وڏي وزير پاران سرڪاري ادارن ۾ 41 هزار خالي جايون ڀرڻ جو حڪم

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن ۾ گريڊ 1 کان 17 تائين خالي پيل جاين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. هن موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ادارن ۾ پهرين گريڊ کان 17 گريڊ تائين 41 هزار جايون خالي پيل آهن. اسان جي خواهش آهي ته اهي سڀ خالي جايون ڀريون وڃن جيئن مختلف ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪئي وڃي. ڀرتي جو عمل شفاف هئڻ گهرجي جنهن سان اهل ۽ مستحق اميدوارن کي روزگار جا موقعا ملي سگهن. وڏي وزير هدايتون جاري ڪندي چيو ته گريڊ هڪ کان 4 تائين ڀرتيون مقامي سطح تي ڪيون وڃن. جڏهن ته 5 کان 15 گريڊ جون ڀرتيون ٿرڊ پارٽي کان ٽيسٽ ذريعي ڪرايون وڃن. ان کان علاوه معذورن ۽ عورتن جي ڪوٽا تي به ڀرتيون ڪيون وڃن. واضح رهي ته تعليم کاتي جون خالي پيل جايون هنن 41 هزار جاين کان علاوه آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *