شهباز شريف (ن) ليگ جو وقتي صدر مقرر اجلاس مان چوڌري نثار جي غيرحاضري
مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي ڪميٽي پاران شهباز شريف کي وقتي پارٽي صدر مقرر ڪري ڇڏيو. جڏهن ته نواز شريف کي تا حيات قائد بنائڻ جي به منظوري ڏني وئي. شهباز شريف کي مستقل صدر چونڊرائڻ لاءِ 6 مارچ تي جنرل ڪائونسل جو فيصلو ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن ماڊل ٽائون ۾ مسلم ليگ جي چيئرمين راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گڏ نواز شريف، وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف، اسپيڪر اياز صادق، ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي. واضح رهي ته شهباز شريف جي صدر بنائڻ جي پارٽي جي سڀني اڳواڻن خوشي سان آجيان ڪئي. اهڙي اهم اجلاس ۾ چوڌري نثار کي غير حاضر ڏٺو ويو، ذريعن کان اطلاع آهي ته کيس دعوت ئي نه ڏني وئي هئي. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت کي حڪومت مان ڪڍڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، اسان کي چور، ڌاڙيل ۽ ڊرگ ڊيلر چيو ويو پر ڪير اسان تي 10 رپين جي ڪرپشن ته ثابت ڪري ڏيکاري هن چيو ته هر چونڊيل وزير اعظم کي ذليل ڪيو ويو، مارشل لا کي تحفظ ڏنو ويو ۽ آمرن جي هٿ تي بعيت ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته هو پي سي او تحت حلف کڻندڙ ججن جا فيصلا قبول نه ڪندو، اهو ڪرڻ اسان جي ضمير ۽ اصولي موقف جي خلاف آهي.

