جنگ ڪڏهن به مسئلي جو حل ناهي رهي، جنگ ۾ هميشه جاني توڙي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنگي حالتن ڪري معاشي طور ملڪ غربت واري زندگي گذارين ٿا. بدمست اُٺ وانگر اڄڪلهه اسرائيل اسلامي ملڪن فلسطين ۽ لبنان تي پنهنجا حملا ڪري بيگناھ مسلمانن کي شهيد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايران سان کيس جنگ جو جنون سوار آهي. جڏهن ته ايران وري فلسطين ۽ لبنان کان عسڪري ۽ جنگي طور وڌيڪ طاقتور آهي. تازو ئي ايران، اسرائيل تي راڪيٽ حملو ڪري جرئت ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪري دنيا کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن. اسين هتي ٻن ملڪن ايران ۽ اسرائيل جي جنگي هٿيارن جو ذڪر ڪنداسين.
ايران جا جنگي هٿيار: ايران جي آبادي 8 ڪروڙ 75 لک جي لڳ ڀڳ آهي. هن وقت ايران ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن کي جنگي تربيت ڏنل آهي ۽ هر سال چار لک ماڻهن کي فوجي تربيت ڏني وڃي ٿي. جن کي جنگي حالتن ۾ ڪڏهن به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ايران جي ايڪٽوِ آرمي جو تعداد ساڍا ٽي لک آهي ۽ رزرو فوج جو تعداد به ساڍا ٽي لک آهي. پيرا ملٽري جا 2 لک ويھه هزار جوان موجود آهن. مليشيا جو تعداد 6 لک آهي جيڪا به آرمي سان گڏجي دشمنن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ايران وٽ 2 ڪروڙ ماڻهن کي هر وقت جنگ لاءِ تيار رهڻو پوندو آهي، جنگ ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي ڪڏهن به گهرائي سگهجي ٿو. ايران وٽ 1996 ٽئنڪون، 65675 فوجي گاڏيون، 580 موبائل توپون، 2050 فيلڊ گنس، 775 ملٽي بيرل راڪيٽ لانچر پڻ موجود آهن. ايران وٽ هوائي فوج جو تعداد ٻائيتاليھ هزار آهي. ايران وٽ 551 جنگي جهاز آهن، جن مان 186 فائيٽر جيٽس آهن. 23 بمبار طيارا، اسپيشل مشن لاءِ 10 طيارا، ايران وٽ ست ائير ٽينڪر موجود آهن. ايران وٽ 129 هيليڪاپٽر آهن جن مان 29 حملي آور هيليڪاپٽر آهن. اسرائيل وٽ نيوي جو تعداد 29 هزار آهي، وٽس 67 جهاز ۽ آبدوز آهن. ايران وٽ بحري جهاز 101 آهن. وٽس 29 آبدوز پڻ موجود آهن. ايران پهرين آڪٽوبر 2024 تي 180 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائيل اسرائيل تي هنيا. ايران وٽ جيڪي بيلسٽڪ ميزائيل موجود آهن اهي هن ريت آهن: شهاب-3 (1,000 ڪلو ميٽر رينج)، شهاب-5 (2,000 ڪلو ميٽر رينج)، عماد (1,700 ڪلو ميٽر رينج)، خورمشهر (2,000 ڪلو ميٽر رينج). ڪروز ميزائل: نور (200 ڪلو ميٽر رينج)، نصر-1 (200 ڪلو ميٽر رينج)، غدير (200 ڪلو ميٽر رينج).
ايران جا هٿيارن جا معاهدا چين، روس، ترڪي ۽ شام سان آهن، جن کان ايران پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ هٿيار وٺي ٿو. ايران جي نيوي وٽ 101 پاڻيءَ وارا جهاز، 41 پيٽرولنگ بوٽس، 19 آبدوز پڻ موجود آهن. مرين جنگ لاءِ هڪ خاص جهاز پڻ ايران جي نيوي ۾ شامل آهي.
اسرائيل جا جنگي هٿيار: اسرائيل جي ڪل آبادي تقريبن 90 لک 43 هزار جي لڳ ڀڳ آهي ۽ هر سال تقريبن هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي فوجي سکيا پڻ ڏني ويندي آهي. اسرائيل هن وقت 31 لک ماڻهن کي جنگ ۾ به استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪي باقائدي طور هر وقت جنگ لاءِ تيار هوندا آهن، جڏهن ته چار لک پنجهٺ هزار رزرَو فوجي آهن. اسرائيلي فوج وٽ 1370 ٽئنڪون، 73407 فوجي گاڏيون، 650 موبائيل توپون 300 فيلڊ گنس، 150 ملٽي بيرل راڪيٽ لانچر پڻ موجود آهن. ان کان علاوه اسرائيل وٽ 89 هزار هوائي فوج موجود آهي، جنهن وٽ 612 طيارا، 241 فائيٽر جيٽس، 39 بمبار طيارا، اسپيشل مشن لاءِ 23 طيارا، 12 ٽرانسپورٽ طيارا پڻ موجود آهن، 146 هيليڪاپٽر، 48 اٽيڪ هيليڪاپٽر آهن. اسرائيل جي نيوي جي ڳالھ ڪجي ته انهن وٽ 19500 نيوي جي فوج آهي. وٽس 67 پاڻيءَ وارا جهاز ۽ آبدوز پڻ موجود آهن، انهن وٽ 45 پيٽرولنگ بوٽس پڻ موجود آهن. تعداد جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ايراني فوج اسرائيل کان تعداد ۾ وڌيڪ آهي، پر اسرائيل ٽيڪنالاجي ۾ ايران کان اڳتي آهي. ايران اڪثر هٿيار پنهنجي ئي ملڪ ۾ تيار ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ايران تي ڪافي پابنديون آهن. ايران وٽ ستر عيسوي جي دور جا هوائي جهاز، پاڻيءَ وارا جهاز ۽ هٿيار آهن، مطلب چئي سگهجي ٿو ته ايران اسرائيل کان جديد دور جي ٽيڪنالاجي جي حساب سان ڪافي پري آهي. اسرائيل ۽ ايران ۾ خدانخواسته اگر جنگ جو خطرو ٿئي ٿو ته اهي ملڪ هڪٻئي کان تمام گهڻو پري آهن جنهن ڪري اهي پنهنجي زميني فوج کي استعمال نٿا ڪري سگهن. سامونڊي جنگ ٿيڻ جا به ٻنهي ملڪن وٽ گهٽ امڪان آهن، باقي فضائي جنگ جو خطرو انهن ملڪن جي وچ ۾ رهي ٿو.