بلاگڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ٻيڙو پار

دانش ترڪ

اڄ صاحب ڪاليج جي موڪل کان اڌ ڪلاڪ اڳ ئي گهر اچي ويو، ڪاغذن جو فائل ۽ خريد ڪيل نوان ڪتاب ٿيلهي مان ڪڍي الماريءَ ۾ رکي. بيڊ جي ڪنڊ کان ويهي هڪ هٿ سان بوٽ جون ڪَهيونُ کولڻ لڳو ته ٻئي هٿ سان ٽاءِ پئي ڍري ڪيائين.

پريان ڪمري ۾ شرٽ جا بٽڻ ٽاڪيندي جوڻس آواز ڏنس؛

Hello honey!

توهان اچي ويا؟

How was the day?

تمام سٺو پر…

Too tired yar…

“هڪ ڪپ چانهن جو ملي وڃي ته، واھ واھ…”

صاحب پنهنجو ڪم اڪلائيندي جواب ڏنس؛

“رمن… او چاچا… رمن، صاحب لاءِ هڪ ڪپ چانهن ته ٺاهيو”

ميڊم پنهنجي پراڻي ملازم رمضان کي حڪم ڏنو؛

“جي ميڊم… اجِهو آيو”

رڌڻي ۾ مانجهاندي جي تياري ۾ مصروف چاچي رمضان وڏي آواز ۾ جواب ڏنس.

صاحب پنهنجي ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکيل راڪنگ چيئر جهوليندي اکيون بند ڪري سڪون وٺڻ لڳو.. ايتري ۾ سندس ملازم چانهن جو ڪپ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو.

“چاچا… سامهون الماريءَ ۾ ڳاڙهي فائل ۾ ڪجهه پنا پيا آهن اهي ته ڪڍي وٺ…” صاحب کيس حڪم ڏنو.

صاحب چانھن جي چُسڪين سان گڏ انهن پنن تي نظر ڦيرائي رهيو هو، آخري چُسِڪي هڻي ڪپ رکيائين ته دروازو کڙڪڻ جو آواز سندس ڪنن تي پيو، ملازم دروازو کليو. سندس وڏو پٽ جيڪو شهر جي سڀ کان وڏي اسڪول ۾ پڙهندو آهي، گهر ۾ گهڙڻ شرط ڪتابن جي ٿيلهي کي صوفا تي اڇلائي، ڊوڙندو اچي پيءُ وٽ پهتو.

Papaaa… papaa surprise.!!  ڇوڪر پُرجُوش انداز ۾ چيو؛

Wow! What’s that?  صاحب پنا پاسي تي رکندي پٽ کان سوال ڪيو.

“پاپا… منهنجي منٿلي رزلٽ آئي آهي،”

I have got 94%

”اڙي… واھ!” Congratulations

Show me your result card

صاحب پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.

Very nice, سرواڻ.

“پر سنڌي؟؟” سنڌيءَ ۾ فقط 27 marks

صاحب رزلٽ ڪارڊ تي نظر ڦيرائيندي پٽ کان سوال ڪيو؛

او… پاپا… توهان کي ته خبر آهي نه؛

I just hate sindhi, boring subject

پٽهنس بيزاري مان جواب ڏنس.

Okay, Okay, now go to your room, change and have lunch

صاحب پٽ کي ورندي ڏني؛

Okay papa, love you, see you

“۽ هاڻي منهنجيKFC  جي ڊيل ٿي”

ڇوڪر خوشي خوشي ڪمري مان نڪري ويو؛

صاحب وري پنهنجي پڙهڻ واري ڪم ۾ لڳي ويو، سندس ملازم چانهن جو خالي ڪوپ کڻڻ لاءِ ڪمري ۾ داخل ٿيو.

“چاچا… اها بتي ته بند ڪجانءِ ۽ ها… ميڊم کي چئو ته شام مون کي 4:00 وڳي اٿاري، ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻو آهي”

“وري ڪهڙو پروگرام؟؟”

جوڻس ڪمري ۾ داخل ٿيندي پڇيس؛

“يار… اڄ شام سنڌي ادبي سنگت طرفان ٻولي ڪانفرنس رکيل آهي، مون کي به “ٻوليءَ کي درپيش خطرا ۽ اسان جون ذميواريون” جي عنوان تي مقالو پڙهڻو آهي.

زال مڙس جي گفتگو ٻڌي سندن ملازم مشڪڻ لڳو، ڪمري کان ٻاھر ايندي چوڻ لڳس.

“ابا… ٻوليءَ کي ڪهڙو خطرو، ٻوليءَ جو ٻيڙو پارِ آ…”