جهاز جي انجڻ جي مرمت لاءِ ننڍڙا روبوٽ تيار
جڳ مشهور ڪار تيار ڪندڙ ڪمپني رولز رائيس اهڙا ننڍڙا روبوٽ تيار ڪيا آهن جيڪي هڪ جهاز جي انجڻ اندر وڃي ان جي خرابين کان جهاز جي ماهرن کي آگاهه ڪري سگهن ٿا. جنهن سان انهن انجڻن جي مرمت ۾ آساني ٿي سگهي ٿي. هي روبوٽ ٻن کان ٽن انچن جي سائيز جا آهن ۽ انهن کي ڪاڪروچ جي شڪل ۾ ٺاهيو ويو آهي. هنن جو مقصد انجڻ جي اندروني حصن تائين بغير انجڻ کي کولي پهچڻ آهي. انهن روبوٽن کي ڦيٿن بجاءِ ٽنگون ڏنل آهن. رولز رائيس جي ماهر جيمز سيل جو چوڻ آهي ته اسان هنن روبوٽن جي مدد سان اهڙا ڪم پنجن منٽن ۾ ڪري سگهون ٿا، جن جي ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ پنج ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. ۽ اسان جو ارادو آهي ته هن روبوٽ کي هڪ انچ کان به ننڍو ڪري ٺاهجي ته جيئن انهن کي انجڻ جي حساس جاين تائين پهچائي سگهجي.

