شاعرينئون

شاعري

غزل

ديوي ناگراڻي

ھيءَ سنڌ آ سڀاڳي جنھن جي شھاڻي ٻولي

جا ھنج  ۾کڻي پئي مون کي سڻائي لولي

ڪهڙيون وساري آخر، ڪهڙيون وساريان ڳالهيون

خوشبو خمار جنهن ۾، آهي سا منهنجي ٻولي

سي سنڌ جا اڱڻ  ۽ ماڙيون ۽ مٺڙا ماڻهو

وسرئي نه ٿا سي وسرن جن سان مون کيليِ هولي

جنهن پرانت ۾ نه ٻولي، دامن آ تنهنجو خالي

هر پرانت جي سڃاڻپ، آهي انهيءَ جي ٻولي

ٿي پاڻ ۾ هميشه يڪمشت منهن ته ڏيندا

راهن ۾ مشڪلاتن جي آئي آهي ٽولي

چندن سمان آهي تنهن ۾ هڳاءُ ديوي

مهڪائي ساهه کي ڄڻ، خوشبوءَ جي هيءَ ڇولي.

***

سنجها چنا

اسين سڀ اڌورا آھيون!

رشتن ۾

 ذميوارين ۾،

 محبتن ۾،

مقصدن ۾

اسين سڀ گمنام آھيون!

ڪنھن جي نيڻن ۾،

 ڪنھن جي دلين ۾،

ڪنھن جي خوابن ۾،

ڪنھن جي حقيقتن ۾،

اسين سڀ ٽٽل آھيون!

ڪنھن جي سڏڪن ۾،

 ڪنھن جي ٽھڪن ۾،

ڪنھن جي اداسين ۾،

ڪنھن جي لھجن ۾،

اسين سڀ دفن آھيون!

ڪنھن جي ماضيءَ ۾

ڪنھن جي يادن ۾

ڪنھن جي فقرن ۾

ڪنھن جي رازن ۾

اسين سڀ خدا آھيون!

پنھنجي انائن ۾،

ڪنھن جي پناھن ۾،

ڪنھن جي راھن ۾،

ڪنھن جي ڇانئُن ۾.

***

ڌرتيءَ جو گيت

وسيع الدين جوڻيجو

سڻ اي مورک انسان،

ڌرتيءَ کي زنده رکڻوآ.

ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ،

ھن کي پائنده رکڻو آ.

سڻ اي مورک انسان

ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.

جنھن توکي پنھنجو رت ڏنو،

جنھن توکي پنھنجو ست ڏنو،

تنھن ماءُ جو قرض نه لھڻو آ.

ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.

تو ميرا ھن جا بحر ڪيا،

تو گدلا ھن جا شھر ڪيا،

ھاڻي صاف انھن کي ڪرڻو آ.

ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.

اوچا پربت دلڪش واديون،

ھڪدم بند ڪر تون تن سان تعديون،

بس، پيار سان تن سان ھلڻو آ.

ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.

***

ممتاز علي ٿرواسي

ساهه جو سڳڙو ڇڄي سگهي ٿو

روح رانديڪو ٽٽي سگهي ٿو.

لاڙ ڀاڪر سان ڀِڄي ويو آ

ٿر اڃارو ڀي پُسي سگهي ٿو.

ڪالهه جنھن جا قصا ٿي ڪيا دل

اڄ اهو ساڳيو اچي سگهي ٿو.

چاندني ٿي اولڙا سنڀاليا

خيال ٿي سورج مکي سگهي ٿو.

آ پڻي مون کي گهڻي وڻي پر

ڪو مٽي ماڻهو چمي سگهي ٿو.

ٿي ٻڌيون دل ڌڙڪنون اوهان جون

مئڪشي ۾ مزو ملي سگهي ٿو.

***

غزل

محمد ياسين ڪنڀر

اسان جي راھ ۾ ڪنڊا.

اسان جي چاھ ۾ ڪنڊا

اڃا سڪرات جاري آ

لڳن ٿا ساھ ۾ ڪنڊا.

ٿيو زخمي ڪو وھنجڻ سان

وِڌا ڪنھن واھ ۾ ڪنڊا.

رکيا ويرن وڏا آھن

گلن ۾ گاھ ۾ ڪنڊا.

متو ياسين مچ ويتر

پيا آڙاھ  ۾ ڪنڊا.

***

غزل

 اعجاز جي. آر جمالي

پيو مجبورين جي گهيري ۾، وطن پنهنجو ڇڏيم تنهن دم،

هئي غربت جي لاچاري، ويو پرديس ۾ هر دم.

ڪيان ڪنهن سان ڪٿي ڳالهيون، هتي ته رابطو ناهي،

نه خط پهتو نه نياپو ڪو، لڳو ڄڻ روڳ آ ماتم.

سُڻيم جڏهن خبر تنهنجي، ته شادي ٿي وئي تنهنجي،

وئي قسمت رٺي مون کان، وڌي ويو روح ۾ پنهنجو غم.

ملڻ جي هاڻ ناهي جاءِ، نڪو ناتو نڪو رستو،

 تون ٻئي جي لئه بڻين سونهن، اسان لئه درد جو عالم.

لکيو هو بخت ۾ شايد، ته رهنداسين جدا هر پل،

خدا حافظ چئي ويٺاسين،

ٽُٽيو سڀ ساٿ ۽ سنگم اعجاز جي. آر جمالي چئي.

***

وفا گل محمد جمالي

سار ڇيڙي پيئي درد سنگيت کي

ڪو ٻڌائي وڃي هِي منهنجي مِيت کي.

هُو به ماحول جي ور چڙهي آ ويئي

مات ڏيئي سگِهي نه ڪڌي ريت کي.

مون کَٽي آ وري هڪڙي دل داءُ ۾

پيار ناهي ته پوءِ ڇا ڪبو جيت کي.

تون ڪٿي ٿي رهين تون ڪٿي ٿي وسين

هي ته چئجان وڃي اي پکي! پريت کي.

مند ڳالهيون ٻُڌا يار جي پار جون

اي هوا، اي فضا ڇيڙ سنگيت کي.

***