ڪهاڻيوننئون

وڻ اسان جا دوست آهن!

ڏاڏي مٺي ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هئي… هاتڪ ڏاڏيءَ وٽ آيو ۽ چيائين، “ڏاڏي مٺي! ڇا سج ڪنھن کي ماري سگھي ٿو؟”

ڏاڏي مٺي حيران ٿي ۽ چوڻ لڳي، “ها پٽ، بالڪل سج ماري سگھي ٿو. سج جا غير متوازن ڪرڻا انسانن جي لاءِ هاڃيڪار هوندا آهن، جن جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون ٿي سگهن ٿيون.”

هاتڪ کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، پڇيائين، “ڏاڏي مٺي! اهي غير متوازن ڪرڻا ڇا ٿيندا آهن؟”

ڏاڏي مٺيءَ وراڻيو، “مان توکي سڄي ڳالھ تفصيل سان ٻڌايان ٿي، تون پنهنجن دوستن کي به سڏي اچ ته جيئن اهي به غير متوازن ڪرڻن جي باري ۾ ڄاڻي سگهن.”

هاتڪ سگهو ئي ٻن ٽن دوستن کي سڏي آيو، هينئر اهي سڀئي ڏاڏي مٺيءَ جي آڏو ويهي رهيا. ڏاڏي مٺيءَ  چيو، “ٻارو! ڪائنات ۾ سج کي بادشاھ سياري جي حيثيت حاصل آهي، ڇو ته دنيا ۾ هر جاندار شيءِ ان کان توانائي حاصل ڪري ٿي جنهن ۾ انسان، جانور، ٻوٽا، وڻ، ٽڻ، پکي پکڻ، جيت جڻا سڀ شامل آهن. ان کانسواءِ سج پنهنجي ارد گرد جي سڀني سيارن کي روشني ۽ حرارت ڏيندو آهي. زمين سان به ان جو اهڙو ئي لاڳاپو آهي. سج کان زمين تائين پهچندڙ ڪرڻا اوزون نالي تھ مان لنگهي ايندا آهن. اهو تھ شعاعن جي هاڃيڪار عنصرن کي پاڪ صاف ڪري زمين ڏانهن اماڻيندو آهي ته جيئن زمين تي رهندڙ هر جاندار انهن زهريلي شعاعن جي اثر کان محفوظ رهن، پر زمين مان اٿندڙ زهريلي گئسن جي ڪري اوزون جو تهه ختم ٿيندو پيو وڃي، جنهن ڪري سج جا ڪرڻا مڙني نقصانڪار عنصرن سميت زمين تي پهچن ٿا، جن کي اسين سج جا غير متوازن ڪرڻا چوندا آهيون. اهي ڪرڻا ايترا ته خطرناڪ ٿيندا آهن جو انهن سان چمڙيءَ جو ڪينسر ٿي سگهي ٿو.”

هاتڪ جي دوست فراز پڇيو، “ڏاڏي مٺي! ڇا اسان اوزون جي تھ کي ختم ٿيڻ کان روڪي نٿا سگهون؟”

ڏاڏيءَ وراڻيو، “جيڪڏهن اسان پنهنجي ماحول مان فضائي گدلاڻ جو خاتمو آڻيون ته اوزون جي تھ کي ختم ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو.”

“اسان فضائي گدلاڻ جو خاتمو ڪيئن آڻي سگهون ٿا؟” عابد پڇيو، جيڪو  ڏاڏيءَ جون ڳالهيون نهايت ڌيان سان ٻڌي رهيو هو.

ڏاڏي مٺيءَ چيو، “فضائي گدلاڻ کي گهٽائڻ جي لاءِ اسان کي وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ گهرجن، ڇو ته وڻ انساني صحت جي لاءِ هاڃيڪار گئس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري آڪسيجن گئس ٻاهر ڪڍن ٿا. وڻ اسان جي لاءِ اهو ڪم ڪن ٿا جيئن انسان جي جسم ۾ ڦڦڙ ڪم ڪن ٿا. جڏهن فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جو مقدار گهٽجي ويندو ته ماحول صاف ٿي ويندو ۽ فضائي گدلاڻ گهٽجي ويندي. اهڙي طرح اسان اوزون جو تھ محفوظ ڪري سگهون ٿا.”

عامر! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟! ڏاڏيءَ پڇيو.

“ڏاڏي! مان وڻ پوکڻ پيو وڃان ته جيئن ماحول جي گدلاڻ گهٽائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهان.”

اهو ٻڌي هاتڪ ۽ سندس ٻيا ساٿي به عامر جي پويان وڃڻ لڳا ته جيئن اهي انهيءَ چڱي ڪم ۾ پنهنجو پنهنجو حصو وجهي سگهن…

ڏاڏي مٺيءَ جي منهن تي مرڪ هئي ۽ هوءَ وري ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويئي.

***