آصف علي زرداري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري
نيب جي چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب نيب جي چيئرمين (ر) جاويد اقبال جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري نيب کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جاچ لاءِ گهربل آهي. ياد رهي ته اڳوڻي صدر احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس، ٺٽو واٽر سپلاءِ ڪيس ۽ پارڪ لين ڪيس جا ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي، پر عدالت ان کي رد ڪري ڇڏيو.

