بلاگنئون

سنڌ جي فڪري ۽ اخلاقي قدرن جو جائزو

سنڌ دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ تهذيب آهي، جنهن ۾ فڪر، اخلاق، رواداري ۽ انسان دوستي هميشه نمايان رهيا آهن. موهن جو دڙو جي تهذيب کان وٺي صوفي شاعرن تائين، سنڌ جي فڪري ورثي ۾ سچائي، همدردي، تعاون ۽ انساني احترام جهڙا قدر گهڻي اهميت رکن ٿا. قديم سنڌي تمدن ۾ شهري نظم ۽ ضبط، صفائي، قانون جي پاسداري ۽ گڏيل احترام اهي اصول هئا، جن تي سماجي اخلاقيات جا بنياد رکيا ويا هئا. هيءَ روايت بعد ۾ صوفي فڪر ذريعي وڌيڪ پختي ٿي، جنهن سنڌ جي فڪري سڃاڻپ کي هڪ عالمي انسان دوست رخ ڏنو. سنڌ جي صوفي روايت هن سر زمين جي فڪر کي وسعت ۽ نرم مزاجي ڏني. شاهه لطيف ڀٽائي انسان جي وحدت، محبت، اندروني سچائي ۽ روحاني آزاديءَ جو پيغام ڏنو. سندس شاعري ۾ اخلاقيات محض سماجي ذميواري نه، پر هڪ روحاني فرض طور بيان ٿيل نظر اچن ٿا. سچل سرمست فڪري وسعت ۽ رواداري، برداشت ۽ انسان جي بنيادي برابريءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. جڏهن ٻيا صوفي شاعر محبت، حق پسندي، صدق ۽ انصاف کي بنيادي اخلاقي معيار طور پيش ڪن ٿا. هن صوفي فڪر جي ڪري سنڌ ۾ رواداري، گڏيل احترام ۽ اخلاقي توازن هڪ مضبوط اجتماعي روايت بڻجي چڪا آهن. سنڌي سماج اندر ڪجهه اخلاقي قدر نسل در نسل منتقل ٿيندا آيا آهن. ادب ۽ احترام سماجي زندگي جو اهم حصو آهن، جتي وڏن جي عزت، ننڍن سان شفقت، مهمان نوازي ۽ قول جي پابندي کي عزت ڏني وڃي ٿي. سنڌي روايتن ۾ عورت جي سماجي حيثيت کي پڻ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. جيتوڻيڪ جديد دور ۾ ان قدر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت به محسوس ٿئي ٿي. سماجي سطح تي گڏيل احساس، تعاون ۽ انسانيت جي خيرخواهي اهي بنيادي قدر آهن، جن تي سنڌي سماج جو اخلاقي ڍانچو بيٺل آهي. سنڌي سماج اندر ادب، احترام ۽ مهمان نوازي اهڙا قدر آهن، جن جا مثال لوڪ ادب، چوڻين ۽ قصن ۾ بار بار ملن ٿا. سنڌي لوڪ چوڻي: “ادب ڪري ته عزت ملي”

هي معاشرتي اخلاقيات جو اهو رول آهي، جيڪو سماج ۾ ماڻهوءَ جي ڪردار کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي گهراڻن ۾ “وڏي جي ڳالهه مڃڻ” ۽ “ننڍن سان شفقت” روايتي قدر آهن. صوفي شاعري ۾ عورت جو احترام پڻ هڪ اهم اخلاقي قدر جي صورت ۾ ملي ٿو. لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ مارئيءَ کي سنڌ جي عزت، وفاداري ۽ غيرت جي علامت قرار ڏئي ٿو. مارئيءَ جو ڪردار هن ڳالھ کي ثابت ڪري ٿو ته سنڌي سماج ۾ عورت سماجي ۽ اخلاقي عظمت جي علامت رهي آهي.

جديد دور ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي ڪيترن نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي پيو. سوشل ميڊيا جي منفي اثرن، برداشت جو نه هجڻ، واڌ، لساني بيجا مقابلي، اقتصادي دٻاءُ، تعليم ۾ اخلاقي قدرن جي گهٽتائي ۽ نوجوانن جو پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿيڻ جهڙا عنصر سنڌ جي روايتي اخلاقيات لاءِ خطري جا اشارا آهن، پر ساڳي وقت جديد نسل ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ ثقافت بابت هڪ نئون شعور به پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافتي قدرن جي بحالي لاءِ هڪ اميد آهي. جديديت ۽ روايت وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ ئي سنڌي اخلاقيات کي محفوظ رکڻ جو بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو. تجزيو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ جا اخلاقي ۽ فڪري قدر بيٺل نه آهن، بلڪه وقت سان گڏ پنهنجو روپ بدلائين ٿا. سنڌي تصوف جي وسيع فڪري بنيادن ۾ جيڪي اصول شامل آهن، اهي جديد انساني اخلاق سان مڪمل هڪ جهڙائي رکن ٿا. جيڪڏهن نوجوان پنهنجي تهذيبي ورثي، صوفي فڪر ۽ سنڌي ٻوليءَ سان مضبوط تعلق رکندا ته سنڌي سماج نه رڳو اخلاقي طور مضبوط رهندو، پر جديد دنيا ۾ هڪ مثالي انسان دوست معاشري طور اڀري سگهي ٿو. سنڌ جي فڪري ۽ اخلاقي قدرن جو ورثو صرف ماضي جي يادگار نه آهي، بلڪه مستقبل لاءِ هڪ رهنمائي ڪندڙ چراغ آهي. هي ورثو سنڌي سماج کي انساني احترام، رواداري، محبت، علم ۽ سماجي انصاف طرف وٺي وڃي ٿو. نوجوان نسل جيڪڏهن پنهنجي فڪر، زبان ۽ ثقافت سان مضبوطيءَ سان ڳنڍيل رهندو ته سنڌ جو اخلاقي، سماجي ۽ فڪري مستقبل وڌيڪ روشن ٿي سگهي ٿو.