بلاگنئون

سنڌ جي سونهن گيتن جو عوامي شاعر استاد بخاري

پنهنجي خطي جي سر زمين دنيا جي ٻين خطن جي زمين کان نرالي آهي اهڙي ريت دادو ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ استاد بخاري جهڙي هڪ حساس طبيعت جي نماڻي عوامي رنگ سان سرشار ٿيل شاعر کي سيد حاجن شاهه جي گهر پيدا ڪيو، جنهن جو والدين آذان (ڇٺي) جو نالو پنهل شاهه رکيو هو، جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان (عرسو) جي نالي سان سڏيندا هئا، مگر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي سندس والد خوشي منجهان پتاشا ورهائي (احمد شاهه) نالو لکرايائينس. ادبي دنيا شعر جي قدردانن ۽ فنڪارن وٽ اڄ ڏينهن تائين (استاد بخاري) جي نالي سان مشهور آهي. سيد احمد شاهه بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري جي گهر کان 16 جنوري 1930ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي، سندس ننڍپڻ ۾ عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن، امڙ جي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري 1944ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال 1946ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو، مگر اها نوڪري سندس طبيعت کي ڀان نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي. تڪڙو ئي 1947ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ڌاري انٽر، بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين ۽ وري استاد بخاري تعليم جي ميدان منجهه هڪ وک اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورسٽي مان (سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪئي. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگريزي ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو. سال 1967ع ڌاري استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. (جتي راقم خود اسسٽنٽ پروفيسر طور فرض سرانجام ڏيان پيو) اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ، دادو، ۽ سيوهڻ ڪاليجن منجهه ليڪچرار ٿي رهيو، آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو، هو 1950ع ڌاري شاعري واري ڏات سان پير پائي حقيقت ۾ شعر ۽ سنگيت جي جهان ۾ ڏات جلائيندي نظر آيو. سندس دل دردن سان ڀريل هئي. استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي. استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي، پاڻ چوي ٿو ته:

حسينن کي هر روز تحفا ڏيون ٿا،

جي نغما نه آهن ته سڏڪا ڏيون ٿا،

اوهان جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا،

سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا،

ٻه ڳوڙها ٿڌي ساهه ۾ يار ويڙهي،

اٿڻ وقت استاد ڀيٽا ڏيون ٿا.

سندس شاعري ۾ پهريون تخلص احمد شاهه هو پوءِ (آسي) ان بعد (دردي) ۽ (بخاري) به استعمال ڪيائين، مگر پوءِ جلدي پاڻ کي (استاد) سڏرايائين. سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي. سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت، درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي. استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڏهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هر روز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هئس ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. پاڻ گهاگهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻندو هو. ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو. اڪثر استاد اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي وقت ڪجهه ٻول ٻڌڻ لاءِ استاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس. 1947ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثيت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين. انهي زماني ۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ۾ ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 51-1950 ۾ مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي. 1950ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو. سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هو ته اتي وڃي پهچندو هئس. سندس تعلق بزم طالب الموليٰ انجمن، آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بهرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته:

جيئن زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري،

ائين تون به تڪڙو لکي وٺ، لکي وٺ!

پٺيان پاڻهي نقاد فيئر ڪندا پيا.

تون رف جهڙو تهڙو لکي وٺ، لکي وٺ!

استاد بخاري صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِ بجاءِ ملي ٿي. پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي. پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي، جيڪا ٽماهي رسالي مهراڻ ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصلا افزائي پڻ ڪئي. پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي. استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع، ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي، استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو هو استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي. استاد بخاري پنهنجي سونهن، محبت ۽ پيار جو شاعر هو. استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهنجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري جا سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون، لهر لهر درياءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو ۽ ووڪ، ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ، وطن ۽ ويساهه، ڳائي پيو جاڳي پيو،  ماندي ٿي نه مارئي، هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان، گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيو ڪافي اهڙو ڪلام جيڪو شعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهو مختلف اخباري رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي، ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي. زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيس، موت وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جيئڻ نه ڏنو. آخرڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو شاعري جو آخري ڀيرو سٽون لکي 9 آڪٽوبر 1992ع تي جمعي جي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع آخر 1413 هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي منهن مٽايو هليو ويو ۽ مالڪ حقيقي سان مليو. سندس مرتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي.