شاعرينئون شاعري April 16, 2026 Zahida Abro غزلديوي ناگراڻيھيءَ سنڌ آ سڀاڳي جنھن جي شھاڻي ٻوليجا ھنج ۾کڻي پئي مون کي سڻائي لوليڪهڙيون وساري آخر، ڪهڙيون وساريان ڳالهيونخوشبو خمار جنهن ۾، آهي سا منهنجي ٻوليسي سنڌ جا اڱڻ ۽ ماڙيون ۽ مٺڙا ماڻهووسرئي نه ٿا سي وسرن جن سان مون کيليِ هوليجنهن پرانت ۾ نه ٻولي، دامن آ تنهنجو خاليهر پرانت جي سڃاڻپ، آهي انهيءَ جي ٻوليٿي پاڻ ۾ هميشه يڪمشت منهن ته ڏينداراهن ۾ مشڪلاتن جي آئي آهي ٽوليچندن سمان آهي تنهن ۾ هڳاءُ ديويمهڪائي ساهه کي ڄڻ، خوشبوءَ جي هيءَ ڇولي.***سنجها چنااسين سڀ اڌورا آھيون!رشتن ۾ ذميوارين ۾، محبتن ۾،مقصدن ۾اسين سڀ گمنام آھيون!ڪنھن جي نيڻن ۾، ڪنھن جي دلين ۾،ڪنھن جي خوابن ۾،ڪنھن جي حقيقتن ۾،اسين سڀ ٽٽل آھيون!ڪنھن جي سڏڪن ۾، ڪنھن جي ٽھڪن ۾،ڪنھن جي اداسين ۾،ڪنھن جي لھجن ۾،اسين سڀ دفن آھيون!ڪنھن جي ماضيءَ ۾ڪنھن جي يادن ۾ڪنھن جي فقرن ۾ڪنھن جي رازن ۾اسين سڀ خدا آھيون!پنھنجي انائن ۾،ڪنھن جي پناھن ۾،ڪنھن جي راھن ۾،ڪنھن جي ڇانئُن ۾.***ڌرتيءَ جو گيتوسيع الدين جوڻيجوسڻ اي مورک انسان،ڌرتيءَ کي زنده رکڻوآ.ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ،ھن کي پائنده رکڻو آ.سڻ اي مورک انسانڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.جنھن توکي پنھنجو رت ڏنو،جنھن توکي پنھنجو ست ڏنو،تنھن ماءُ جو قرض نه لھڻو آ.ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.تو ميرا ھن جا بحر ڪيا،تو گدلا ھن جا شھر ڪيا،ھاڻي صاف انھن کي ڪرڻو آ.ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.اوچا پربت دلڪش واديون،ھڪدم بند ڪر تون تن سان تعديون،بس، پيار سان تن سان ھلڻو آ.ڌرتيءَ کي زنده رکڻو آ.***ممتاز علي ٿرواسيساهه جو سڳڙو ڇڄي سگهي ٿوروح رانديڪو ٽٽي سگهي ٿو.لاڙ ڀاڪر سان ڀِڄي ويو آٿر اڃارو ڀي پُسي سگهي ٿو.ڪالهه جنھن جا قصا ٿي ڪيا دلاڄ اهو ساڳيو اچي سگهي ٿو.چاندني ٿي اولڙا سنڀالياخيال ٿي سورج مکي سگهي ٿو.آ پڻي مون کي گهڻي وڻي پرڪو مٽي ماڻهو چمي سگهي ٿو.ٿي ٻڌيون دل ڌڙڪنون اوهان جونمئڪشي ۾ مزو ملي سگهي ٿو.***غزلمحمد ياسين ڪنڀراسان جي راھ ۾ ڪنڊا.اسان جي چاھ ۾ ڪنڊااڃا سڪرات جاري آلڳن ٿا ساھ ۾ ڪنڊا.ٿيو زخمي ڪو وھنجڻ سانوِڌا ڪنھن واھ ۾ ڪنڊا.رکيا ويرن وڏا آھنگلن ۾ گاھ ۾ ڪنڊا.متو ياسين مچ ويترپيا آڙاھ ۾ ڪنڊا.***غزل اعجاز جي. آر جماليپيو مجبورين جي گهيري ۾، وطن پنهنجو ڇڏيم تنهن دم،هئي غربت جي لاچاري، ويو پرديس ۾ هر دم.ڪيان ڪنهن سان ڪٿي ڳالهيون، هتي ته رابطو ناهي،نه خط پهتو نه نياپو ڪو، لڳو ڄڻ روڳ آ ماتم.سُڻيم جڏهن خبر تنهنجي، ته شادي ٿي وئي تنهنجي،وئي قسمت رٺي مون کان، وڌي ويو روح ۾ پنهنجو غم.ملڻ جي هاڻ ناهي جاءِ، نڪو ناتو نڪو رستو، تون ٻئي جي لئه بڻين سونهن، اسان لئه درد جو عالم.لکيو هو بخت ۾ شايد، ته رهنداسين جدا هر پل،خدا حافظ چئي ويٺاسين،ٽُٽيو سڀ ساٿ ۽ سنگم اعجاز جي. آر جمالي چئي.***وفا گل محمد جماليسار ڇيڙي پيئي درد سنگيت کيڪو ٻڌائي وڃي هِي منهنجي مِيت کي.هُو به ماحول جي ور چڙهي آ ويئيمات ڏيئي سگِهي نه ڪڌي ريت کي.مون کَٽي آ وري هڪڙي دل داءُ ۾پيار ناهي ته پوءِ ڇا ڪبو جيت کي.تون ڪٿي ٿي رهين تون ڪٿي ٿي وسينهي ته چئجان وڃي اي پکي! پريت کي.مند ڳالهيون ٻُڌا يار جي پار جوناي هوا، اي فضا ڇيڙ سنگيت کي.*** Post Views: 0