ٿر ۾ مفت ڪڻڪ ورهائڻ لاءِ خاندان جي وڏن جي لسٽ تيار

ٿر اندر ڏڪار جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مفت ڪڻڪ ورهائڻ لاءِ صوبائي حڪومت پاران 67905 خاندان جي وڏن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي. اهڙيون ڳالهيون سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ ٿر ۾ ڊي سي هائوس اندر ٿيندڙ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيون. هن موقعي تي  پريس ڪانفرنس ۾  هن سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ايم پي اي قاسم سراج به موجود هئا. جنهن پريس ڪانفرنس کان اڳ ٿر جو دورو ڪري اتان جي سموري صورتحال جو جائزو ورتو. هن دوري ۾ سول اسپتال ۽ گودامن جو جائزو به ورتو ويو، ته جيئن ڪڻڪ جي ورهاست جو اندازو لڳائي سگهن. پريس ڪانفرنس ۾ وزيرن چيو ته اهي ٿرين کي ڏڪار واري صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ  پوري ڪوشش ڪندا. مرتضيٰ وهاب چيو ته ٿر اندر 376 ديهن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ڊولپمينٽ بورڊ جي قيام لاءِ به ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ٿر جي بهتر انداز ۾ خدمت ڪري سگهجي. هن عمل لاءِ هڪ سمري به اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. هن اهو به چيو ته ٿر اندر مٺي ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ نون ڄاول ٻارن کي صحت جون بهتر سهولتون ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته هن کان به  وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿر اندر آر او پلانٽن جي بند هجڻ  واري معاملي تي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو معاملو اڄ وزيراعليٰ سان ميٽنگ ۾ رکيوويندو. جنهن بعد ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو. توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر اندر هر مسئلي کي منهن ڏنو ويندو، جنهن لاءِ هڪ نئين پاليسي جوڙي پئي وڃي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments