“ڇا جو جهيڙو ھو احمد رضا. سچ سچ ٻڌائجان نه ته ھٿ ڳاڙھا ڪري ڇڏيندو سانءِ.” استاد مسرور، ڪرسيءَ تي ويھندي پڇيو.
“سائين… سائين، آزاد پارِيھر جو بيضو پيو کڻي. مان جهليو مانس ته مون کي کڻي دَسِيائين. مان نه پيو وڙھان. آزاد پيو وڙھي سائين.” احمد رضا، روئڻھارڪو ٿيندي وراڻيو.
استاد مسرور جي نِھارَ کاٻي پاسي اسڪول جي ڪمرن جي مُھاڙيءَ ڏانھن کَڄي وئي. اتي ئي ڇت جي اَولي کان ھيٺ رازي، ڊزائين ٺاھي ھئي. انَ ڊزائين جي ٻاھرين پاسي وڌيلَ حصي تي پاريھرن جو جوڙو آکيرو ٺاھي رھيو ھو. مادي اتي ئي ويٺل ھئي؛ جڏھن ته نَرُ، ھرَ ھرَ اڏامي پئي ويو ۽ موٽَ تي سندس چُھنبَ ۾ چَھا (سنهڙي تيليءَ جھڙيون لامون) ۽ ڪکَ پنَ ھئا، جن کي ھُو اتي رکي وري اڏامي پئي ويو. بھار جي مند جي ڪري سُڪلَ پنَ به فرش تي پيل ھئا. پاريھر اتان به ڪک پن کڻي آکيري لاءِ پئي رکيا، نَرُ ۽ مادي ڪالهه کان انھيءَ ڪم ۾ رُڌلَ ھئا.
“سائين مان ٻڌايان؟” استاد مسرور کي بائيڪ جي چاٻي ڏيڻَ لاءِ آيل پنجون پڙھندڙ شاگرد حسيب پڇيو.
“ھا ٻڌاءِ پٽَ.” استاد مسرور وراڻيو.
“سائين رڳو آزاد نه پرَ احمد رضا به ساجهر پاريھر جو بيضو کڻڻ لاءِ آيو ھو. ھي ڏسو ھن جي ھٿَ ۾ غليل به آھي سائين. ڪالهه موڪل کان پوءِ، ھي اسڪول جو گيٽ ٽَپي اندر به آيو ھو.” حسيب ٻڌايو.
استاد مسرور ڪاوڙ وچان احمد رضا ڏانھن ڏسڻَ لڳو.
“سائين مان پاريھر جو بيضو کڻڻ لاءِ نه پر ان کي ڪانگَ کان بچائڻَ لاءِ آيو ھئس. مان سچ ٿو ڳالهايان سائين.” احمد رضا ڳيت ڏيندي چيو.
انھيءَ مھل ئي ٻيا استاد به پھچي ويا. استاد مسرور ڪاوڙ وچان احمد رضا کان غليل کَسي ميز تي رکي ۽ استادن سان ملڻ لاءِ اُٿي ويو.
اسيمبلي کانپوءِ استاد مسرور جڏھن ٻارن جي حاضري لڳائي ته کيس ڄاڻ پئي ته آزاد ڪو نه آيو آھي.
استاد مسرور، حسيب کي موڪليو ته جيئن ھو آزاد کي وٺي اچي.
ڪجهه دير کانپوءِ حسيب موٽي آيو.
“سائين آزاد چيو ته اسان جي گهرَ جو ڪم ٿو ھلي، مان اڄُ اسڪول نه ايندس.” حسيب چيو.
اھو ڏسي استاد مسرور اٿي احمد رضا ڏانھن آيو ۽ سندس مٿي تي ھٿ ڦيريندي چيائين “مون کي پڪَ آھي ته تون سچ پيو ڳالهائين.”
اھو ٻُڌي احمد رضا مرڪي ڏنو.
استاد مسرور پنھنجي ميز تي رکيل بيدَ جي لَٺِ کنئي ۽ مانيٽر کي ڪلاسُ سنڀالڻ جو چئي اسڪول جي مک درَ ڏانھن ھلڻ لڳو.
“اَئِي لِي ڙي؛ اڄُ ته آزاد سَٽجي ويو.” ھڪ شاگرد اٿي بيھي رڙ ڪئي. ٻيا سڀ ٻار استاد ڏانھن ڏسڻَ لڳا. جڏھن ته احمد رضا جي نھارَ، اڃان به ڪانگَ تي ڄميلَ ھئي.
استاد مسرور سڌو سنئون آزاد جي گهر ڏانھن وڃڻَ بدران، ھڪ ٻي گهٽيءَ ڏانھن وڌيو. استاد مسرورَ کي ڄاڻَ ھئي ته جي ھُو آڏو واري پاسي کان ويو ته کيس ڏسي آزاد ڀڄي ويندو. ان ڪري ھن پٺئين پاسي کان وڃڻَ جو فيصلو ڪيو ھو.
اڃان ھُو گهٽيءَ جي مُنڍَ وٽ ئي مس پھتو جو ھنَ اسڪول ڏانھن ٻارن جي گوڙَ جو آواز ٻڌو.
ھن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته سندس نھارَ احمد رضا تي پئي، جيڪو غليل کنيو ڊُڪندو ھڪ پاسي ويو پئي.
“اڙي! ھي وري ڪيڏانھن پيو وڃي؟ نڀاڳو مون سان ڪوڙ ڳالهائي ويو.” استاد مسرور، توائيءَ وچان پاڻَ سان ڳالهايو.
استاد مسرور احمد پھرين ته واپس اسڪول ڏانھن وڃڻ جو سوچيو پر پوءِ اھا سوچ رَد ڪري ھو آزاد جي گهر ڏانھن وڌي ويو.
جلدي ئي ھُو، گهرَ جي پُٺئين پاسي وٽ پھتو ۽ اتان سنهڙي گهٽيءَ ۾ ھلندو اڳئين در ڏانھن وڌيو.
گهٽي پوري ٿيندي ئي استاد مسرور بَجِريءَ جي وڏي ڍِڳَ جي اوٽَ ۾ لڪي بيٺل آزاد کي ڏٺو. آزاد جي پُٺي استاد ڏانھن ھئي ۽ ھن جي ھٿَ ۾ نِم جي ٿُلهي ٽاري پڻُ ھئي. ھو ڄڻُ ته چوڪسي لڳائي ڪنھن جو اوسيئڙو (انتظار) ڪري رھيو ھو.
کيس اھڙي نموني ٽاري کنيُو ويٺل ڏسي استاد مسرور سمجهي ويو ته آزاد جا ارادا ڪھڙا آھن؟ پڪَ سان آزادَ، احمد رضا کي اسڪول مان نڪرندي ڏسي ورتو ھو ۽ ھاڻ ھُو کيس ڪُٽڪو ڏيڻَ لاءِ اتي تاڙَ ۾ بيٺو ھو. ان مھل اُتي ٻيو ڪير به نه ھو. استاد بنا ڪو کَڙڪو ڪرڻَ جي اڳتي وڌيو ۽ آزاد جي صفا ويجهو پھچي اڃان کيس ڪنڌَ کان پڪڙڻَ لاءِ ھٿُ مسَ وڌايو جو بَجِريءَ جي پھاڙَ جيڏي ڍِڳَ پٺيان احمد رضا جو آواز آيو… “نه ويندين.”
پوءِ، انَ کان اڳ جو آزاد، احمد رضا کي ۽ استاد مسرور، آزاد کي سُڪَ ڪري ھا، بجريءَ جي ڍِڳَ تان احمد رضا، اولمپڪس راندين ۾ وڏي ٽَپَ (LONG JUMP) جي رانديگر جيان اُڇلَ کائيندي ھنن ٻنهي کان به مٿانھون؛ ڄڻ ته اڏامندي نَمودار ٿيو.
استاد مسرورَ سان گڏ آزادَ جو به وات ڦاٽي ويو ۽ ھو اچرجَ مان احمد رضا کي ڏسڻَ لڳا.
احمد رضا مٿي کَڄندي ئي پنھنجي غليل سِڌي ڪئي ۽ مٽيءَ جو غُليڙو ھوا ۾ وھائي ڪڍيائين.
ھنَ پنھنجا ٻئي ھٿ گڏائي جَهليا ۽ آزاد ڏانھن ڏٺو. آزاد به دير ئي نه ڪئي ۽ ھڪدم پنھنجو پير استادَ جي تِرين تي رکي مٿي ٽپُ ڏنو. احمد رضا جي پَٽَ تي ڪِرندي ئي آزادُ به ڪنھن پکيءَ جيان مٿي ويو ۽ ٻِي گهڙي پنھنجي ٻنهي ھٿن جي گڏيل ٻُڪَ ۾ ڪا شيءِ جَهٽيندو واپس اچي پَٽَ تي لٿو.
سَھڪندڙ احمد رضا به تيستائين اُٿِي استاد وٽ پھچي ويو ھو.
استاد مسرور ۽ احمد رضا جون نھارون جيئن ئي آزاد جي کليل تِرين تي پيون سندن چَپن تي مرڪَ اچي وئي.
“ھا سائين، بچي ويو.” آزاد ٽھڪ ڏئي چيو.
سندس ترين تي پاريھر جو بيضو پيل ھو.
استاد مسرور جي اسڪول مان نڪرندي ئي ڪانگ لامارو ڏئي بيضو کنيو ھو، جيڪو احمد رضا جي غليل جي غُليڙي لڳڻ کانپوءِ آزاد جهٽي ذيانُ ٿيڻَ کان بچائي ورتو ھو. ٻئي دوستَ سچا ھئا. ٻنهي جي نيت، پاريھرن جي مدد ڪرڻَ جي ھئي. بس، ٻاراڻي ذھنَ جي ڪري ٻئي ھڪٻئي کي سمجهي نه سگهيا ھئا.
“اچو ٻارو ته بيضو موٽائي آکيري ۾ رکون ۽ گڏجي آکيري کي ايترو ته مضبوط ٺاھيون جو وري ڪو ڪانگُ ان مان بيضو نه چورائي سگهي.” استاد مسرورَ مرڪندي چيو ۽ ٻنهي ڏِنگن ٻارن سُوڌو اسڪولَ ڏانھن ھلڻ لڳو.
بيدَ جي سوٽِي ڪانگَ جي کنڀن مٿان، اُتي ئِي پيلَ رھي.