ڳچ سالن جي ڳالهه آهي ته ڪنهن جهنگ ۾ نديءَ جي ڪناري تي آباد ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ سوداگر يعقوب نالي رهندڙ هو، جنهن جو ڪم اهو هو ته هُو چڱو سارو سامان پنهنجي ٻن ڍڳن جي پٺيءَ تي وجهي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڪڻڻ لاءِ ويندو هو، انهيءَ وَکر ۾ ڳوٺ کان ويندي ته گهٽ سامان هوندو هئس، جيئن ڳُڙ، سچو گيهه، ماکي ۽ ٻيون شيون، پر اهي جهجهي مقدار ۾ هئڻ سبب کيس ڪافي پئسا ملي ويندا هئا. هُو وري انهن پئسن مان شهرن جون اهڙيون شيون جيڪي ڳوٺن ۾ کپنديون هجن سودي ٻين ڳوٺن ۾ وڪڻي وڌيڪ پئسا ٺاهي ويهن ڏينهن کانپوءِ گهر واپس ايندو هو، سندس پٽ هارون پڻ هاڻي وڏو ٿي رهيو هو. سوچيائين ان کي به اڳيان انهيءَ سوداگريءَ ۾ لڳائيندس. سال کن کانپوءِ هارون کي پڻ وٺي وڃڻ لڳو. هارون کي شهر ۾ ته ڏاڍو مزو آيو. پڻس سمجهايس ته “بابا پاڻ سامان سودڻ آيا آهيون گهڻو وقت رهي ڪونه سگهنداسين. پنهنجي کاڌي پيتي کانسواءِ ڍڳن کي به چارو کپي شهر ۾ ته هر شيءِ مهانگي آهي. پاڻ کي پورو ئي ڪونه پوندو ان ريت کيس واپس جلدي وٺي ايندو هو. هڪ دفعي يعقوب کي تيز بخار سبب اها قوت ئي نه هجي جو هارون سان گڏ وڃي سگهي. نيٺ پٽ کي چيائين ته “مون ۾ هن ڀيري توسان گڏ هلڻ جي سگهه ڪانهي ان ڪري ٻئي ڍڳا ڪاهي تون وڃ، جي سمجهين ته ڏکيائي ٿي ٿئي ته سگهو ورڻ جي ڪج” ڇوڪر هائوڪار ڪئي هن کي به شهر جو شوق کنيو بيٺو هو سو تياري ڪرڻ لڳو ٻن ڏينهن ۾ ڳوٺ مان سڄو سامان سودي ڍڳن کي ڪاهي شهر ڏي روانو ٿيو، جتي پهچي دل ٿيس ته هتي ئي وڻج واپار پيو ڪريان ته جيئن وڌيڪ پئسا جُڙي وڃن، خوش ٿي سامان سودڻ ۽ وڪڻڻ لڳو ڏهه ڏينهن لنگهي ويا. بابي جي نصيحت ياد آيس چڱا پئسا به گڏ ٿي ويا. سو واپس موٽڻ جي ڪيائين. شهر مان خاصو سامان وٺي ڍڳن مٿي رکي هلڻ لڳو، ڳوٺ کي ويجهو جهنگ وٽ ڪاري ڍڳي اڳيان وڌڻ کان جواب ڏنو. شهر ۾ هو ڍڳن کي کاڌو به صحيح کارائي نه سگهيو هو ته انهن ۾ طاقت گهٽ هئي. انهن جو خيال ڪرڻ ضروري هو. کيس وري پيءُ جيترو تجربو ڪونه هو. حالانڪه اهي ئي ڍڳا هئا جن مٿي سندس خريد ڪيل مال سٿيل هو. ڪارو ڍڳو ڪجهه ڪمزور هئڻ ڪري صفا زمين تي ويهي رهيو. کانئس سامان بلڪل نه کڄي هاڻي ته هارون فڪرمند ٿي ويو. کيس اها پَڪَ هئي ته ڍڳو ڳوٺ جي ويجهو پهچي چڪو آهي ان ڪري گم ڪونه ٿيندو نه ئي ڳوٺ جا ماڻهو سندس ڍڳو چورائيندا. ان ڪري سٺو انهيءَ ۾ آهي ته هن ڍڳي کي هتي ئي ڇڏي انهيءَ جو سامان اڇي ڍڳي مٿي رکي گهر وڃجي. ڪارو ڍڳو جيئن ئي سامان کان آجو ٿيو ته هيڪاري مِکر ڪري زمين تي گيلاٽيون کائڻ لڳو. هارون کان قصو زور ٿي چڪو هو. هن سامان بچايو ۽ اڇي ڍڳي تي اهو ٻيو وزن وجهي آهستي آهستي ڳوٺ ڏي هلڻ لڳو. دل ۾ پڪو پهه ڪيائين ته صبح سوير اچي هن ڍڳي کي هتان وٺي ويندس. ڳوٺ پهچي پريشان ٿي ويو. پڻس تي ته بخار جا مَچَ هئا تَپ ۾ پئي ٻريو. اڇي ڍڳي تان سامان لاهي. پڻس کي حڪيم ڏي وٺي ويو. جنهن تپاسي چيس ٻه ڏينهن دوائون ڏيو جي فائدو نه ٿئي ته شهر ۾ ڊاڪٽر کي به ڏيکاريو. هارون کي مهلت ئي ڪونه ملي ته وڃي ڍڳي کي وٺي اچي. جيئن ئي هارون ويو ڪارو ڍڳو زمين تان اٿي جهنگ جي ان پاسي ويو جتي پاسي کان ٿورو پرڀرو ندي هئي. هُو آسپاس گاهه ۽ ميوا کائي پاڻي پي صحتمند ٿيڻ لڳو. اڳ ۾ جو مالڪ کان مار ملندي هئس ۽ وزن پيو ڍوئيندو هو ان کان به جان ڇُٽيس. کائي پي مست ٿي لئه ۾ اچي وڏا آواز ڪڍڻ لڳو. ڄڻ جهنگ جو بادشاهه هجي. تحقيق جهنگ جو شينهن بادشاهه سندس رانڀاٽن تي ڊڄي ويو. جهنگ جو بادشاهه حيران هو ته هيءُ ڪهڙو جانور آهي؟ جو هن هتي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو ۽ ٻيا سڀ جانور ته شينهن بادشاهه جا تابعدار هئا هيءَ ڪهڙي جزا آهي؟ ٻين کان پڇڻ به گهٽتائي ٿي سمجهيائين ته چوندا، “ڪهڙو بادشاهه ٿو سڏائي جو کيس پنهنجي جهنگ جي رعايا جي به خبر ڪونهي.” ان ڪري ماٺ ڪري ويهي رهيو سندس اندر ۾ ڍڳي جي دهشت پيدا ٿي چڪي هئي. چپ چپ رهڻ لڳو. پنهنجي غار مان به نه نڪري ته متان. انهيءَ نئين جانور سان منهن مقابل ٿيڻو نه پويس.