اها خوشي جي ڳالهه آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اوول آفيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي. ان کان اڳ جڏهن هو ٻنهي شخصيتن جو انتظار ڪري رهيو هو ته هن اتي ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته اڄ ٻه عظيم اڳواڻ ملڻ لاءِ اچي رهيا آهن، جن مان هڪ پاڪستان جو وزيراعظم ۽ ٻيو فيلڊ مارشل آرمي چيف آهي، ٻئي عظيم اڳواڻ آهن. هن ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو علمبردار قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سڄي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ مخلص ڪوششن ۾ مصروف آهي. شهباز شريف، آمريڪي صدر جي جرئتمنداڻي، دليراڻي ۽ فيصلائتي قيادت جي واکاڻ ڪئي ۽ مسلم اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ تي ٽرمپ جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته آمريڪي صدر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ۾ سهولت فراهم ڪئي. هن ملاقات ۾ اهو به چيو ويو ته واپار، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ باهمي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گرمجوشي ۽ سندس چيل لفظن جو جشن ملهائي سگهون ٿا يا اهو چئون ته پاڪستان آمريڪا جو گهاٽو دوست ٿي چڪو آهي، ان ڪري آمريڪا اسان سان پنهنجا لاڳاپا تيزي سان وڌائي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ سڄي دنيا کي ناراض ڪيو ويٺو آهي ۽ هر ملڪ کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ چاهي ٿو. برازيل جي صدر کي به اهو چوڻو پيو آهي ته ٽرمپ آمريڪا جو صدر آهي ۽ کيس سڄي دنيا جو صدر بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ اسان جو خيراتي ڪردار بڻجڻ وارو آهي ته پوءِ ڇا کيس وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو ڪو خاص ڪردار پسند آهي؟ پروفيسر خالد حميد خان مطابق صدر ايوب کي صدر، ضياءُ الحق کي نڪسن ۽ پرويز مشرف کي جارج بش ساڳئي گرمجوشي سان سلام ڪيو، جيئن صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسان جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو استقبال ڪيو هو. صدر ايوب، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف کي آمريڪا کان ڇا مليو؟ ڇا انهن پاڪستان کي آمريڪي ارادن مطابق هلايو يا ان جي معاشي ۽ دفاعي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. هر ڀيري آمريڪا خطي ۾ پنهنجن مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پٺيءَ تي هٿ رکيو آهي. ان جو نتيجو ڇا نڪتو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، جو اسان مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيا آهيون. اسان دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيل رهياسين. منشيات جي پناهه گاهه بڻجي ويا آهيون ۽ قرضن ۾ دٻيل رهيا آهيون، جنهن مان اسان کي ڪڏهن به نڪرڻ جو موقعو نه مليو آهي. توهان هڪ عام پاڪستاني کان پڇو ته ڇا آمريڪا جي دوستي تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ڪنن تي هٿ رکي توبهه ڪندو. اڄ کان ڪيئي سال اڳ امام خميني واضح چيو هو ته آمريڪا جي دوستي، آمريڪا جي دشمنيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ذلت آميز آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته آمريڪا جنهن کي ختم ڪرڻ چاهيندو آهي ان سان دوستي رکندو آهي. عراقي صدر صدام حسين جو حشر اسانجي سامهون آهي. اسامه بن لادن کي پوري دنيا ۾ ذلت جو طوق پارائي افغانستان کي ٽارگيٽ بڻايائين ۽ پاڪستان کي استعمال ڪيائين.