جنوني، وحشي ۽ عقل کان خالي آمريڪي صدر ٽرمپ کي هن وقت تمام سخت شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. کيس هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته کيس گمراهه ڪيو ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته هي اها ئي “خود پسند” لابي جي ڪار گذاري هئي، جنهن ٽرمپ کي يقين ڏياريو هو ته ايراني عوام موجوده رجيم (حڪومت) کان ايترو ئي تنگ آهي، جيترو عراقي عوام صدام حسين کان تنگ هو ۽ کيس اهو به چيو ويو ته “توهان کي صرف ٻه سيڪڙو ڪوشش ڪرڻي آهي، باقي اٺانوي سيڪڙو ايراني عوام پاڻ ڪري وٺندو ۽ حڪومت جون واڳون سنڀالي وٺندو”، پر رهبرِ اعليٰ جي شهادت کانپوءِ، جهڙي طرح سان ايراني عوام ان شهادت جي سوڳ ۾ متحد ٿي ويو آهي ۽ ايتري تائين جو حڪومت مخالف شاگرد به سپريم ڪمانڊر جي شهادت تي ماتم ڪري رهيا آهن ۽ هڪ شخص به حڪومت خلاف ٻاهر ناهي نڪتو، ان ڳالهه ٽرمپ کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. کيس اهو احساس ڏياري ڇڏيو آهي ته هن کان تاريخ جي تمام وڏي غلطي ٿي آهي. رهبرِ اعليٰ جي شهادت جي اعلان سان گڏ ئي ٽرمپ جنهن (غرور) سان پنهنجو پيغام ايراني عوام لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو ته “اسان توهان کي اقتدار پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي، اڳتي وڌو ۽ ملڪ جي واڳون پنهنجن هٿن ۾ کڻو،” پر عوامي رد عمل کيس شرمندگي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف جنگ ڏينهون ڏينهن ڳنڀير رخ اختيار ڪري رهي آهي. ايران ته ڪشادو ۽ کليل ملڪ آهي ۽ کيس بمباري برداشت ڪرڻ جو پڻ ڏهن سالن کان مٿي جو تجربو آهي ۽ ايراني عوام ۾ جذبو به موجود آهي. جڏهن ته ٻئي طرف فقط ٽن چئن شهرن جو ننڍڙو ملڪ اسرائيل سوين ميزائلن جي مار ڪيستائين برداشت ڪندو…؟ پوري اسرائيل ۾ به خوف ۽ حراس جي ڪيفيت آهي؛ ۽ انهن جڏهن هٿين خالي فلسطينين جي گهرن. اسپتالن ۽ اسڪولن تي حملا ڪرڻ ۽ پنهنجي ٽي وي اسڪرينن تي انهن جي تباهي جا منظر ڏسندڙ اسرائيلي عوام کي جڏهن هاڻي پاڻ سڙڻو پئجي رهيو آهي ته کين اهو احساس ٿي رهيو آهي ته جنگ اصل ۾ چوندا ڪنهن کي آهن. ايران هرمز وارو لنگهه ۽ وري ٻئي طرف حوثين بحيره احمر جي گذرگاهه کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هونئن به اهو اصول آهي ته نانگ به جيڪڏهن ماڪوڙين جي ڏر ۾ گهڙي وڃي ته هو اتان زنده واپس ناهي نڪري سگهندو ۽ اهو ساڳيو ئي منظر آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي سامهون اچي رهيو آهي. سڄي دنيا جا جنگي ماهر ان ڳالهه تي سخت حيران هئا ته آخرڪار ايران آمريڪي فوجي اڏا ڇڏي ڪري شهرن جي وچ ۾ موجوده عمارتن تي ميزائل ڇو وسائي رهيو آهي ۽ جڏهن اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي ته پوءِ ئي اها خبر پئي ته سي آءِ اي (CIA) جو وچ اوڀر جو سڀ کان وڏو هيڊڪوارٽر انهن ئي عمارتن ۾ هو ۽ آمريڪي ميرينز (Marines) انهن ئي هوٽلن ۾ رهن پيا، جن کي ايران پاران ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، تڏهن ئي دنيا کي احساس ٿيو ته ايران جي انٽيليجنس ايجنسي به ٺيڪ ٺاڪ متحرڪ آهي. ايران جهڙي ريت پنهنجي بهادري، شجاعت ۽ قومي غيرت سان دنيا جي سپر طاقت آمريڪا ۽ سندس دادلي پٽ اسرائيل جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي رهيو آهي. ايران جي انهيءَ عمل ويٽنام واري جنگ جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي آهي، جتي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي اهڙي ته مٽي پليت ٿي جو اهي ويٽنام جي طرفان ڏنل زخمن کي تاحيات وساري نٿا سگهن. سو هن وقت ايران به آمريڪا ۽ ان جي پٽ اسرائيل کي ائين جواب ڏئي رهيو آهي ته ٻنهي جا حواس ئي خطا ٿي رهيا آهن. ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي طرف کان زوري مڙهيل جنگ اثر ايندڙ ٿورن ڏينهن جي اندر محسوس ٿيندو، جڏهن بين الاقوامي اسٽاڪ ايڪسچينج کان اها خبر پوندي ته هن جنگ جي اثر ڪري ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ڪنگال ٿي ويا آهن. بهرحال ڪجهه به هجي جنگ نالو ئي تباهي جو آهي.