ايڊيٽوريلنئون

حڪومت جي بيانن باوجود عوام کي معيشت ترقي ڪندي نظر نٿي اچي

حڪومت ۽ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب معيشت جي سڌارن بابت مثبت تصوير پيش ڪندا رهن ٿا. جنهن ۾ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، ملڪ معاشي بحرانن کان ٻاهر نڪري رهيو آهي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جن ۾ آءِ ايم ايف کان قرض، پرڏيهي ملڪن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي اجرتن جا پئسا پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ بينڪن ۾ اچڻ جي ڪري وڌي رهيا آهن، مالي خسارو گهٽجي رهيو آهي، ترقيءَ جو هدف سرڪاري بيانيي مطابق هن وقت GDP جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو کان وڌي 4 سيڪڙو تائين مقرر ڪئي وئي آهي. نه صرف ايترو بلڪه حڪومتي دعوائن کان علاوه عالمي سطح تي به پاڪستان جي معيشت بابت اعتماد بحال ٿيندي نظر اچي ٿو. Moodys، S&P ۽ Fitch جهڙن ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتري آندي آهي.

حڪومت مطابق معيشت ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آهي، توانائي جي شعبي ۾ چوري کي گهٽايو ويو آهي ۽ برآمدات تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. انهن سڀني حڪومتي بيانن جي باوجود هڪ عام ماڻهو کي معيشت ترقي ڪندي نظر نٿي اچي. ڇو ته هڪ عام ماڻهو هن وقت مهانگائيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. هڪ ماڻهو جي ڪمائيءَ مان گهر جو هلڻ ممڪن نظر نٿو اچي، بيروزگاري عام آهي، ڇو ته سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپ ڪرڻ جي بجاءِ ملڪ مان سيڙپ ڪڍي رهيو آهي. نه صرف ايترو بلڪه ملڪ مان بين الاقوامي سيڙپ به مختلف وقتن تي نڪرندي نظر اچي رهي آهي. جنهن جو سبب يقينن پاڪستان ۾ حڪومتن جون تبديليون ۽ پاليسين جون  تبديليون آهن. ان کان علاوه اسان جي بنيادي ڍانچي جا مسئلا ۽ ملڪي غير مستحڪم امن امان واري صورتحال سيڙپڪار کي هتان نڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.

هن وقت ڪجهه اهم شعبن ۾ ٻاهريان ڪاروباري پنهنجو ناڻو ڪڍي پنهنجي سيڙپ کي بند ڪري واپس وڃي رهيا آهن، جنهن ۾ پراڪٽر اينڊ گيمبل ڪمپني کان علاوه آٽو موبائيل انڊسٽري ۾ سيڙپ ڪندڙ ڪمپنيون، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپ ڪندڙ، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪار صرف پاڪستاني پاليسين ۽ بيوروڪريٽڪ ريڊ ٽيپ جي ڪري هتان نڪري رهيون آهن. مختلف وقتن تي حڪومت طرفان تمام گهڻي فخر سان اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ملڪ ۾ اوورسيز پاڪستانين طرفان گهڻيون اجرتون اچي رهيون آهن، جيڪا هڪ تمام اميد افزا ڳالهه آهي، پر ان جو هڪ ٻيو پاسو به آهي ته اسان جو نوجوان هنرمند پاڪستان جي مختلف شعبن مان پنهنجي سر زمين کان ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيو آهي، جنهن کي “ذهانت جي پرواز” چيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري اسان جو معاشي ڍانچو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي، جيڪو ذهن ٻاهر وڃي ٿو ان جي خالي جاءِ ڀرڻ جي لاءِ اسان نوان تربيت يافته نوجوان تيزيءَ سان پيدا نه ڪري رهيا آهيون. جنهنڪري معيشت جي هر شعبي ۾ هنرمندن جي کوٽ ٿي رهي آهي.

اسان هڪ ڊگهي عرصي کان آءِ ايم ايف کان قرض وٺي رهيا آهيون. هن وقت پاڪستان جو في ماڻهو لڳ ڀڳ 8700 رپين جو آءِ ايم ايف جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي هلي رهيو آهي، جنهن ۾ هر سال قرض جي قسط ملڻ سان اضافو ٿيندو رهي ٿو. افسوس ته پاڪستان کي هڪ ڊگهي مدي واري معاشي اصلاحي پاليسي اڃان تائين نه ملي سگهي آهي، جنهن جي ڪري اهي سڌارا وقتي ثابت ٿين ٿا، جيڪي هڪ حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ٻي حڪومت پنهنجون نيون پاليسيون ٺاهي وري معيشت کي هڪ نئين پٽڙي تي چاڙهي ڇڏي ٿي. افسوس ته عوام جي مٿان قرض جو بار تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن جو ذميدار حڪمران طبقو آهي. جيڪي پنهنجي غلط پاليسين جي ڪري ۽ حڪومت جي وڌندڙ اجاين خرچن جي ڪري آءِ ايم ايف جي پئسي کي صحيح طرح سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري عام ماڻهو جي مٿان قرض جو بار هر سال وڌائي رهيا آهن.

آءِ ايم ايف هر سال سڌارا ڪرڻ ۽ سرڪاري خرچ گهٽائڻ جي صلاح ڏيندو آهي، پر اسان ڏٺو آهي ته سرڪار تمام گهڻي خراب معاشي صورتحال ۾ به خرچ گهٽ بجاءِ ان ۾ اضافو ڪيو آهي. سرڪار غير ضروري وڏا وفد ٻاهرين ملڪن جي دورن تي موڪيل ٿي جنهن جو بار عام ماڻهو کي کڻڻو پوي ٿو ۽ حڪمران طبقي جي عياشي برداشت ڪري ٿو. افسوس ته ورتل قرض عوام جي تعليم، صحت ۽ ملڪي انفرااسٽرڪچر کي تعمير ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ٿئي. حڪومت کي ڪامياب معيشت هلائڻ لاءِ انتهائي اهم ۽ بنيادي ڊگهي مدي وارا سڌارا ڪرڻا پوندا. جنهن ۾ سڀ کان اهم مالياتي ۽ ٽيڪس نظام ۾ انقلابي سڌارا آڻڻ آهن. ملڪ جو هڪ تمام وڏو امير طبقو ٽيڪس جي نيٽ کان ٻاهر آهي. حڪومت کي زراعت، ريئل اسٽيٽ ۽ پرچون جي دڪانن تي به ٽيڪس لڳائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٽيڪس جو نظام ڊجيٽلائيز ڪرڻ کانسواءِ ڪم نه هلندو. ان کانپوءِ حڪومت کي توانائيءَ جي شعبي جو مڪمل سڌارو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

صنعتون توانائيءَ کانسواءِ نٿيون هلي سگهن، ان ڪري حڪومت کي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ۽ پائيدار توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف متبادل بجلي جي پيداواري پاسن تي سيڙپ ڪرڻي پوندي، جتان اسان کي سستي ۽ پائيدار بجلي ملي سگهي. ان کان علاوه پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پرڪشش آفر ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام کانسواءِ مڪمل امان امان واري صورتحال هجي، جنهن سان سيڙپڪار کي تحفظ فراهم ٿي سگهي ۽ ون ونڊو آپريشن ذريعي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ سموريون سرڪاري اجازتون هڪ جاءِ تان مهيا ڪرڻ گهرجن. حڪومت کي انهن مٿين قدمن کان علاوه ملڪ ۾ پنهنجي عوام تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، جنهن ۾ تعليم ۽ هنري تربيت شامل آهن ته جيئن وڌ کان وڌ نوجوان ننڍي ڳوٺ کان وڏي شهر تائين برابري جي بنياد تي تعليم ۽ هنري سهولت حاصل ڪري سگهن، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي جون مهارتون به شامل هجڻ ضروري آهن. ان کان علاوه ڪرپشن جو خاتمو ۽ انصاف جو جلدي ۽ شفاف نموني سان ملڻ اهم آهن. حڪومت جيڪڏهن انهن سڌارن تي ڊگهي مدت ۾ پاليسيون ٺاهي عمل ڪندي ته يقينن ملڪ جي معيشت ترقي ڪري سگهي ٿي. پوءِ حڪومت کي خالي بيان بازي ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.