ايڊيٽوريلنئون

آمريڪا ۽ چين جي تجارتي جنگ سبب پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد لاٿ

            اربع جي ڏينهن ڪاروبار جي دوران بينچ مارڪ ڪراچي “ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج” 100 انڊيڪس صبح 10 لڳي 49 منٽن تي 20641 پوائنٽون يا 2.29 سيڪڙو ڪري پيو ۽ پوءِ هڪ لک 12 هزار 8 سئو 91 جي سطح تي اچي ويو، جيڪو گذريل ڏينهن هڪ لک 15 هزار 532 جي سطح تي بند ٿيو هو. جيئن ته هن وقت آمريڪا سڄي دنيا جي ملڪن مٿان ٽيرف لاڳو ڪيو آهي ۽ چين جي مٿان 104 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿي چڪو آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ منديءَ جو رجحان نظر آيو جنهن جو اثر پاڪستان جي مارڪيٽ تي به پيو. هيءَ ڪمي ان وقت سامهون آئي جڏهن چيني سامان تي اضافي آمريڪي ٽيرف اڄ 104 سيڪڙو تائين پهچي ويو. ڇو ته بيجنگ طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته اسان ليويز تي آخري حد تائين وڙهنداسين، جنهن کانپوءِ آمريڪا ٽيرف کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت دنيا ۾ جيڪا معاشي جنگ جاري آهي اها آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي جنگ آهي. جنهن جو اثر دنيا جي هر ننڍي وڏي غريب ۽ امير ملڪ تي سڌو سنئون يا اڻ سڌو پئجي رهيو آهي. اي ڪي ڊي سيڪيورٽيز جي ريسرچ ڊائريڪٽر اويس اشرف جي نشاندهي تي هن ٻڌايو ته چين تي آمريڪي ٽيرف تي 104 سيڪڙو تائين اضافي سڄي دنيا جي معاشي ترقيءَ کي سست بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪساد بازاري جي خطري کي وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جا جذبا متاثر ٿيا آهن.

            پر هن اها ڳالهه به ڪئي ته تيل جي قيمتن ۾ ڪمي آئي آهي ۽ نئين ٽيرف سان ممڪن آهي ته مقابلي ۾ اسان جي ٻاهرين اڪائونٽن تي ان جو مثبت اثر پوي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي ڇڪتاڻ جي ڪري سڄي دنيا سوڌو پاڪستان جو سيڙپڪار به نفسياتي دٻاءُ ۾ اچي ويو آهي. ڇو ته هن وقت سڄي دنيا جي مارڪيٽ بي يقيني جو شڪار آهي ۽ سيڙپڪار هڪ اهڙي خطري کي منهن ڏيئي رهيا آهن، جنهن مان نڪرڻ جو شايد انهن کي ڪو رستو نظر نه پيو اچي.

            جيڪڏهن ان جنگ ڊيگهه پڪڙي ته ان سان پاڪستان جي پرڏيهه اماڻڻ وارو اسٽاڪ به شديد متاثر ٿيندو، ڇو ته ان سان سڄي دنيا جي گلوبل سپلاءِ چين گهٽ ٿيندي، جنهن جو اثر يقينن پاڪستان جي سپلاءِ چين تي به پوندو ۽ ان سان پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي ۾ به گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان گهڻو ڪري ٽيڪسٽائل آمريڪا ڏانهن موڪلي ٿو، جنهن جي گهرج ۾ جيڪڏهن لاٿ آئي ته پاڪستان جي سيڙپڪارن کي تمام گهڻو نقصان سهڻو پوندو. ان سڄي صورتحال ۾ سيڙپڪار ممڪن آهي ته پنهنجو ناڻو اهڙي پاسي سيڙائين جتي کين گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي ۽ سندن ناڻو محفوظ رهي. ممڪن آهي ته هو شين جي پيداوار وارو عمل بند ڪري پنهنجو پئسو سون جي خريداريءَ ۾ لڳائين، جنهن سان يقينن بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو. هن وقت دنيا جتي ٻين خطرن کي منهن ڏيئي رهي آهي جنهن ۾ سڀني کان وڏو خطرو ماحولياتي گدلاڻ آهي ان سان گڏوگڏ معاشي جنگ جيڪا ٻن وڏن معاشي طاقتن جي وچ ۾ ٿي رهي آهي، اها سڄي دنيا کي ڪساد بازاري جو شڪار ڪندي جنهن سان معاشي واڌ ۾ گهٽتائي ٿيندي، ماڻهن جو روزگار گهٽجي ويندو، غربت ۾ اضافو ٿيندو ۽ دنيا هن صديءَ جي هڪ نئين مالي بحران کي منهن ڏيڻ وڃي رهي آهي.