ايڊيٽوريلنئون

ٽرمپ جا خواب ۽ چائنا جي ڊيپ سيڪ ايپ

ڊونلڊ ٽرمپ 20 جنوري 2025 تي واشنگٽن ڊي سي جي ڪئپيٽل بلڊنگ ۾ پنهنجي صدارتي عهدي جو حلف کنيو. ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو اهو واحد صدر آهي جنهن جي پهرين ۽ ٻئين صدارتي عهدي جي وچ ۾ چئن سالن جو وقفو آهي. صدر ٽرمپ جي حلف برداري جي تقريب ۾ تقرير ڪندي جيڪو پهريون جملو چيو، “اڄ کان آمريڪا جو سنهري دور شروع ٿي چڪو آهي.” صدر ٽرمپ آمريڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا ۾ طاقتور رياست ڏسڻ چاهي ٿو. ٽرمپ جنهن کي پوري دنيا جا ماڻهو مختلف انداز سان ڏسن ٿا. ڪجهه ماڻهو کيس پاڳل چون ٿا ته ڪي ماڻهو سندس امن پسند ۽ آمريڪا کي ترقي ڏياريندڙ صدر جي طور آجيان ڪن ٿا. هن آمريڪا جي صدر جي طور تي 47 هين تقريب ۾ ڏاڍو جذباتي ٿي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته جوبائيڊن جي حڪومت آمريڪا کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو هو ۽ هن پنهنجي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪرپٽ اسٽيبلشمينٽ چئي ان کان حساب وٺڻ جو عهد ڪيو. هن حلف برداري کانپوءِ ڪيترائي ايگزيڪيوٽو آرڊر صحيح ڪري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو. ٽرمپ جنهن جي سڄي اليڪشن کي ڪوبه سنجيدگيءَ سان نٿو ڏسي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو کيس هڪ اداڪار جي طور تي ڏسن ٿا ۽ ڪيترائي کيس هڪ بزنس مين جي طور تي ڏسن ٿا، پر اليڪشن کٽي اچڻ کانپوءِ هن جيڪي ايگزيڪيوٽو آرڊر صحيح ڪيا آهن ان دنيا کي کيس سنجيدگيءَ سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ جي اليڪشن مهم ٻن شين تي ٻڌل هئي، هڪ ته سندس واعدو هو ته هو آمريڪا جي اندر غير قانوني تارڪين وطن کي آمريڪا مان ڪڍندو ته جيئن آمريڪا جي مٿان انهن ماڻهن جو معاشي ۽ سماجي بار هلڪو ٿئي جيڪي آمريڪا جي مٿان بار آهن ۽ ٻيو اهو هو ته دنيا کي مجبور ڪندو ته آمريڪا کي ان ساڳي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي جنهن جو آمريڪا حقدار آهي. هن اچڻ شرط ڪئناڊا کي ڌمڪي ڏني ته هو ان کي پنهنجي 51 هين رياست بڻائيندو ۽ ڊينمارڪ جو گرين لينڊ وارو حصو آمريڪا ۾ شامل ڪندو ۽ پاناما ڪئنال جي ذريعي چائنا جي مال بردار جهازن جي مٿان وڌيڪ ٽيڪس عائد ڪري آمريڪا کي معاشي طور تي مضبوط ڪندو. هن 27 جنوري تي ڪولمبيا جي ماڻهن کي ٻن فوجي جهازن ۾ ڀري سندن ملڪ اماڻيو ۽ صدر گستاوو پيٽرو انهن جهازن کي پنهنجي سر زمين تي لهڻ جي اجازت نه ڏني ۽ جهاز موٽي آمريڪا آيا. نتيجي ۾ ٽرمپ هڪدم ڪولمبيا مٿان تجارتي ٽيڪس ۾ واڌارو ڪري 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪولمبيا جي صدر کي آمريڪي صدر ٽرمپ جي اڳيان جهڪڻو پيو. هن ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪري انهن سڀني ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جن کي ڪئپيٽل هل تي حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري سزائون ڏنيون ويون هيون. جنهن تي قانون ۽ آئين تي عمل ڪرڻ وارا ماڻهو پريشان آهن.

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ٽرمپ هڪ بزنس مين آهي واپاري ذهن رکندڙ ماڻهو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته دنيا ۾ امن هجي. ان لاءِ هن سعودي عرب سان معاهدا ڪيا آهن ۽ سعودي شهزادي محمد بن سلمان کي دعوت ڏني آهي ته آمريڪا ۾ هڪ ٽرلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري جنهن في الحال 600 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. ٽرمپ غزه ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٽن هفتن جي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪرائي جنگي قيدين جي ڏي وٺ ڪرائي آهي، ڇا واقعي ڊونلڊ ٽرمپ فلسطين ۽ اسرائيل جي مسئلي جو ڪو مستقل بنيادن تي ڪو اهڙو حل ڪڍي سگهندو جيڪو ٻنهي ڌرين کي قبول هجي. ٽرمپ آمريڪا کي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪري خوشحال بنائڻ جي خواهش ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه هن سڄي دنيا جي سيڙپڪارن کي آمريڪا ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني آهي، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه به آهي ۽ دنيا مان يقينن وڏا وڏا سيڙپڪار آمريڪا ۾ وڃي سيڙپ ڪندا. ساڳئي ئي وقت جتي آمريڪا اهي سڀ پاليسيون چين کي مات ڏيڻ لاءِ جوڙي رهيو آهي اتي چين هن وقت پنهنجي مستقل مزاجي سان ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي. جنهن جو مثال چين جي نئين سال جي ڏينهن ڊيپ سيڪ ايپليڪيشن جي رونمائي ڪري هن دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا جي هاءِ ٽيڪ مارڪيٽ ۾ nvida جي شيئر جي قيمت ڪري پئي. ان اعلان کانپوءِ سڄي دنيا AI ٽيڪنالاجيءَ جي ان تيزيءَ سان وڌندڙ رفتار تي تمام گهڻي پريشان آهي، ڇو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي رپورٽ مطابق 2025 جي آخر تائين دنيا مان 80 ملين نوڪريون ختم ٿي وينديون. آمريڪا جون ڪمپني 41 سيڪڙو ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي مصنوعي ذهانت جي ذريعي پنهنجون ڪمپنيون هلائينديون جيڪا سڄي دنيا جي لاءِ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي. آمريڪا ۽ چائنا جي وچ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي جنگ ڪٿي وڃي بيهندي ان جو تعين ٻنهي ملڪن جو تعليمي معيار ۽ پاليسيون ڪنديون. لڳي ايئن ٿو ته هن وقت آمريڪا جون جيڪي به پاليسيون آهن ان سان هو چين کي ڪو گهڻو نقصان پهچائي نه سگهيو آهي.

چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي ۽ چائنا پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تمام سنجيدگيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، نه صرف اڳتي وڌي رهيو آهي پر چائنا ٻين دوست ملڪن کي به پنهنجي ان ترقيءَ جي سفر ۾ گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو جيڪا هڪ مثبت ڳالهه آهي. شايد چين ۽ آمريڪا جي روين ۾ اها تبديلي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ طاقت کي مستقبل ۾ طئي ڪندي. هن وقت ڏٺو وڃي ته ٽرمپ دنيا ۾ هڪ اهڙو پيغام موڪلي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ هٽلر پنهنجي قوم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏنو هو ۽ عقل کان ڪم وٺندڙ ماڻهو اهو چئي سگهن ٿا ته ان قسم جون انتها پسند پاليسيون ۽ قدم ڪڏهن به ڪنهن قوم کي فائدو نٿا ڏيئي سگهن. ٽرمپ پنهنجي مدي کي وڌائڻ جي لاءِ ٽيون دفعو صدر ٿيڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي ۽ آئين ۾ تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ان کان علاوه هو آئين ۾ تبديلي ڪري غير قانوني تارڪين وطن جي ٻارن کان جيڪي آمريڪا ۾ پيدا ٿين ٿا انهن کان شهريت جو حق واپس وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن جي شايد انساني حقن واريون تنظيمون مخالفت ڪري ٽرمپ کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪن. سڄي دنيا ٽرمپ طرف ڏسي رهي آهي، ڏسجي ته 90 ڏينهن کانپوءِ جيڪي آرڊر هن صحيح ڪيا آهن انهن کي مستقل بنيادن تي پنهنجي پاليسيءَ جو حصو بڻائي ٿو يا انهن ۾ تبديلي ڪري دنيا سان گڏ امن ۽ محبت جي بنياد تي هلڻ چاهي ٿو.

***