بلاگنئون

تعليمي تصور  قديم ۽ جديد نظرين جو مختصر اڀياس

ماهر نفسيات جان بي واٽسن جو قول آهي ته “اوهان مون کي ٻار ڏيو، آئون چاهيان ته هن کي ڊاڪٽر بڻائي سگهان ٿو ۽ چاهيان ته چور به بڻائي سگهان ٿو.” هي صرف هڪ قول يا نفسيات جو نظريو ناهي، بلڪه تعليم جي طاقت ۽ اثر جو هڪ عملي اظهار آهي.

ڪنهن به تهذيب يافته قوم يا ملڪ جي بنيادي صفت تعليم آهي، جيڪا ان قوم جي ترقي ۽ تهذيبي واڌ ويجهه جو ذريعو هوندي آهي. اها رڳو ڄاڻ ڏيڻ نه، پر فرد جي شخصيت، فڪر، روين ۽ سماجي شعور جي تعمير جو عمل آهي.

تعليم عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڄاڻ ڏيڻ. انگريزي ۾ Education لاطيني زبان جي لفظ Educare مان ورتل آهي. ايجوڪير جي معنيٰ آهي نشونما ڪرڻ.

تعليم جي وصف هر دور ۾ مختلف طريقن سان ڪئي وئي آهي. مختصر لفظن ۾ تعليم هڪ عمل آهي جنهن جي ذريعي هڪ استاد شاگرد تائين معلومات ۽ مهارت منتقل ڪري ٿو. ماهر تعليم پسٽالوزي مطابق تعليم، انسان جي فطري صلاحيتن جي واڌ ويجهه جو قدرتي ۽ سائنسي عمل آھي. جتي قديم نظرين ۾ استاد کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي، اتي جديد تعليم ۾ شاگرد جي نفسيات، سکڻ جو طريقيڪار ۽ انفرادي ضرورتون به مرڪزي مقام رکن ٿيون. اڄ جو جديد تعليمي تصور، سيکارڻ سان گڏوگڏ سکڻ جي عمل کي به هڪ مرڪزي حيثيت ڏئي ٿو، جتي استاد ۽ شاگرد سکيا جي سفر جا ساٿي آهن.

هيءُ مضمون اوهان کي وٺي هلندو ان تعليمي سفر تي، جتي علم، فڪر فلسفو، نفسيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مختلف دورن ۾ تعليمي عمل کي پنهنجي رنگ ۾ رنگيندا رهيا آهن.

تعليم جا قديم آثار:

تعليم جي شروعات انسان ذات جي شروعات کان ئي ٿي چڪي هئي. اسلامي تعليم مطابق پهرين انسان حضرت آدم عليه السلام کي الله پاڪ “علم الاسماء” عطا فرمايو. ان کان بعد هر دور ۾ مذهبي يا هنري سکيا جو انتظام ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود رهيو آهي.

تاريخ جي ورقن تي اٽڪل پندرهن سئو قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ ۾ تعليم جا نشان ملن ٿا، جنهن کي گروڪل تعليمي نظام چيو ويندو هو. هن تعليم جو بنياد مذهبي قدرن ۽ سماجي اخلاقيات تي ٻڌل هو. اهڙي طرح مصر ۽ عراق جي سر زمين تي به ميسوپوٽيميا جي دور ۾ مذهبي ۽ هنري تعليم جا مثال ملن ٿا. خاص ڪري اهرام مصر جي تعمير جن سائنسي اصولن تي ڪئي وئي آهي، ان تي ماهر اڄ به حيران آهن. ڇو ته ان وقت اهي اصول دريافت ئي نه ٿيا هئا. مگر هي تعليم هڪ ته غير رسمي هئي ٻيو ته مخصوص طبقي لاءِ هئي.

يوناني دور:

تعليم جو ذڪر يوناني تاريخ کان بغير اڌورو آهي. شايد يوناني دور ئي تاريخ جي ورقن تي تعليم جو هڪ پراڻو ۽ منظم نشان آهي. يوناني دور جي شروعات ۾ مخصوص طبقي کي تعليم ڏني ويندي هئي. انهن جي استادن کي “سوفسٽ” معنيٰ ڏاهو چيو ويندو هو. مشهور استاد ٿيلس هن دور جو ڏاهو چيو وڃي ٿو. سقراط پهريون تعليمدان هو، جنهن پنهنجي پاڻ کي ڏاهو مڃڻ بدران ڏاهپ جو پارکو يا عاشق طور متعارف ڪرايو ۽ تعليم جو هڪ مختلف نظريو پيش ڪيو. ان کانپوءِ سندس شاگردن افلاطون ۽ بعد ۾ ارسطو ۽ زينوفين سندس بنياد تي نوان نظريا پيش ڪيا. انهن جي لاءِ “سوفسٽ” بدران “فلاسافر” يعني ڏاهپ جو پارکو جي اصطلاح استعمال ڪئي وئي.

 سقراط جو تعليمي طريقو سوالن ۽ مباحثي تي مشتمل هو. هُو پنهنجي شاگردن کان مختلف خيالن جي باري ۾ سوال ڪري کين سوچڻ تي مجبور ڪندو هو. افلاطون سقراط جي نظريي کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ تصوريات جو فلسفو پيش ڪيو. سڀ کان پهرين اڪيڊمي جو تصور به افلاطون جي درسگاهه سان ئي منسوب ڪيو وڃي ٿو. ارسطو پنهنجي استاد جي ابتڙ مادي ۽ معروضي دنيا کي حقيقت تسليم ڪيو.

رومن سلطنت:

رومي سلطنت جو تعليمي نظام به يوناني نظام کان متاثر هو، مگر هنن فلسفي، حقيقت جي تلاش بدران عمليت پسندي کي ترجيح ڏني. هنن وٽ تعليم جو مقصد اهڙا فرد تيار ڪرڻ هو، جيڪي معاشري جا ڪامياب ڪارڪن ۽ ڪاريگر بڻجي سگهن. ان دور ۾ هنري سکيا کي ترجيح ڏني ويندي هئي. تعليم جي ٻهراڙي ۽ شهري ورهاست هئي. امير طبقي لاءِ علم ۽ فنون، جڏهن ته عام ماڻهن لاءِ صرف پيشوراڻا فنون سيکاريا ويندا هئا.

ان وقت جا استاد تعليم جي اخلاقي ۽ عملي مقصدن تي زور ڏيندا هئا. روم جي اسڪولن ۾ شاگردن کي لاطيني زبان، گرامر، منطق، ۽ قانون سيکاريو ويندو هو. جڏهن ته فڪري لحاظ سان عيسائي مذهب جي بنياد تي تعليم ڏني ويندي هئي. رومن سلطنت جو اڏاوتون ۽ کنڊرات اڄ به حيران ڪندڙ آهن.

اسلامي دور:

رومي سلطنت جي آخري دور ۾ عرب خطي کان اسلام جي ابتدا ٿي. جلد ئي اسلامي خلافت روم توڙي فارس جهڙي عالمي سلطنتن جي برابر اچي بيٺي. اسلامي دور ۾ تعليم جي باقاعده طور حوصلا افزائي ڪئي وئي.

اسلامي تعليم مذهبي قدرن اخلاقيات سان گڏوگڏ زبان داني، منطق ۽ فطري سائنس تي ٻڌل هو. اسلام کان اڳ عربن ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج محدود هو. جيتوڻيڪ زبان داني ۽ شعر شاعري سندن خاصيت هئي. باقاعده تعليم جي لاءِ اسلام جي شروعات ۾ مڪي پاڪ ۾ “دار ارقم” ۽ مديني شريف ۾ “دار الصفه” جهڙا مرڪز کوليا ويا. بعد ۾ بنو اميه ۽ بنو عباس جي دور خلافت ۾ اسلامي عالمن علمي ۽ سائنسي ميدان ۾ دنيا کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو. بغداد اسلامي دور جو شاندار علمي مرڪز هو، جنهن ۾ “بيت الحڪمت” جهڙا شاندار تعليمي ادارا موجود هئا. دمشق، ڪوفي ۽ اندلس جو علمي مقام به تاريخ جي ورقن تي ڇپيل آهي.

اسلامي دور ۾ بي شمار اهل علم ۽ تعليمي ماهر پيدا ٿيا. ابو نصر محمد الفارابي کي “معلم الثاني” جو لقب مليو جڏهن ته فڪر ۽ فلسفي جي بنياد تي “معلم اول” ارسطو کي چيو وڃي ٿو. فارابي يوناني فلسفي ۽ علم کي گهرائي سان سمجهيو ۽ ان کي مذهب سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن علم کي ستن قسمن ۾ تقسيم ڪيو. انهن ۾ فقه، منطق، طب ۽ سياست وغيره شامل آهن. امام ابو حامد محمد الغزالي يوناني فلسفي کي اپنائڻ بدران ان کي ديني نظري جي تابع بڻائڻ تي زور ڀريو. هن “احياء العلوم” نالي شاندار ڪتاب لکيو جنهن ۾ ديني ۽ اخلاقي قدرن کان علاوه علم ڪلام ۽ فلسفي جي اصطلاحن تي به بحث ڪيو.

 عبدالرحمان بن محمد ابن خلدون جا تعليمي نظريا اڄ به تعليم دانن جي تحقيق جو موضوع آهن. هن صرف رسمي ۽ ڪتابي طريقن کان اڳتي وڌي مشاهداتي ۽ تجرباتي تعليمي طريقي تي زور ڏنو. سندس تعليمي فلسفو ڪتاب “مقدمه ابن خلدون ۾ موجود آهي.”

ننڍي کنڊ جو نظام:

ڏکڻ ايشيا صدين کان هڪ تهذيب يافته خطو رهيو آهي. تاريخ ۾ هتي قديم موريا سلطنت ۾ به تعليم جا آثار ملن ٿا. اسلام جي اچڻ کان پهرين به ننڍي کنڊ جا ڪئي علاقا تعليم جو مرڪز هئا. جن ۾ ورانسي نلندا، ٽيڪسيلا ۽ سيالڪوٽ وغيره شامل آهن. قديم تعليم کي “گروڪل تعليم” چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ استاد لاء “گرو” جي اصطلاح استعمال ٿيندي هئي. اسلامي سلطنت ۾ ننڍي کنڊ کي وڏي علمي حيثيت حاصل رهي. خاص ڪري مغل دور ۾ هتي بيشمار درسگاهون تاريخ جي صفحن تي لڀن ٿيون.

 انگريز مورخ هئملٽن جي مطابق سنڌ جي ٺٽي ضلعي ۾ چار سو کان وڌيڪ درسگاهون موجود هيون. اهڙي طرح دهلي، لکنو ۽ حيدرآباد سميت ڪيترائي علائقا تعليم جو مرڪز هئا. هنن درسگاهن ۾ مختلف طرز جا نصاب پڙهايا ويندا هئا. رياستي سرپرستي ۾ “درس نظامي” جو هڪ جامع تعليمي نظام رائج هو. هي نصاب ملا نظام الدين سهالوي رح مدرسي فرنگ محل لکنو لاء تيار ڪيو، جيڪو بعد ۾ پوري ملڪ ۾ مقبول ٿي ويو. هن نصاب ۾ قرآن ۽ حديث شريف کان علاوه عربي ۽ فارسي، ادب، طب، رياضي ۽ منطق وغيره شامل هئا.

هنن درسگاهن جي استادن کي “ملا” يا “مخدوم” جو اعزازي لقب ڏنو ويندو. هو مغل دور جي سڀ کان نمايان شخصيت شاھ ولي الله دهلوي رح جي آهي. پاڻ هڪ يگانو مذهبي عالم هجڻ سان گڏوگڏ هڪ فلسفي ۽ سماج سڌارڪ پڻ هئا. شاهه ولي الله دهلوي سڀ کان پهرين قرآن پاڪ جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو شاهه صاحب رح پنهنجي ڪتاب “حجت الله البالغه” ۾ شرعي احڪام جي سببن ۽ حڪمتن تي بحث ڪيو آهي. هن ديني عالمن کي ان طرف متوجهه ڪيو ته نئين نسل کي دين جي حقيقت ۽ حڪمتون سمجهائين. ننڍي کنڊ جي تعليم گهڻي ڀاڱي فارسي ۾ ڏني ويندي هئي.

 ننڍي کنڊ ۾ فني سکيا جو به عمدو نظام هو. هتي جي تقريبن هر وڏي شهر ۾ خوشخطي ۽ فن تعمير جا عمدا ڪاريگر موجود هئا. مغل دور جون عمارتون جھڙوڪ تاج محل دهلي، شاهجهان مسجد ٺٽو، بادشاهي مسجد لاهور ۽ ٻيون عمارتون اڄ به تاريخ دانن جي توجهه جو مرڪز آهن. ننڊن علائقن ۾ به گهرن ۾ هوا روشني ۽ نيڪال جا انتظام هتي جي ڪاريگرن جي هنرمندي جو ثبوت آهن

انگريزن جو دور:

سورهين صدي عيسوي ۾ برطانوي سلطنت جي اڀرڻ ساڻ هڪ دفعو ٻيهر طاقت ۽ تهذيب جو مرڪز ايشيا کان يورپ جي طرف منتقل ٿيو. تاريخدانن جارج سارٽن، برٽرينڊ رسل ۽ ٻين هن ڳالھ جو اعتراف ڪيو آهي ته ٻارهين کان پندرهين صدي تائين جي يورپي ماهرن اسلامي دور خاص ڪري اندلس جي علمي ذخيري مان لاڀ حاصل ڪيو. هنن عربي، مسلمان عالمن ۽ سائنسدانن جي ڪتابن جو لاطيني ۽ انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو. انهن ۾ روجر بيڪن، آڊيلارڊ آف باٿ، رابرٽ آف چيٽر ۽ ٻيا نالا شامل آهن. هنن ابن الهيثم، الخوارزمي ۽ ابو معشر جا ڪتاب ترجمو ڪري يورپ ۾ سائنسي ترقي جو بنياد رکيو.

 برطانيا ۾ 1096ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ 1209ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جهڙا وڏا تعليمي ادا قائم ٿيا. 1870ع ۾ پهريون ڀيرو سرڪاري سرپرستي ۾ “مفت بنيادي ۽ لازمي تعليم” جو قانون پاس ٿيو. جنهن کان پوء برطانيا جي زير اثر نو آبادياتي رياستن ۾ به مفت تعليم جو مطالبو زور وٺڻ لڳو.

نوآبادياتي دور:

 سترهين صدي ۾ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي ذريعي ننڊو کنڊ برطانيا جي نوآبادياتي نظام هيٺ اچي ويو. ان کان بعد هتي به تعليمي نظرين ۽ نظام ۾ وڏي تبديلي آئي. سڀ کان پهرين چارٽر ايڪٽ 1813ع جي ذريعي ننڍي کنڊ ۾ تعليم جي لاءِ انگريز سرڪار ڪجه وظيفو مقرر ڪيو. ان کان پوء “وڊ ڊسپيچ” ۽ ٻين پاليسين جي ذريعي هتي انگريزي اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو. 1854ع ۾ لارڊ ٽي بي ميڪالي جي سفارش تي هتي جي اڳوڻي تعليمي نظام کي ختم ڪري سرڪاري زبان انگريزي قرار ڏني وئي. اهڙي طرح نئون تعليمي نظام لاڳو ڪيو ويو. هن تعليمي نظام جو مقصد انگريز سرڪار لاءِ مقامي ڪلارڪ ۽ انتظاميا تيار ڪرڻ هو.

نئين تعليمي نظام جي ردعمل ۾ مقامي علماء آزاد مدرسا قائم ڪري درس نظامي کي جاري رکيو. انهن مدرسن ۾ “دارالعلوم ديوبند”، “ندوه العلماء لکنو” ۽ ٻيون درسگاهون شامل آهن. جڏهن ته ٻئي طرف سر سيد احمد خان انگريز سرڪار جي تعاون سان 1881ع ۾ عليگڙه ۾ “اينگلو محمدن اوريئنٽل ڪاليج” جي ابتدا ڪري هڪ نئين تعليمي تحريڪ جو بنياد وڌو. جنهن جو مقصد مسلمانن کي معاشي استحڪام ڏيڻ ۽ انگريزي تهذيب کان واقف ڪرڻ هو.

جديد نظريا:

ٻئي عالمي جنگ کان پوء دنيا ۾ عالمگيريت جي شروعات ٿي. مختلف ملڪن پنهنجي تعليمي نظام کي نئين سر منظم ڪرڻ شروع ڪيو. دنيا جي مختلف تعليمي ماهرن جي تحقيقن ۽ تجويزن جا ترجما ڪيا ويا. سکيا جي عمل کي سائنسي اصولن تي پرکيو ويو. تعليم ۾ نفسيات جي ڪردار ۽ نصاب سازي تي تحقيق شروع ٿي.

وليم جيمز 1890 ۾ “نفسياتي اصول” جي نالي سان ڪتاب لکيو. ان کان پوء جان ڊيوي عملي ڪم ذريعي سکڻ جو تصور پيش ڪيو. تعليمي نفسيات جو ٽيو اهم نالو اڊيوارڊ لي ٿارنڊائيڪ جو آهي, جنهن جي تجربن تي بعد ۾ روياتي نفسيات جو بنياد پيو. جان واٽسن ۽ بي ايف اسڪينر روياتي نفسيات جا ماهر هئا. هنن جي نظريي مطابق ته سکيا جو عمل ظاهري روين سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ۽ جزا يا سزا جي ذريعي ان کي بدلائي سگهجي ٿو.

تعليمي نفسيات ۾ انقلاب تڏهن آيو جڏهن 1956ع ۾ بينجمن بلوم ادراڪيات Cognitivism جي بنياد تي هڪ درجا بندي Taxonomy پيش ڪئي. هن جو مقصد هو ته استاد تعليمي نصاب کي هن درجا بندي جي بنياد تي ننڊن حصن ۾ پڙهائين ته جيئن ٻار پنهنجي عمر ۽ ليول مطابق سکي سگهي. اهڙي طرح تعليمي نفسيات ۾ ادراڪيات Cognitivism ۽ تعميريات constructivism جا نظريا سامهون آيا. انهن ۾ سوئس ماهر نفسيات جين پياجيٽ جو Schema نظريو، جيروم برنر ۽ روسي ماهر نفسيات ليو ويگاٽسڪي جو نظريو اهم آهن.

ادراڪياتي ماهر: behaviourist اصولن جهڙوڪ سزا يا جزا جي ذريعي سکڻ يا ظاهري عمل ۽ رد عمل تي ئي ڀروسو نه ڪيو آهي. بلڪ هنن جي مطابق ٻارن جي ذهني ليول ۽ صلاحيت عمر جي وڌڻ سان وڌي ٿي. تعميراتي Constructivist نظرين مطابق ٻار معاشري سان تعلق ۽ رابطي جي نتيجي ۾ معلومات حاصل ڪري ٿو. پوء ان معلومات کي ذهن ۾ موجود پهرين معلومات سان ڳنڍي نوان تصور ٺاهي ٿو.

ان کان علاوه آمريڪي نفسياتدان هارورڊ گارڊنر گهڻ رخي ذهانتن Multiple intelligence جو نظريو پيش ڪيو. هن جي مطابق ذهانت جا اٺ قسم ٿين ٿا هر ٻار ڪنهن نه ڪنهن ذهانت ۾ پيدائشي هوشيار ٿي سگهي ٿو. يا وري ڪمزور به ٿي سگھي ٿو. ان ڪري شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ سندس دلچسپي ۽ مهارت جي مطابق رهنمائي ڪرڻ کپي.

انهن نظرين جي مطابق نصاب سازيCurriculum development جا طريقا به مختلف ماهرن پيش ڪيا رالف ٽائلر 1949ع ۾ نصاب سازي جا اصول نالي ڪتاب لکيو. ان کان پوء هلدا تابا، ويلر ۽ ٻين نصاب سازي جا مختلف نمونا پيش ڪيا. انهن نمونن ۾ ڇو پڙهائجي؟ ڇا پڙهائجي؟ ڪيئن پڙهائجي؟ ۽ جائزو ڪهڙي طرح وٺجي؟ جهڙن سوالن تي مختلف طريقن سان بحث ڪئي وئي آهي.

ننڊن ٻارن جي ابتدائي تعليم لاءِ مختلف تعليمي نمونا سامهون آيا. جرمن تعليمدان فريڊرڪ فروبل، ڪنڊر گارٽن جو نمونو پيش ڪيو. جڏهن ته اٽيلين ماهر تعليم، ڊاڪٽر ماريه مونٽيسري جو مونٽيسري طريقو به اسڪولن ۾ مقبول آهي. ڪنڊر گارٽن طريقي ۾ ٻارن کي راندين جي ذريعي تعليم ڏني وڃي ٿي جڏهن ته مونٽيسري طريقي ۾ ٻارن کي ننڊن ننڊن ڪمن ۽ ذميوارين ۾ شامل ڪري تعميراتي طريقيڪار مطابق تعليم ڏني وڃي ٿي.

ٽيڪنالاجي جي شروعات:

اوڻيهين صدي ۾ بيشمار سائنسي ايجادون سامهون آيون. انهن ۾ بجلي، برقي مواصلات جهڙوڪ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ڪمپيوٽر جا شروعاتي ماڊل شامل آهن. انهن ايجادن کي تعليم ۾ به متعارف ڪرايو ويو. 1930 کان ريڊيو، ٽي وي وغيره تعليمي ميدان ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيا. 1960ع کان ڪمپيوٽر کي تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي شروعات ٿي. آهستي آهستي 1980ع تائين پرسنل ڪمپيوٽر تعليمي ادارن ۾ آيا.

ڪمپيوٽر جي آمد نه رڳو استادن لاءِ آساني پيدا ڪئي، بلڪ آڊيو وڊيو ۽ تصويرن ذريعي ڪيترائي سائنسي اصول ۽ تصور شاگردن کي سمجهائڻ ۾ مدد ملي. 1990 ۾ انٽرنيٽ جي ايجاد سان تعليم جو حصول سستو ۽ سولو ٿي پيو. هن وقت بيشمار آن لائن فورم شاگردن لاءِ مختصر ڪورس ۽ وڊيوز پيش ڪري رهيا آهن. انهن ۾ ڪورس اِرا، خان اڪيڊمي، آمريڪن بورڊ، ڊي جي اسڪلز وغيره شامل آهن. ان سان گڏوگڏ تقريبا تمام وڏيون يونيورسٽيون “لرننگ مينيجمينٽ سسٽم” جي ذريعي پنهنجي تعليم کي آن لائن ڪري چڪيون آهن.

پاڪستان ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي ٽيڪنالاجي جي ئي بدولت فاصلاتي تعليم جا پروگرام پيش ڪن ٿيون.

موجوده ايڪيھين صدي جي مهارتن ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا خواندگي Literacy جو لازمي حصو بڻجي چڪي آهي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي هن وقت پنجين نسل يعني هٿرادي ذهانت Artificial intelligence جي صورت ۾ موجود آهي. هن ۾ ڪمپيوٽر، انساني سهاري کان بغير پنهنجي ذخيري مان معلومات مهيا به ڪري ٿو ۽ ضرورت وقت ان مان منطقي نتيجو به ڪڍي سگهي ٿو. آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ڪيترائي سافٽويئر ايجاد ٿي چڪا آهن جن ۾ چيٽ جي پي ٽي، بزنس اسسٽنٽ وغيره شامل آهن نوجوان ۽ شاگرد طبقو هن ٽيڪنالاجي کي پنهنجي سکيا ۽ معلومات جي اضافي لاء استعمال ڪري رهيو آهي.

توهان کي معلوم آهي ته هن وقت واپار ۽ صنعت تيزي سان ٽيڪنالاجي جي طرف منتقل ٿي رهيو آهي، ان ڪري ٽيڪنالاجي جي سکيا هاڻ بذات خود تعليم جو هڪ مقصد بڻجي چڪي آهي.

اسٽيم ايجوڪيشن STEM Education:

 اسٽيم ايجوڪيشن تعليم جو هڪ جديد تصور آهي. جنهن جو مقصد مختلف سائنسي مضمونن کي هڪ ٻئي سان ڳنڊي پڙهائڻ جو طريقو آهي. STEM اصل ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿميٽڪس جو مخفف آهي. ارڙهين صدي ۾ مشينن جي ايجاد سان دنيا ۾ صنعتي انقلاب آيو. جنهن جي ڪري مختلف مضمونن ۾ اسپيشلائيزيشن جو رجحان پيدا ٿيو. مگر 1950 ڌاري سويت يونين جي سائنسي ترقي ۽ اسپنٽڪ سياري جي ايجاد کان پوء مغربي ملڪن پنهنجي تعليمي نظام تي نظرثاني ڪئي. اهڙي طرح اسٽيم ايجوڪيشن جي اصطلاح وجود ۾ آئي.

اسٽيم ايجوڪيشن، اصل ۾ مختلف مضمونن جي تدريس جو هڪ گڏيل طريقيڪار آهي. هن ۾ ننڊن ننڊن ماڊلز ۽ پروجيڪٽس تي ٻارن کي عملي ڪم ڪرايو ويندو آهي. ان ۾ رياضي سائنسي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي مان مدد ورتي ويندي آهي. هن وقت اسٽيم ايجوڪيشن ترقي پذير ملڪن ۾ تيزي سان اڀري رهي آهي ۽ ذڪر ڪيل چار مضمونن کان علاوه آرٽس حياتيات ۽ ٻيا مضمون به هن تصور ۾ شامل ٿي چڪا آهن.

 اڄ جو تعليمي نظام صدين جو سفر طئي ڪرڻ کان پوء اسان جي سامهون آهي. اڄ جي تعليم ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل لرننگ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ڀرپور آهي. جنهن سکڻ جي طريقيڪار کي بدلائي ڇڏيو آهي. يونيسيف ۽ يونيسڪو جهڙا عالمي ادارا هر فرد لاءِ معياري ۽ سستي تعليم جي فراهمي لاءِ سرگرم آهن. پر نئين نسل کي صرف معلومات نه پر اخلاقيات مذهبي قدرن جو احترام ۽ رواداري سميت عالمي امن امان لاءِ مستقل رهنمائي جي ضرورت آهي. هنن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخ جي ورقن سان گڏوگڏ ان جو شعور ۽ رهنمائي ڏيڻي پوندي ته جيئن هو مستقبل جا باشعور شهري بڻجي سگهن.

حوالا:

Philosophy of education (2017) Allama Iqbal Open University Islamabad

Study guide on foundation of education (2010) Allama Iqbal Open University Islamabad

Kalhoro. J (2018) Historical evaluation of the education system in the pre partition Indian subcontinent/ https://www.researchgate.net/