نئون

نواز شريف جي طبيعت خراب، خصوصي بورڊ تشڪيل

 اسلام آباد جي پمز اسپتال جي هڪ ميڊيڪل بورڊ پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو ويو. ميڊيڪل بورڊ ۾ ڪارڊيولاجسٽ ڊاڪٽر نعيم، ميڊيڪل اسپيشلسٽ ڊاڪٽر شجيع سان گڏ ڊاڪٽر سهيل تنوير ۽ گيسٽرو لوجسٽ ڊاڪٽر مشهود شامل هئا. نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ آءِ جي جيل خانا جات ڏانهن موڪلي ويندي. ميڊيڪل بورڊ جي روشني ۾ نواز شريف کي اسپتال موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.. گذريل ڏينهن اڊيالا جيل جي ڊاڪٽرن پاران نواز شريف جو طبي معائنو ڪري رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته نواز شريف جي رت ۾ يورڪ ايسڊ وڏي ويو آهي، جنهن سان هن جا گڙدا فيل ٿي سگهن ٿا. ان ڪارڻ هن کي فوري طور تي اسپتال موڪلڻ جو به مشورو ڏنو ويو هو.