تحقيق مان مراد آهي اڻ ڇُهيل پاسن کي دريافَت ڪرڻ جنهن کي هڪ قسم جي ڊِسڪوري پڻ چئي سگهجي ٿو. تحقيق ذريعي تاريخي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي حوالي سان مختلف رُخن کان ان کي نئين اک/لينس سان ڏسي سماج آڏو حقيقي بنيادن تحت(portrayed authentically) منظر تي آندو ويندو آهي. تحقيق تاريخ، فلسفو، نفسيات ۽ اخلاقيات سان پڻ جُڙيل رهي ٿي جنهن کي منطقي بنيادن تحت innovative narratives (نون پاسن) کي ڳولهيو ويندو آهي. تحقيق چاهي افسانوي ادب ۾ هجي يا غير افسانوي ادب ۾ پنهنجي الڳ مقام ۽ حيثيت رکي ٿي جيئن ٽوني موريسن جو چوڻ آهي “تحقيق هن جي تخليق کي سگھ ڏني جنهن جي ذريعي هن پنهنجي ڪردارن جي زندگي کي حقيقي بنيادن تحت بيان ڪيو.”
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو تعارف گهڻ رخو آهي، جنهن جو تحقيقي ڪم هجي يا ٻاراڻو ادب اهو پاڻ ڳالهائيندڙ آهي، پر تعليمي شخصيت “educationist” هئڻ ڪري خاص طور ايم. اي انگريزي ادب ۽ ايم اي سنڌي ادب، گولڊ ميڊلسٽ يعني اڪيڊمڪ طور پڻ هُن جي تعليم ادب سان ئي جُڙيل رهي آهي. ان بنياد تي سندس تحقيقي ڪم ڏانهن سنجيدگي، مسلسل لکندو رهڻ، تحقيق ڪندو رهڻ جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ۾ اُن پاسي ڏانهن سٺو ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ خاص “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، “سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس”، “اٿي رائو ريل”، “سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترائي ڪتاب تحقيق ۾ ڳڻائڻ جهڙا آهن. آمريڪن ليکڪ روبرٽ ڪارو هڪ ڀلي ڳالھ ان حوالي سان ڪئي آهي ته “تحقيق تخليق جي جوهري صلاحيت آهي، تحقيق بنا توهان جا لفظ گهرائي کان محروم ۽ مافوق الفطري هوندا آهن.”
ان حوالي سان ليکڪا ڪافي حد تائين پنهنجي ڪم اندر سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي. تحقيق اصل ۾ آهي ئي پنهنجي مضمون جي عزت ڪرڻ، ان کي اهميت ڏيڻ، ان جي خوبين خامين کي ڄاڻي نئين راءِ، نوان پاسا ڏيکارڻ، مطلب توهان جو ڪم توهان جي پڙهندڙ سان جڙيل ۽ منفرد هجي. ڪتاب ماڻڪ موتي لال جيڪو ٽن حصن تي ورهايل آهي پهرئين حصي ۾ سياسي، ادبي شخصيتن ۽ انهن جي ڪم بابت ذڪر ٿيل آهي. ان حوالي سان هن ڪتاب کيcritical essay ياLiterary Reflection چئي سگهون ٿا. ڏٺو وڃي ته ليکڪا وٽ فيمينسٽ لاڙو پڻ متن مان لاشعوري طور ظاهر آهي جنهن تحت هن جي لکڻي ۾ سماجي عورتن لاءِ ڪافي پاسا ظاهر آهن. جڏهن توهان ذاتي راءِ مان نڪري ٻين ليکڪن جي ڪم تي به ڳالهائڻ لڳو اهو گهڻ طرفو نريٽو(multidimensional narrative) آهي جنهن جي الڳ انفراديت آهي. ان حوالي سان ليکڪا ڪافي ادبي شخصيتن تي ڳالهايو آهي جنهن ۾ ولي رام ولڀ، مهتاب اڪبر راشدي، وينا شرنگي، ڊاڪٽر رشيده حجاب ۽ ٻيا گهڻائي نالا مضمونن ۾ شامل آهن.
ڪتاب جو ٻيو ۽ دلچسپ حصو ادبي مضمون آهن، جنهن ۾ عورتن بابت لکندي انهن جي مزاحمتي، سنڌي سماج ۾ جرئت، بهادري، ارڏائي تي لکيو آهي بقول ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ٻاگهل ٻائيءَ جي سياڻپ، سنگهار جي ڀيڻ تارا ٻائي جو ڏھ سال حڪومت هلائڻ، همون ٻائيءَ جو درڪ جي قلعي جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي وڃڻ، “ڪويل” جو پنهنجي مڱيندي “ننگر” سومري کي موڙ ٻڌائي ڌرتيءَ خاطر قربان ٿيڻ لاءِ موڪلڻ، مارئيءَ جو وقت جي بادشاھ سان مهاڏو اٽڪائڻ عورتون باقاعده پنهنجي ڪردار ۾، سوچ ۾، عمل ۾ باغي رهيون آهن. بلڪل انهن عورتن جيان جن پنهنجي قومن ۾ الڳ شناخت قائم ڪئي. جيئن فريده خالو، اشرف دهقاني، جميلا بوپاشا، روسا پارڪس، راڻي Nzinga، زينب سالبي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي آهن جن پنهنجي سماج ۾ ڀرپور سجاڳي، قدامت پسندي کي للڪارڻ، روايت پرستي جي خلاف وڃي بيهڻ اهائي انهن جي جرئت آهي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ اسلوب جي اهميت، افاديت، خاصيت تي ڏاڍي سٺي روشني وڌي آهي. بقول هن جي “اسلوب ليکڪ جي انفراديت آهي.” ان حوالي سان ڏسجي ته اسلوب تخليقڪار جي شناخت هوندو آهي، اسلوب فن ۽ ڪرافٽ کي بلڪل چٽو ڪري بيهاريندو آهي. بنيادي طور موضوع، ٿيم ۽ واقعا ڀلي ساڳيا لکيا وڃن، پر انهن جي بيان ڪرڻ جو انداز ئي تخليق ۽ تخليقار جي نواڻ ۽ فن جو جوهر هوندو آهي. اسلوب بابت ايڊگر ايلن پو پنهنجي مقالي”The Philosophy of Composition” ۾ چوي ٿو ته “هر لفظ جو هڪ مقصد ۽ معنيٰ هوندي آهي” مجموعي طور ڏسجي ته لفظن جي چونڊ، اظهار، انهن جو استعمال، انهن جي درست ادائگي تمام گهرا اثر ڇڏيندي آهي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ادب ۾ رڪاوٽن جيئن پبلشر مافيا، ڪجھ ادارن جو بند ٿي وڃڻ، ڪجھ ادارن تائين صرف مخصوص ليکڪن جي پهچ آهي ان کان علاوه ڪيترائي مسئلا ڳڻايل آهن جن جي ڪري معياري ادب جي پڻ کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. جڏهن ادب تجارت بڻجي وڃي ته تجارت ۾ بري ڀلي جي تميز ناهي رهندي جيڪو آيو سو اگهاميو. بقول ڊاڪٽر صاحبه جي “ادارا گھڻي ڀاڱي ليکڪن کان پئسا وٺي ڪتاب ڇاپين ٿا ۽ اهڙين حالتن جي ڪري ڪيترا معياري لکندڙ ڪتاب ڇپائڻ جي همت ساري نٿا سگهن. ڪيترائي مسودا ڪٻٽن تائين محدود آهن. ڇَپائيءَ جي ادارن جي کوٽ، وڌندڙ مهانگائي، ملڪ ۾ وڌيل ڪرپشن ۽ غير محفوظ سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون ۽ ٻين ڪيترن سببن جي ڪري پڙهندڙن تائين سٺن ڇپيل ڪتابن جو اهو انگ نٿو پهچي جيترو پهچڻ کپي.”
مٿين ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، هن وقت ستم ظريفي اها آهي ته ادب کي وکر بڻايو ويو آهي، ادب جي مقدار تي باقاعده ڌيان ڏنو ٿو وڃي. جڏهن ته معيار جي ڳالھ ڪيون ته گهڻائي پاسا کُٽل، اڻپورا، تخليقڪارن سان پبلشرز جون جُٺيون ڳڻڻ کان گهڻيون آهن. اصل ۾ انهن ڳالهين کي جديديت پڄاڻان جي تناظر ۾ سمجهي سگهجي ٿو. ادب کي ڪنزيومر ۽ ڪموڊيفڪيشن جو ذريعو بڻائي ان کي تفريح، ولگرٽي، جابر قوتن جو حمايتي ۽ سستي شهرت جو ذريعو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ان ۾”artistic value” هئڻ لازمي آهي. پاپولر ڪلچر کي هٿي ڏيارڻ سان تخليق ۽ تخليقڪار جو موت ٿي رهيو آهي. هن وقت ادب جي ڪارج کان وڌيڪ ان جي کپت، مارڪيٽ ۽ ڪمائي کي ڏٺو ٿو وڃي. اهڙي ادب کي فريڊرڪ جيمسن”the logic of late capitalism” سڏيو آهي. هن ڪتاب جو آخري حصو مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳن تي مشتمل آهي.
مجموعي طور ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو ۽ بحث طلب آهي. جنهن ۾ ادبي شخصيتن جي خاڪن جي جهلڪ، انهن جي ادبي ڪم تي نظر، ادب ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن، سماج ۾ عورت ليکڪائن جو ڪردار، وسري ويل ڪجھ ڪردار ۽ مختلف ڪتابن تي مهاڳ جيڪي سطحيت کان اڳتي منطقي ۽ شعوري بنيادن تي ڪافي وزنائتا ۽ ليکڪا جي تحقيقي قابليت جي گواهي ڏيندڙ آهن.