بلاگنئون

وڻڪاري مهم ۽ ماحولياتي گدلاڻ

ڌرتي جيڪا ڌڻين جي ديس، دريائن جي دلڪشي ۽ دامنِ فطرت جي دلربائيءَ سان سينگاريل هئي، اڄ عالمي ماحولياتي گدلاڻ جي گهيري ۾ گهيريل نظر اچي ٿي. هوا جو حُسن هاڻي حراس ۾ بدلجي ويو آهي. پاڻي جي پاڪيزگي پريشانيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ زمين جي زرخيزي زوال جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اهڙي عالمي وِيرانيءَ ۾ پاڪستان به انهن ملڪن مان هڪ آهي، جتي گدلاڻ جي گهراڻن گهڻو گهاٽو گهيرو ڪيو آهي ۽ اها صورتحال سنجيده سوچ، سنڀال ۽ سڌارن جي سڏ ڪري رهي آهي. اڄ جي جديد دور ۾ جتي صنعتڪاري، شهري ڦهلاءُ ۽ انساني لاپرواهي پنهنجي عروج تي آهي، اتي فطرت سان ٿيندڙ زيادتيون وڌنديون پيون وڃن. ڪارخانن جو ڪارو دونهون، گاڏين جا زهريلا ذرا، پلاسٽڪ جا ڍير ۽ وڻن جي واڍي، سڀ گڏجي ماحولياتي توازن کي تباهه ڪري رهيا آهن. نتيجي طور گلوبل وارمنگ، موسمي تبديليون ۽ بيمارين جي واڌ انسانيت لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن. اهڙي ڳنڀير گهڙيءَ ۾ وڻڪاري مهم صرف هڪ موسمي مهم نه، پر بقا جي بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي. خاص ڪري اپريل جي 14، 15 ۽ 16 تاريخن تي شروع ٿيندڙ وڻڪاري مهم، پاڪستان لاءِ هڪ سنهري موقعو آهي ته هو پنهنجي ماحول کي محفوظ ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي. وڻ، فطرت جا فطري فلٽر آهن، جيڪي هوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري آڪسيجن مهيا ڪن ٿا، گرميءَ کي گهٽائين ٿا ۽ ڌرتيءَ کي سرسبز بڻائين ٿا.

وڻن جي کوٽ، ملڪ کي مٽيءَ جي طوفانن، گرميءَ جي شدت ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جهڙن مسئلن ڏانهن ڌڪي رهي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به غفلت جو گهوڙو گهمائيندا رهياسين ته سڀاڻي جو سج شايد اسان لاءِ سڪون نه، پر ساھ کڻڻ جي سزا بڻجي ويندو. تنهنڪري هر شهري، هر شاگرد، هر استاد ۽ هر ادارو ان مهم ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ جي گهاٽي گهيري کي گهٽائي سگهجي. اسان چئي سگهون ٿا: وڻ، ڌرتيءَ جا زيور آهن، وڻ، زندگيءَ جا زنده ضمير آهن، وڻ، فضا جا فرشتا آهن ۽ وڻ انسانيت جا محسن آهن. وڻ پوکڻ صرف هڪ عمل نه، پر هڪ عزم آهي؛ هڪ اهڙو عزم، جيڪو نسلن جي نجات، فطرت جي فلاح ۽ ڌرتيءَ جي ديدار کي دلفريب بڻائي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان کي گدلاڻ جي گهيري مان ڪڍي، دنيا جي صفِ اول صاف ملڪن ۾ شامل ڪرڻو آهي ته پوءِ وڻڪاري مهم کي رڳو تقريرن تائين محدود نه رکڻو پوندو، پر ان کي عمل جي اڱڻ تائين آڻڻو پوندو. اسان کي گهرجي ته انهن ٽن ڏينهن کي پنهنجي زندگيءَ جي تبديليءَ جا ڏينهن بڻايون، هڪ وڻ پوکي، ڏھ دلين ۾ شعور پيدا ڪريون ۽ سوين ماڻهن کي ان مهم سان جوڙيون. ڇو ته جڏهن هر هٿ ۾ هڪ ٻوٽو هوندو، تڏهن هر وستي سرسبز ٿيندي ۽ جڏهن هر دل ۾ ماحول جو درد هوندو، تڏهن ئي ڌرتيءَ جي درد جو درمان ٿيندو. آخر ۾، اهو سچ سمجهڻ ضروري آهي ته وڻ پوکڻ، زندگي پوکڻ آهي؛ وڻ بچائڻ، مستقبل بچائڻ آهي؛ ۽ وڻ وڌائڻ، وطن سنوارڻ آهي. اچو ته 14، 15 ۽ 16 اپريل کي وڻن سان وابسته ڪريون، ڌرتيءَ کي ٻيهر دلفريب بڻايون ۽ پاڪستان کي گدلاڻ کان پاڪ ڪري، هڪ سرسبز، صاف ۽ سلامت ملڪ بڻايون.