سفر ناموسفرنامونئون

برطانيه جي ڀونءِ ۾ … (سفر نامو-قسط ڏهين)

گورن قزاقن جي گولڊن ھنڊي ۾ ڪجھه گھڙيون…

سڙھه سَنوَان، لاڄو نوان،

مهاڻا سندن مير،

ساٿي سفر هلئا، ٿيا سَڻاوا سير،

جي اچَن ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجھه سين.

لطيف سائين سر سامونڊي ۾ اُنھن ٻيڙن جو ذڪر ڪيو آھي، جن جا ملاح پنھنجن پيارن کي ڇڏي شڪار يا واپار سانگي ڏور سمنڊ ۾ نڪري ويندا ھئا ۽ جن جي واپس خير سک سان موٽي اچڻ لاءِ اُنھن جون پريمڪائون آسوندي اکين سان سامونڊي ڪنارن تي اوسيئڙو ڪنديون ھيون، پر پاڻ اڄ جنھن بحري ٻيڙي(Ship)  جو ذڪر ڪري رھيا آھيون، اُھو سمنڊ ۾ نون آبي رستن ۽ نون علائقن جي تلاش ۾ نڪتو ھو. ان مھم جوئي جي پويان اصل مقصد ھو انگلينڊ جي شاھي سلطنت جي حڪمراني ۽ فوجي طاقت جو دائرو ۽ دٻدٻو باقي دنيا تائين وڌائڻ، مالي وسيلا پيدا ڪرڻ، اسپين جي جنگي ٻيڙن(galleon)  تي حملو  ڪرڻ ۽ مال بردار ٻيڙن کي لُٽڻ. ان مقصد کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ 13 ڊسمبر 1577ع تي انگلينڊ جي راڻي الزبيٿ اول (Queen Elizabeth I) جي جاري ڪيل فرمان جي روشني ۾ پنجن بحري ٻيڙن (ships) جو قافلو(fleet)  انگلينڊ جيPlymouth  بندرگاھه تان ايڊمرل فرانسس ڊريڪ جي سرواڻي ۾ روانو ٿيو. اُن قافلي ۾ ھيٺيان بحري ٻيڙا شامل ھئا.

(1) پيليڪان (Pelican) جيڪو بعد ۾ تاريخ ۾ گولڊن ھنڊ(Golden Hind) جي نالي سان سڃاتو ويو ۽ اُھو قافلي ۾ شامل سڀني بحري ٻيڙن کان وڏو ھو. اُن جي ڊيگھه (Length) تقريبن 30 ميٽر، اونھائي (Depth) لڳ ڀڳ 4 ميٽر ۽ وزن تقريبن 120 ٽن ھو. اُن ٻيڙي جو ڪپتان ايڊمرل فرانسس ڊريڪ ھو، جيڪو پوري قافلي جو به اڳواڻ ھو. (2) الزبيٿ(Elizabeth)  بحري ٻيڙو جنھن جو وزن تقريبن 100 ٽن. (3) ميري گولڊ (Marigold) جنهن جو وزن تقريبن 30 ٽن. (4) سوان(Swan)  جنهن جو وزن تقريبن 50 ٽن ۽ (5) ڪرسٽوفر (Christopher) جنهن جو وزن تقريبن 15 ٽن ھو. پنجن الڳ ٻيڙن تي مشتمل ھي بحري قافلو(fleet)  اڳتي ھلي ڊگھي ۽ خطرناڪ سامونڊي  سفر ۾ ٽُٽي ويو. اسٽريٽ آف ميگلان (ائٽلانٽڪ سمنڊ کي پئسيفڪ سمنڊ سان ڳنڍيندڙ گَس) ۾ خطرناڪ طوفان سبب پنج ئي بحري ٻيڙا مختلف ھنڌن تي هڪ ٻئي کان وڇڙي جدا ٿي ويا. ظاھر آھي اُن زماني ۾ موٽر انجڻيون ته ايجاد ڪونه ٿيون ھيون ۽ نه ئي ڪا نيويگيشن جي جديد ڄاڻ دستياب ھئي، جيڪا ٻيڙن کي سمنڊ ۾ آيل مصيبتن کان بچائڻ ۽ ڀَٽڪي وڃڻ جي حالت ۾ رھنمائي ڪري. اُن دور ۾ بحري ٻيڙن کي چَپُن (ونجهھ) جي مدد سان ھلايو ويندو ھو ۽ ھوائن جي رخ ۽ زور کي سِڙھه جي مدد سان سنڀاليو(maintain)  ۽ درست ڪيو ويندو ھو. اُن دور ۾ سمنڊ ۾ برپا ٿيندڙ طوفانن ۽ ناگھاني حالتن ۾ فقط انساني سگھه ۽ قائدانه صلاحيت ئي ٻيڙن کي منزل مقصود تي پھچائڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندي ھئي. ميري گولڊ(Marigold) بحري ٻيڙو سمنڊ ۾ آيل طوفان جي وَر چڙھي تباھه ٿي ويو ۽ اُن جو سڄو عملو سمنڊ ۾ لُڙھي مري ويو. الزبيٿ بحري ٻيڙي(Elizabeth)  کي سخت طوفان ۽ خراب موسم جي سَٽ نه سھندي واپس انگلينڊ موٽڻو پئجي ويو. سوان(Swan)  ۽ ڪرسٽوفر Christopher  بحري  ٻيڙن کي سمنڊ ۾ اُٿندڙ خطرناڪ طوفان سبب شديد نقصان پھتو، تنهنڪري اُنهن ٻنھي ٻيڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٽوڙيو ويو ۽ اُنھن جو ڪارائتو سامان گولڊن ھنڊ(Golden Hind)  بحري ٻيڙي ۾ منتقل ڪيو ويو. گولڊن ھنڊ(Golden Hind)  ٻيڙو اصل نالوPelican   آخر تائين ڪافي نقصان جي باوجود به سلامت رهيو ۽ اُھو فليٽ جو واحد ٻيڙو هو، جنھن ائٽلانٽڪ سمنڊ کان پئسيفڪ سمنڊ تائين دنيا جو ڪامياب سفر ڪيو. سفر دوران اُن سخت طوفان ۽ خطرناڪ حالتن کي منھن ڏنو ۽ اُن جي ڪپتان فرانسس ڊريڪ پنھنجي ٻيڙي کي صحيح سلامت بچائي رکڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سامونڊي مشن جا گھربل نتيجا حاصل ڪري، پنھنجي اعليٰ ذھانت ۽ قائدانه صلاحيت ڏيکاريندي ٻيڙي کي 26 سيپٽمبر 1580ع تي واپس انگلينڊ جي بندرگاھه Plymouth تي ڪاميابي سان کڻي آيو. ڪنھن مھل آئون سوچيندو آھيان ۽ ان تي مون کي حيرت به ٿيندي آھي ته “اسان وٽ 21 صدي جي جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ به اسان جا ماھيگير ڪراچي مان جڏھن مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ نڪرن ٿا ته اُھي رستو ڀلجيو پاڙيسري ملڪ جي سرحدن ۾ پھچيو وڃن ۽ پوءِ اُنھن ويچارن جي پوري زندگي پنھنجن پيارن کان جدائي ۾ جيلن جي اذيتن ۾ گھاريندي گذريو وڃي. جڏهن ته انگريزن اڄ کان پنج سئو سال اڳ يعني سورھين صدي ۾ به جديد ٽيڪنالاجي نه ھئڻ جي باوجود به سامونڊي رستن کي ماپي ورتو ھو. اُھي بلاشڪ سامونڊي سونھان ھئا، تڏھن ته اُھي پوري دنيا تائين ڦھلجي ويا. انگريز جنھن اڌ دنيا کان مٿي ايراضي تي گھڻي عرصي تائين راڄ ڪيو ۽ عالمي سامراج بڻيو ۽ سڄي دنيا مان ڦرلٽ ڪرڻ ۽ اُن تي ڌاڪو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ويو، اُن جو سبب، رڳو ڪا جنگي مھارت ڪا نه ھئي، بلڪه اُن جي پويان سياست، سائنس، نئين دنيا تلاش ڪرڻ، تاريخ ۽ سماج جي علمي ڄاڻ ۾ دلچسپي رکڻ سان گڏ محنت ۽  اورچائي جو به عنصر شامل ھو. ڪپتان ايڊمرل فرانسس ڊريڪ جڏھن پنھنجو سامونڊي مشن پورو ڪري گولڊن ھنڊ (Golden Hind) ٻيڙو واپس انگلينڊ کڻي آيو ته، اُن تي ڦرلٽ ڪيل تمام گھڻو قيمتي خزانو موجود ھو، جنھن ۾ چاندي، سون، قيمتي پٿر، ھيرا موتي وغيره شامل ھئا. ھڪ اندازي موجب، اسپين مان ڦر ڪيل سامان جي قيمت ڇھه لک پائونڊ جي لڳ ڀڳ هئي، جيڪا اُن دور جي تمام وڏي رقم ھئي ۽ اڳتي ھلي اُھا رقم  انگلينڊ جي معيشت ۽ ترقي لاءِ ڪافي فائديمند ثابت ٿي.

جيڪڏھن  گولڊن ھنڊ(Golden Hind)  بحري ٻيڙي جي تاريخ کي ڏسجي ته 1577ع ۾ سمنڊ جي سفر تي نڪتل ان ٻيڙي جو اصل نالوPelican  هو. بعد ۾ فرانسس ڊريڪ ان کي 1578ع ۾ پنھنجي سفر دوران ملڪه ايلزبيٿ اول جي معاشي صلاحڪار ۽ اُن بحري مھم جي سرپرست سر ڪرسٽوفر هيٽن(Sir Christopher Hatton) جي خانداني نشان(crest)  جنهن ۾ “سونھري هرڻي”(golden hind)  جي شڪل ٺھيل ھئي، جي عزت افزائي ڪندي، اُن بحري ٻيڙي کيGolden hind  جو نالو ڏنو. فرانسس ڊريڪ اُن ٻيڙي ذريعي 1577ع کان 1580ع تائين ٽن سالن جي خطرن سان ڀرپور سفر ۾ نه رڳو دنيا گهمي ۽ نوان آبي رستا ڳولهي لڌا، پر ھُن ڪيترن ئي اسپيني جهازن تي حملو ڪيو ۽ ڦرلٽ ڪري ڪافي خزانو حاصل ڪيو، جيڪو اڳتي ھلي انگلينڊ ۽ اسپين جي وچ ۾ تنازعن جو سبب به بڻيو. فرانسس ڊريڪ جي اڳواڻي ۾ شامل ٻيا چار ٻيڙا جن تي مختلف ڪپتان ۽ ٻيو عملو شامل ھو، اُنھن مان ڪافي ماڻھو سفر ۾ مري کپي ويا ۽ بحري ٻيڙا به تباھه ٿي ويا، پر واحد فرانسس ڊريڪ جو ٻيڙو گولڊن ھنڊ ئي ھو جيڪو ڪافي جاني ۽ مالي نقصان جي باوجود سرخرو ٿي واپس پنھنجي ماڳ تي پھتو، پر پوءِ به فرانسس ڊريڪ جي قافلي ۾ شامل 164 ماڻھو، جن ۾ ملاح (sailor)، نيويگيٽر، بحري فوج جا سپاھي (marines)، واڍا، ھٿيارن جي مرمت جا ڪاريگر، ڊاڪٽر ۽ پادري شامل ھئا، اُنھن مان صرف 59 ماڻھو صحيح سلامت ماڳ تي پھتا، يعني اُنھن مان گهڻا ماڻھو سامونڊي سفر دوران لڳندڙ جنگين ۾ مارجي ويا، ڪي بيماري وگھي مئا يا ٻين سببن جي ڪري حياتي وڃائي ويٺا. ھِن طويل ۽ خطرناڪ سامونڊي سفر دوران فرانسس ڊريڪ جون مختلف اسپيني جھازن ۽ بندرگاھن جي عملي ۽ سيڪيورٽي گارڊس سان ڪيترائي ڀيرا ڇِڪتاڻ ۽ جھڙپون به ٿيون، جن ۾ اسپيني عملي جا ڪيترائي سپاهي ماريا ويا ۽ ڪجھه قيد ڪيا ويا. فرانسس ڊريڪ ڪيترن اسپيني شهرن جهڙوڪ: Valparaíso (Chile)،Callao (Peru)  ۽ Guatulco (Mexico) وغيره تي حملو ڪري قتلام ڪيو ۽ کوڙ سارو مال لُٽيو. فرانسس ڊريڪ جي بحري ٻيڙي جي ڪاميابي سان واپس اچڻ تي، راڻي ايلزبيٿ اول ڏاڍو خوش ٿي ۽ ھُن کي لٽيل خزاني مان انعام طور ڪجھه حصو پتي به ڏنو. ساڳئي وقت فرانسس ڊريڪ کي گولڊن ھنڊ ٻيڙي تي شاهي تقريب ڪوٺائي سَر (Sir) جي خطاب سان پڻ نوازيو ويو. سَر ايڊمرل فرانسس ڊريڪ نه رڳو سٺو ڪپتان ھو، پر اُن سان گڏ ھُو سٺو  نيويگيٽر، نجومي، سيلر ۽ بحري ڪمانڊر به ھو. ھُن ان مھم کان علاوه ائٽلانٽڪ، ڏکڻ آمريڪا، پيئسيفڪ، فلپائن، هندستاني سمنڊ ۽ ڪيپ آف گُڊ هوپ جي مھمن ۾ به اڳواڻي ڪئي. اھڙي ريت ھُن کي 1580ع جي ڏھاڪي ۾ دنيا جو چڪر مڪمل ڪرڻ واري پھرئين انگريز ڪپتان ھئڻ جو اعزاز به حاصل آھي. انگريز نه رڳو مارشل قوم، يعني فوجي دماغ واري چالاڪ قوم رھي آھي، پر ساڳئي وقت واپاري سوچ واري قوم به رھي آھي. اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ به ھي بظاھر واپار ڪرڻ جي بھاني سان آيا ھئا، پر اُنھن جو اصل مقصد ھِن ديس تي قبضو ڪرڻ ھو. اُنھن ھِتي پھرين ھڪڙي ننڍڙي واپاري ڪوٺي (ڪمپني) کولي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي، اُنھن پوري ننڍي کنڊ تي قبضو ڪري ورتو ۽ خوب قتل غارت ۽ مارا ماري ڪري ناڻو ۽ نوادرات لُٽي پنھنجي ملڪ کڻي ويا. اُن دور ۾ ئي  اِھا ڪھاوت مشھور ٿي ته “آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي.” 16 صدي جي ھِن قابل جنگجو ايڊمرل سَر فرانسس ڊريڪ جي فوجي مشن (ڪارروائي) بابت اُن دور جون رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته ڦرلٽ توڙي واپار جي نالي ۾ ڪمايل منافعو انتهائي وڏو هو. هڪ رپورٽ مطابق، سيڙپڪارن لاءِ اھو منافعو تقريبن %4600 هو، يعني اُن مھم ۾ انگلينڊ جي سيڙايل هرهڪ پائونڊ تي تقريبن 46 پائونڊ ڪمائي ٿي.

سَر فرانسس ڊريڪ جي ھِن يادگار سفر کانپوءِ، ان ٻيڙي کي تاريخي حيثيت ڏيڻ لاءِ ( Deptford لنڊن) ۾ عوامي نمائش (ميوزيم) طور رکڻ جو حڪم ڏنو ويو. اِن ٻيڙي کي سامونڊي (بحري) دنيا جي  پھرئين شِپ ميوزيم(Ship Museum)  هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آھي. وقت گذرڻ سان گڏ موسمي اثرن جي ڪري ھي بحري ٻيڙو ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو ويو ۽ آخرڪار اُن اصل ٻيڙي کي 1650ع ڌاري مڪمل طور تي ٽوڙي ختم ڪيو ويو. اُن اصل ٻيڙي (Golden Hind)  جي صحيح حالت ۾ بچي ويل فقط ايڊمرل سَر فرانسس ڊريڪ جي استعمال واري ڪرسي آھي، جيڪا ھِن وقتBodleian Library  (آڪسفورڊ) ۾ پيل آھي.

اِھو ته ٿيو گولڊن ھنڊ بحري ٻيڙي جو تاريخي احوال، پر پاڻ ھِن وقت جيڪو ٻيڙو ڏسڻ لاءِ آيا آھيون، اُن لاءِ اِھو ٻڌائيندو ھلان ته اِھو اُن تاريخي بحري ٻيڙي گولڊن ھنڊ جو تقريبن ھُوبھُو نقل (full size replica)  آھي، جيڪو 1973 ۾ Devon  ڪائونٽي جي ننڍي ڳوٺ Appledore  ۾ ٺاهيو ويو آھي. ھِن  بحري ٻيڙي جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ (  Arthur Mollett برطانوي نيول آرڪيٽيڪٽ) ڪئي ۽ ٻيڙي جي تعمير ۾ عملي اڳواڻي Michael Collier  ڪئي. سَر فرانسس ڊريڪ جي اصل بحري ٻيڙي جو نالو Golden Hind  آهي، پر نقل (replica)  ڪري ٺاھيل ھِن بحري ٻيڙي جو نالو گولڊن ھِنڊي (Golden Hinde)  رکيو ويو آھي، يعني ان جي آخر ۾”e”  اضافي لڳائي وئي آھي، جيئن اُن مان 16هين صديءَ جي پراڻي انگريزي ٻوليءَ جي ھِجي/لھجي جو تاثر اُڀري ۽ نالي کي وڌيڪ تاريخي ۽ اُن پراڻي دور جي علاقائي ماحول وارو انداز/ڏيک ملي. اھو ٺاھيل نقل ٻيڙو گولڊن ھِنڊي(Golden Hinde) اُ کان مختلف علائقن مان سفر ڪندي آخرڪار لنڊن شھر جي ڪئٿيڊرل اسٽريٽ تي واقعSt Mary Overie Dock  تي آندو ويو، جيڪو ٿيمس ندي جي سائوٿورڪ بئنڪ سائيڊ جي ڀرسان آھي. ھِتي ان کي هميشه لاءِ بحري ميوزيم طور رکيو ويو آھي. ھِن شاھي ٻيڙي ٺاھڻ تي آيل ڪُل لاڳت 5 ملين ڊالر آھي ۽ ان کي گھمڻ لاءِ ٽڪيٽ 3 سالن کان مٿي عمر وارن ماڻھن لاءِ 6 پائونڊ ۽ 4 ميمبرن تي مشتمل فيملي لاءِ ٽڪيٽ 20 پائونڊ آھي، جڏھن ته ٽن سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن لاءِ داخلا مفت آھي. داخلا ٽڪيٽ ۾ انگريزي ۽ اسپينش ٻولي ۾ آڊيو گائيڊ به شامل آھي.

ھاڻ پاڻ ان 16 صدي جي اصل ٻيڙي جنھن ڪيئي سمنڊ جھاڳيا اُن جي تقريبن فوٽو ڪاپي (نقل) گولڊن ھِنڊي (Golden Hinde)  تي موجود آھيون. جيتري قدر اِن جي ايراضي (ماپ) جو تعلق آھي ته ان جي ڊيگھه تقريبن 31 ميٽر، ويڪر تقريبن 7 ميٽر، اوچائي تقريبن 25 ميٽر ۽ پاڻي کان مٿي ڊيڪ (deck)  جي اوچائي لڳ ڀڳ 5 ميٽر آھي. سامونڊي سفر ۾ جيئن پريشاني نه ٿئي ۽ سفر ۾ آساني ٿئي، ان لاءِ ٻيڙي جي ڊيگھه زياده ۽ ويڪر گھٽ رکي وئي آھي. گولڊن ھِنڊي جي ڍانچي ۾ شاھ بلوط، صنوبر ۽ ايلم وغيره جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آھي، جيڪو پاڻي ۽ ٻين موسمي اثرن تي گھٽ خراب ٿئي ٿو. اُن کان علاوہ ان جي بناوت ۾ لوهه جا نٽ بولٽ، ڪوڪا ۽ سريي جون راڊون، توبن لاءِ ڪاسٽ آئرن، سِڙھن ۾ فائبر جون رسيون ۽ ڪپڙو وغيره استعمال ڪيو ويو آھي. گولڊن ھنڊي جو مٿيون ڊيڪ جيڪو صفا کُليل آھي ۽Weather Deck  چوائي ٿو. ان حصي ۾ وڏيون توبون (Cannons)، بندوقون، رسيون، لنگر، جهنڊا ۽ نيويگيشن جا اوزار پيل آھن. ھِن حصي ۾ هڪ گولڊن گلوب پڻ سيٽ ڪيل آهي، جنهن تي سَر فرانسس ڊريڪ جي سفر جو نقشو(route) سمجھايل آهي. گولڊن ھِنڊي جي ھِن حصي کي گھمڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ سورھين صدي واري دور ۾ ماڻھو پاڻ سمنڊ جي مھم جوئي تي نڪتل ھجي ۽ ان جو حصو ھجي. ھِن کليل حصي کي سياح خوب انجواءِ ڪندي ائين محسوس ڪن ٿا ته ڄڻ اُھي کُلئي سمنڊ ۾ سفر ڪري رھيا آھن ۽ سمنڊ جون ڇوليون ٻيڙي سان ٽڪرائيندي ڀرپور شور ڪري رھيون آھن. ھِن بحري ٻيڙي جو ٻيو حصو ڪوارٽر ڊيڪ(Quarter deck)  چوائي ٿو، جنھن ۾ ڪپتان جو حڪم ڏيڻ وارو هنڌ، ڪمپاس، پراڻا نقشا ۽ سامونڊي اوزارن/سامانن جا نقل ۽ ھٿيار وغيره پيل آھن. ھِن ٻيڙي جي ٽئين حصي ۾ ڪپتان ۽ ٻين آفيسرن جي ڪئبنس (captain and officer’s cabins)، ڪاٺ جا پلنگ، ميز ۽ ڪرسيون، صندوق، پراڻن نقشن ۽ اوزارن/سامانن جا نقل وغيره رکيا ويا آھن. چوٿين حصي ۾ عملي جي رھائش (Crew Quarters)، بارود، توبون، تلوارون، بندوقون، ڊائننگ ٽيبل ۽ ڪراڪري وغيره پيل آھي. گولڊن ھِنڊي جو پنجون حصو اسٽور روم آھي جنھن ۾ کاڌي جو ذخيرو (سڪل گوشت، بسڪيٽ وغيره)، پاڻي ۽ شراب جا بيرل، طبي اوزار، دوائون، واڍن ۽ ٻين ڪاريگرن جا مرمتي اوزار وغيره رکيل آھن. گولڊن ھِنڊي ٻيڙي ۾ سامونڊي سفر ۾ ايندڙ طوفانن ۽ آسمان ڏي اُٿندڙ ڇولين جي ڪري زياده اوچائي سبب ٻيڙي جي اُٿلڻ جو زياده امڪان رھي ٿو،  اِھو ئي سبب آھي جو ھِن تاريخي ٻيڙي جي اوچائي حد کان وڌيڪ وَڌي نه وڃڻ لاءِ مختلف فلورن تي موجود ڪئبنس جي ڇِتن جي اوچائي گھٽ رکي وئي آھي، جن ۾ ڪنڌ جھڪائي اندر وڃڻو پوي ٿو. ساڳئي وقت ٻيڙي جي سائيز کي جيئن وڌي نه وڃي، مختلف فلورن ڏانھن ويندڙ ڏاڪڻون سوڙھيون/ننڍيون رکيون ويون آھن. جِتي ھِن ٻيڙي جو ڍانچو (ساخت) پراڻي دور جي تاريخي ٻيڙي جي ياد ڏياري ٿي ۽ پراڻي دور ۾ وٺي وڃي ٿو ته اُتي ھِن ٻيڙي ۾ تفريح جو سامان به خوب مھيا ڪيو ويو آھي. وزيٽرس گولڊن ھِنڊي جي پنجن ئي فلورن تي سيٽ ڪيل اينٽيڪ سامان جي چوگرد گھمي چڪر لڳائڻ جي مشاھدي مان لطف اندوز ٿين ٿا. سياح گولڊن ھِنڊي جي رَسن کي ويڙھڻ، ڳنڍيون ڏيڻ يا رَسن جي ذريعي سِڙھه تائين مٿي پھچڻ جھڙيون ايڪٽوٽيز به ڪري سگھن ٿا. ھِن ٻيڙي ۾ رات گذاري اُن ماحول مان لطف اندوز ٿيڻ جو مزو به ميسر ڪيل آھي. ان لاءِ ٻيڙي ۾ خاص طور تي ٻه آرامده ڪئبنس ٺاهيون ويون آھن. ھڪڙي ۾ ڪنگ سائيز ڊبل بيڊ رکيل آھي ۽ ٻئي ۾ وري جھازن ۾ سمھڻ وارو تختو (bunk bed)  سيٽ ڪيل آھي، جيڪو وزيٽرس کي اصلي ٻيڙي گولڊن ھنڊ جي دور واري ماحول ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت ان ۾ جديد سهولتون به مھيا ڪيون ويون آھن، جھڙوڪ Wi-Fi، 60 smart TV Netflix، Prime  ۽ DVD  پلئير. پر ان سڄي خوبصورت تفريح ۽ رومانوي ماحول مان جي اوھان مزو وٺڻ چاھيو ٿا ته توھان 250 پائونڊ (تقريبن ھڪ لک رپيا) ادا ڪريو ۽ شام 4 وڳي کان ٻئي ڏينھن صبح جو ڏھين وڳي تائين بحري ٻيڙي ۾ رات گذاريو ۽ ان جي پوئتان واري سڀ کان ھيٺئين ڊيڪ (poop deck)  تي چانڊوڪي راتين ۾ ٿيمس ندي جو منظر به پسو ۽ پنھنجي پِرِينءَ کي ايئن ڀاڪرن ۾ ڀري پيار اوتيو، جيئن نوري ڄام تماچي جي سير ۾ ڪينجھر ھندوري جيان باسندي ھئي. باقي ھِن ماحول ۾ آئون توھان کي چنڊ کي اُڀري پوري ماحول ۾ چانڊوڪي جا خوبصورت رنگ ڀرڻ جي گارنٽي نٿو ڏيان، ڇو جو لنڊن جي تقريبن سڄي سال رھندڙ جھڙالي موسم ۾، چنڊ سدائين بادلن ۾ ڍڪيو رھي ٿو. بھرحال چنڊ نه اُڀري ته ڇا ٿيو؟ جانب جو جلوو ڪو چنڊ جي چانڊاڻ کان گھٽ ٿورو ئي ھوندو آھي!

گولڊن ھِنڊي کي تفصيلي گھمي ھاڻي آئون ٻاھر نڪري آيو آھيان ۽ گھر واپسي لاءِ اسٽيشن تان ٽرين پڪڙڻ لاءِ رستي تي پيدل ھلي پيو آھيان. رستي ھلندي آئون ماضي تي سوچڻ لڳان ٿو، “ڪالھه جڏھن برطانوي سامراج سگھارو ھو ته اُن ڌرتي تي شايد ئي ڪو خطو ڇڏيو ھو، جتي ھُن ماڻھن جو بيگناھه قتلام ڪيو نه ھُجي. ڦرلٽ، پراين وسيلن تي قبضو، اجارا داري داداگيري، يعني سنڌي چوڻي، “پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي” جيان ھر اُھو عمل جيڪو مظلوم ۽ بيگناھه انسانن کي ڏاڍي جي تابع بنائي اُھو اُنھن (انگريزن) ڪيو. ڪالھه برٽش سامراج ھو ۽ اُنجي ھيٺان عام انسان چيڀاٽيل ھو. جيتوڻيڪ اڄ اُن جو سج اُلھي چُڪو آھي، پر انسانن تان بربريت جو راڄ پوءِ به ختم ناھي ٿيو. ڪالھه جي گولڊن ھنڊ اسپين جي شھرن  Callao، Guatulco   ۽ Valparaso ۾ بيگناھه شھرين جو قتل ڪري ڦرلٽ ٿي ڪئي ته اڄ آمريڪا جا جنگي ٻيڙا مختلف  ملڪن جي سلامتي لاءِ خطرن جي علامت بڻيل آھن. آءِ ايم ايف ترقي جي نالي ۾ غريب ملڪن کي قرضي بنائي عوام کي بدحالي ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ملٽي نيشنل ڪمپنين ناڻي کي چند سرمائيدارن جي گود ۾ وجھي، عام ماڻھن کي غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گھارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. ڪالھه به انسان ظلم جي گھاڻي ۾ پيسبو رھيو ۽ اڄ روشن خيالي، شعور ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي دنيا؟ ۾ به عام انسان جو جيئڻ عذاب بڻيل آھي ۽ عالمي امن آشتي، برابري ۽ ڀائيچارو محض ھڪ سوال بنجي رھجي ويو آھي! ڪڏھن انسان جي زندگي ۾ سرھائي جو ڏينھن ايندو؟ فيض احمد فيض جي سٽن ۾،

لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے

وہ دن کہ جس کا وعدہ ہے

سب تاج اچھالے جائیں گے

سب تخت گرائے جائیں گے

من ۾ اِھي آشائون سانڍي پيدل ھلندي، تقريبن ڏھن منٽن ۾ آئون لنڊن برج اسٽيشن تي پھچي چڪو آھيان ۽ ٽرين پڪڙي سيٽ وٺي ويھي رھيو آھيان ۽ ھاڻي   پنھنجو سفر پنھنجي ماڳ رومفرڊ ڏانھن شروع ٿي چڪو آھي، جتي پھچي، چانھه چُڪو پيِ، تازو توانو ٿي، پوءِ رات جي رولاڪي ڪبي.

…(هلندڙ)…

***