ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: لوڊو اسٽار

بيڊ تي اونڌي ليٽي هن سوچڻ شروع ڪيو: “جيڪر منهنجي اڪيلائپ ختم ٿي پئي، هاڻي ته هن زندگي مان بيزاري ٿيڻ لڳي آهي.” پنجٽيهه سالن جي سورٺ ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي اڪيلائي جي ڪري پريشان رهڻ لڳي هئي. ڪاليج ۾ به ڇوڪرين جو پريڪٽيڪل وٺندي وٺندي هو خيالن ۾ گم ٿي وئي هئي. ڪيتري ئي دير هو ڪنهن شاگردياڻي جي پريڪٽيڪل جرنل کي ويران نظرن سان تڪيندي ٿي وئي.
“مس مان وڃان!” ان شاگردياڻي پڇيو هئس، هو ڇرڪ ڀري خيالن مان نڪري آئي هئي ۽ ان کي چيو هئائين:
“ها تون وڃ.” هن پريڪٽيڪل جرنل بند ڪري ان کي ٻين جرنل مٿان اڇلايو هو. کيس لڳو هن جي زندگي به ڪنهن شاگردياڻي جي پريڪٽيڪل جرنل مثل هئي جنهن کي ڪنهن ٽيچر بنا جاچڻ جي بي پرواهي وچان بند ڪري اڇلائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي اهو پريڪٽيڪل جرنل سدائين لا ڪنهن ڪنڊ ۾ پئي پئي ڳري ويندو ۽ ان جي پنن کي اڏوهي لڳي ويندي. ان ڏينهن هو ليب مان نڪري ونگ مان هلندي اسٽاف روم ڏانهن ٿي وئي جو باغ ۾ ويٺل ڪجهه ڇوڪرين تي نظر پئي هئس، اهي پاڻ ۾ کلي ڳالهائي رهيون هيون، ننڍڙا ننڍڙا زندگي سان ڀريل ٽهڪ ڏئي رهيون هيون ۽ پاڻ ۾ تاڙا ملائي رهيون هيون. سورٺ انهن کي ارمان ڀرين نظرن سان ڏٺو هو، هن جي سيني ۾ انهن شاگردياڻين لا ساڙ وارو جذبو اڀريو هو. هن کي لڳو هو هن کان وڌيڪ خوش نصيب ته سندس شاگردياڻيون هيون جن جي زندگي ۾ ٽهڪ هئا، رونقون هيون. انهن جي ڀيٽ ۾ هن جي زندگي ۾ سوا انتظار جي ٻيو ڇا هو؟
ٻن ڪمرن واري فليٽ جي بيڊروم ۾ بيڊ تي اونڌي ليٽي هو لڳاتار انهن خيالن ۾ پئي رهي. اوچتو سائيڊ ٽيبل تي پيل هن جي موبائل تي مختلف نوٽيفڪيشن اچڻ لڳا، نوٽيفڪيشنن جو اهو آواز به هن کي بيزار ڪرڻ لڳو هن بي دلي مان موبائل کڻي ڏٺو، يوٽيوب تي هن جي پسند جي ڊرامي جي نئين قسط جو نوٽيفڪيشن. ان وقت هن جي دل ڊرامي ڏسڻ لا نٿي مڃي، پر هن وٽ ڪرڻ لا ٻيو هو به ڇا سوا مڙس جي آفيس کان موٽي اچڻ جي انتظار جي؟ ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ ئي ڪمري ۾ رهندي به مڙس ڄڻ هن لا ويڳاڻو ٿي پيو هو. آفيس کان موٽڻ کان ويندي سهمڻ تائين مڙس نيٽ فلڪس کولي ويهي رهندو هو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته ان ۾ مڙس پاران چانهه کڻي اچڻ جو حڪم هوندو هو يا وري سورٺ پاران ڪيل اهو سوال جنهن ۾ هو مڙس کان پڇندي هئي ته هاڻي ڇا کائيندو؟ اهو هڪ اهڙو سوال هو جنهن جي جواب جي کيس اڳواٽ ئي خبر هوندي هئي: جيڪو پچايو اٿئي؟ شادي جي چوٿين سال به کين اولاد ڪونه ٿيو هو، جنهن جي ڪري سورٺ ويتر ڊپريشن ۾ رهڻ لڳي هئي. مڙس ٻئي ڪمري ۾ ويهي نيٽ فلڪس ۾ لڳي ويندو هو ته ويتر هو اڪيلائي جي ڪن ۾ هلي ويندي هئي. ڪيترائي ڀيرا هن کي رکي رکي خيال ايندو هو ته کيس ڪنهن پکي جيان پر لڳي وڃن ۽ هو آزادي سان آسمانن ۾ اڏامڻ لڳي.
شام جا ست ٿي چڪا هئا، پر اڃان به هن جو مڙس آفيس مان ڪونه موٽيو هو هفتي جي آخري ڪم واري ڏينهن هو اٺ ڪري گهر موٽندو هو. سورٺ يوٽيوب نوٽيفڪيشن کي ڪلڪ ڪيو ته ڊرامو کلي ويو. ڊرامو ٻه منٽ مس هليو هوندو جو ان وچ ۾ اشتهار اچي ويو. اهو لڊو اسٽار نالي موبائل گيم جو اشتهار هو. هوءَ ان اشتهار جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، اشتهار اسڪپ ڪرڻ بدران هن جي آڱر اشتهار کي لڳي وئي ۽ اشتهار ايپ اسٽور ڏانهن هليو ويو. ان ۾ کيس ٻه آپشن نظر آيا، هڪڙو “ڊائون لوڊ” جو ٻيو “ڪينسل” جو. هن کي ڪجهه گهڙين تائين اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ته هو لڊو اسٽار ڊائون لوڊ ڪري يا ان کي ڪينسل ڪري ڊرامو ڏسي. نيٺ هن ڊائون لوڊ واري آپشن کي آڱر سان ڪلڪ ڪيو ۽ ايپ جي ڊائون لوڊ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ايپ ڊائون لوڊ ٿي ويو ته وري ٻه آپشن آيس. هڪ ان کي کولڻ وارو ٻيو ان کي بند ڪرڻ وارو هن ايپ اوپن ڪيو. اسڪرين تي لڊو جا چار خانا اچي ويا، سائو، نيرو، ڳاڙهو ۽ پيلو. هر خاني جي سامهون کيڏڻ واري جي تصوير ان جي هيٺان ڇڪو ۽ خانن اندر هر رنگ جون چار چار ڳوٽون. هن کي پيلو رنگ مليو ۽ هن جي ساٿي جنهن جي نالي ۾ لکيل هو: “ها مان سنڌي آهيان” کي ڳاڙهو رنگ. جڏهن ته هنن جي مخالف ٽيم ۾ ٻئي ڇوڪريون هيون. راند شروع ٿي وئي سائي رنگ واري جو ڇڪو ڦرڻ لڳو “ڇهه” هن جو ڇڪو وري ڦرڻ لڳو “چار” سائي چلي مان هڪ ساري نڪري چوٿين خاني ۾ اچي وئي. ان کانپو سورٺ جو ڇڪو ڦرڻ لڳو “پنج” هو پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ ان وچ ۾ سوچيائين: اف هتي به انتظار ئي ڪرڻو آهي. نيري چلي واري جو ڇڪو ڦرڻ لڳو. ايتري ۾ سورٺ کي راند واري چيٽ آپشن ۾ مئسيج آيو. اهو “ها مان سنڌي آهيان” پاران هو:
“هيلو!”
“ها” سورٺ لکيس. ان وچ نيري چلي ۾ به هڪ ڳوٽ کلي وئي.
“مان سنڌي ڇوڪرو آهيان.” سورٺ کي پنهنجي ساٿي پاران وري ٻيو مئسيج آيو.
“اڇا… مهرباني ڪري مئسيجن بدران راند ڏانهن ڌيان ڏيو.” سورٺ لکيس.
Rude… ۽ ان کانپو ڳوڙها ڳاڙيندڙ ايموجي. ڳاڙهي چلي ۾ به هڪ ڳوٽ اچي وئي. سائي کلاڙي جو ڇڪو ڦرڻ لڳو. “ها مان سنڌي آهيان” سورٺ کي مئسيج ڪيو:
“ڇا اوهين به سنڌي آهيو؟”
“جي.” سورٺ جواب ڏنس ۽ ڳوٽن کي ڏسڻ لڳي.
“اڙي واهه واهه…” جواب آيس. سورٺ جو ڇڪو ڦرڻ لڳو “ڇهه” وري “ڇهه” ۽ “ٻه”… هن ٻه ڳوٽون ڪڍيون.
“ڏسو پنهنجو ڳالهائڻ گڊلڪ آهي.” هن کي مئسيج آيو. ايتري ۾ سائي چلي واري ڇوڪري مئسيج ڪيو:
“هي سنڌي جتي به ملندا پاڻ ۾ ئي شروع ٿي ويندا!”
نيري چلي واري کلڻ وارو ايموجي ڏنو.
“اوهان کي ڪهڙو اعتراض؟” “ها مان سنڌي آهيان” سائي چلي واري کي جواب ڏنو.
“حورن ۾ اچي هي لنگور ڦاٿو آهي!” نيري چلي واري کلڻ جي ايموجي سان اهو مئسيج ڪيو. ان تي سائي چلي واري کلڻ وارو وڏو ايموجي ڏنو. ان تي سورٺ به کلڻ لڳي، هن کان هڪ وڏو ٽهڪ نڪري ويو ۽ اهو به احساس ٿيڻ لڳس ته ڄڻ هو وڏي وقت کانپو دل سان کلي هجي!
ان راند دوران هن سورٺ کي لڊو اسٽار جي پرائيويٽ ٽيبل ۾ ايڊ ڪري ڇڏيو ۽ کيس چيو ته هو پنهنجي ايپ کي اپڊيٽ ڪري. سورٺ هن جي چوڻ تي ايپ اپڊيٽ ڪري هن کي بڊي لسٽ ۾ ايڊ ڪيو.
اها راند ڏهه منٽن تائين هلي، پر ان ۾ سورٺ وارا هارائي ويا. سورٺ کي راند هارائڻ تي ڪو خاص فرق ڪونه پيو، ان جي ابتڙ ڪجهه دير لا اڪيلائي جو احساس ختم ٿي ويس ۽ هن ٻي راند کيڏڻ شروع ڪئي، پر ان وچ ۾ “ها مان سنڌي آهيان” کيس پرائيويٽ ٽيبل ۾ انوائيٽ ڪيو. هن کي اها خبر نه هئي ته ڪو لڊو اسٽار جي اپڊيٽ ٿيل ورزن ۾ ساڳي ساٿي سان ٻئي راند کيڏڻ جو به آپشن هو. هن کي وري “ها مان سنڌي آهيان” پاران راند کيڏڻ جي رڪئيسٽ آئي هن اها قبولي ۽ اڳواٽ ئي مئسيج ۾ لکيائينس:
“مهرباني ڪري هن ڀيري راند ۾ ڌيان ڏجو، ڪٿي وري نه هارائي وڃو!”
“جيڪو اوهان جو حڪم، اوهان آهيو ته کٽڻ هارائڻ جي ڪهڙي فڪر؟” هن جواب ڏنس.
“هتي اها هيروگري نه هلندي.” سورٺ جواب ڏنس.
“ايئن وري ڪيئن؟” جواب آيس. راند شروع ٿي وئي. ان وچ ۾ چيٽ هلندي رهي. نيٺ راند پوري ٿيڻ واري هئي جو سورٺ “ها مان سنڌي آهيان” کي مئسيج ڪيو.
“ڀا اوهان سان کيڏي مزو آيو.”
“اوهان هي ڪهڙو ظلم ڪيو آهي… ڀا ڇو چيو… منهنجون اڳ ئي پنج ڀيڻون آهن مون کي ڇهين ڀيڻ جي ضرورت نه آهي، مون کي هڪ دوست جي ضرورت هئي ۽ اوهان وري هتي به ڀا ڳولڻ نڪتيون آهيو؟”
“ڪجهه به هجي، پر منهنجي شادي ٿيل آهي ۽ مون کي پنهنجي مڙس سان پيار آهي.” سورٺ جو جواب.
ان کانپو “ها مان سنڌي آهيان” گيم مان گم ٿي ويو. سورٺ ان وقت ان ڳالهه کي لائيٽ ورتو ۽ ڪوبه رد عمل نه ڏيکاريائين ۽ راند کيڏڻ بس ڪيائين.
راند کيڏندي هن کي ٻه ڏينهن ٻيا گذري ويا، پر هن کي “ها مان سنڌي آهيان” نظر ڪونه آيو. هوريان هوريان هن جي اڻ تڻ وڌي وئي. هڪ رات دير سان سورٺ کي لڊو اسٽار ۾ مئسيج آيو، ان ڇوڪري پرائيويٽ ٽيبل ۾ سرهاڻ نالي هڪ ٻي ڇوڪري کي ايڊ ڪيو، هاڻي اهي ٽئي بڊي لسٽ ۾ هئا ۽ پاڻ ۾ راند کيڏي ٿي سگهيا. “ها مان سنڌي آهيان” سرهاڻ سان فري ٿيڻ لڳو. ان ڇوڪري جي تصوير بدران باربي گڏي جي تصوير هئي. راند کيڏندي کيڏندي سرهاڻ کي مئسيج آيو:
“سرهاڻ ڪيڏو نه پيارو نالو آهي.” اهو مئسيج جڏهن سورٺ پڙهيو ته کيس ساڙ جو هڪ عجيب احساس ٿيڻ لڳو.
“ٿينڪس.” سرهاڻ پاران جواب.
“ڇا اوهان سنڌي آهيو؟” ڇوڪري جو سوال.
“جي ڪو شڪ…” سرهاڻ جو جواب.
“نه بس پڪ پئي ڪيم.” ڇوڪري جو مئسيج.
“اڇا پو پڪ ٿي؟” سرهاڻ جو سوال.
“اهڙي جو هاڻي شڪ جي ڪابه جا نه آهي.” ڇوڪري جو جواب.
“اڇا لڳي ٿو اجاين ڳالهين ڪرڻ جا ماهر آهيو؟” سرهاڻ جي ٽوڪ.
“زندگي ۾ بس سرهاڻ جي ئي کوٽ هئي.” ڇوڪري جو جواب.
“هاهاها…” سرهاڻ جو ٽهڪ ۾ جواب. اها چيٽ سورٺ کي ساڙڻ لڳي. هن کي وري شدت سان اڪيلائي جو احساس ٿيڻ لڳو. راند پوري ٿي وئي. ٻي راند ۾ وري ساڳيا ئي ساٿي. سورٺ پاڻ تي قابو ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر رهي نه سگهي ۽ مئسيج ڪيائين:
“سنڌي ڇوڪرن کي شل نه ڪٿي ڪا ڇوڪري ملي!”
“ادي مهرباني ڪري ڊسٽرب نه ڪيو.” ڇوڪري جو جواب. سرهاڻ جو مرڪڻ وارو ايمجي. ان تي سورٺ ويتر سڙي خاڪ ٿي پئي ۽ گيم مان هلي وئي. هو بيڊ تي اونڌي ليٽي، هو اڻ تڻ ۾ پاسا ورائڻ لڳي هر هر اهو ئي خيال ٿي آيس ته ڇا هن هڪ دوست ڪرڻ کان اڳ ئي وڃائي ڇڏيو. سرهاڻ اها وري ڪٿان اچي وئي. ڇا ڇوڪرين کي ايئن انٽرنيٽ تي ڌارين ڇوڪرن سان فري ٿيڻ گهرجي؟ اهو ڪير آهي؟ ان جي اڳيان پٺيان جي هن کي ڪهڙي خبر هوندي؟ ان آن لائين چيٽ جا ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا. اهو ان ڇوڪري کي استعمال ڪري ڇڏي سگهي ٿو. هي مشينن ذريعي واسطا به ڀلا ڪي واسطا ٿيا؟ آخر هنن آن لائين راندين ۾ اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو ماڻهو انهن ۾ گم ٿيو وڃي. اها به ته خبر نٿي پئي نه ته اڳيون سچ ۾ ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري، ان جي عمر ڪيتري آهي. جيڪڏهن سرهاڻ ڪا ننڍي عمر جي ڇوڪري نڪتي ته پو ڇا؟ اف هنن آن لائين راندين جا ڪيترا نه وڏا نقصان آهن. مان ته ڪڏهن به پنهنجن ٻارن کي انهي انٽرنيٽ جي ڄار ۾ ڦاسڻ ڪونه ڏينديس… پر مون کي ٻار آهن ڪٿي…! ڇا مان ڪڏهن به ما نه ٿي سگهنديس…! سورٺ کي هڪڙي ئي وقت ۾ لاڳيتا خيال ايندا ويا. هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي ذهن وري سرهاڻ ڏانهن موٽ کاڌي… هڪ ڀيرو وري هن کي گيم جي رڪئيسٽ آئي. هن ڀيري به سرهاڻ ۽ “ها مان سنڌي آهيان” پاڻ ۾ ساٿي هئا. وري چيٽ جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع.
پسند جي رنگ کان ويندي پسند جي خوشبو جهڙيون اجايون ڳالهيون. هڪ ڇوڪري ۾ اوهان ڪهڙيون خاصيتون ڏسڻ گهرو ٿا؟ اوهان کي ڪهڙين خوبين وارو ڇوڪرو گهرجي؟ سورٺ کي لڳو هن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز پيو ڪيو وڃي. هن ڪاوڙ مان گيم ڇڏي ڏني. هن کي ايتري ڪاوڙ اچي وئي جو هن موبائل مان گيم ئي ڊليٽ ڪري ڇڏي. هن جي نظر پاسي کان پيل ٻئي موبائل ڏانهن وئي. ان ۾ به لڊو اسٽار هلي رهيو هو. “ها مان سنڌي آهيان” جو مئسيج آيو:
“سرهاڻ ڪٿي گم ٿي وئين؟”
سورٺ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. سرهاڻ هن جي ئي ڪوڙي آ ڊي هئي، هو حقيقي انسان هجڻ بدران سورٺ جو ئي عڪس هئي ۽ ڪجهه ڏينهن کان هو پنهنجي ئي ڪوڙي آ ڊي ۽ پنهنجي ئي عڪس کان سڙڻ لڳي هئي. هن کي اهو احساس به اندران اندران کائڻ لڳو هو ته هو سرهاڻ ٿي هو پنهنجي مڙس سان گڏ ان ڇوڪري کي به دوکو ڏئي رهي هئي. سرهاڻ لا ان ڇوڪري جا مئسيج ايندا رهيا. نيٺ هن پنهنجي ٻئي موبائل مان به لُڊو اسٽار کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو ۽ هڪ آهه ڀري وري اڪيلائي جي ڪن ۾ هلي وئي.
***