۾ هو بحيثيت شاگرد جي پنهنجن اکين ڏٺل واقعن جو تاثر هيئن بيان ڪري ٿو: ”صرف اِهو افواهه ٻڌڻ ۾ آيو ته اشوڪ ڪمار کي. ”مانجهند جي ڀرسان پوليس يا ڪنهن ٻئي اداري جي اهلڪارن ماري ڇڏيو هو. ان وقت سائين اشوڪ ڪمار جي شاديءَ کي ڏهه مهينا مس گذريا هئا ۽ سندس گهرواري ”اُميد“ سان هئي“ ان قهري واقعي يا واردات جا مُحرڪ ڪهڙا هئا ۽ ڪنهن اهو ظلم ڪيو. ان بابت جمالي صاحب بظاهر لاعلميءَ جو عجب اظهار ڪري ٿو يا مصلحتن نٿو بيان ڪري، پر وري به خار ۾ چئي ٿو ته: ”ڪنهن اِهو ظلم ڪيو، ان ڳجهارت يا راز تان اڃا تائين پردو هٽي نه سگهيو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ عام سنڌ واسين کي ان سلسلي ۾ ڪابه ڄاڻ نه آهي“.

