پنهنجي مادري ٻولي ڳالهايو
انگريزي سڄي دنيا جي ملڪن ثقافتن، رهڻين ڪهڻين، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين کي هڪ ڪاپاري ڌڪ ضرور رسايو آهي ڇو ته جتي 8 سيڪڙو انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارا سڄي دنيا جي اٺ ارب آباديءَ تي حاوي آهن، اتي تعليمي نظام، حڪومتن جا ڪم ڪار ۽ لکپڙھ هلي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي، ان ڪري انهن جي پنهنجي ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي، اخباري مواد، ٽي وي اسڪرپٽ، ريڊيو پروگرام، ٽيلي ڊراما ۽ فلمون، ميگزين، ماهوار رسالا يا ٻيو مواد رهجي ٿو وڃي، ايستائين جو اهي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ به وساري ٿا ويهن يا انگريزي ٻوليءَ جا لاڙا يا رابطا جيڪي انهن معاشرن، گهرن يا سرڪاري توڻي خانگي ادارن ۾ هلن چلن ٿا، پوءِ اهڙي طريقي انهن سڀني شين جي ڇپائي ٿئي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي ته پوءِ ان ڪري اهڙا ڪم جيڪي انهن جي پنهنجن ٻولين ۾ ٿيڻ گهرجن هان، اهي انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا ۽ انهن ماڻهن جي پنهنجي ٻولي پوئتي رهجي ٿي وڃي، ان ڪري جيڪي 6500 ٻوليون سموري دنيا ۾ ڳالهايون يا سمجهيون وڃن ٿيون، انهن ٻولين مان گھڻو تعداد انگريزي ڳالهائڻ وارن جو آهي، جنهن جا 1132 ملين ڳالهائڻ وارا موجود آهن، چيني ٻولي ڳلهائڻ وارا 1117 موجود آهن، هندي 615، اسپينش 534، فرينچ 280، عربي 274، بنگالي 265، رشين 258 ملين ڳالهائڻ وارا موجود آهن، انهن کانسواءِ اهي ٻوليون جيڪي بين الاقوامي طور تي نه ٿيون سمجهيون وڃن يا جن ٻولين جا سليبس به موجود ناهن، انهن ٻولين کي خطرو لاحق آهي ته اهي سڀاڻي ختم ٿي وينديون، ان ڪري ته انهن جي ڳالهائڻ وارا جڏهن به خطو يا ملڪ تبديل ڪن ٿا ته اهي پنهنجي ٻولي وساري ٿا ويهن يا اتان جي ٻولي يا ٻين ٻولين اپنائڻ جي ڪري اهي پنهنجي مادري ۽ مقامي رابطي واري زبان به وساري ٿا ويهن يا اتان جون ٻوليون سکڻ يا پڙهڻ جي ڪري اهي اتان جا ٿي ٿا وڃن، ان ڪري ٻولين جي ڳالهائڻ يا زنده رکڻ جي لاءِ انهن جي لکڻ، پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ جا مناسب طريقا ئي ٻولين کي بچائي سگهن ٿا.
ان جاءِ تي جتي دنيا جي ملڪن کي پنهنجن ٻولين جي واڌ ويجھ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان پنهنجن ٻولين ۾ اهڙي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري اهي ٻوليون خطري ۾ ضرور آهن ته اهي اهڙي مليل جليل ماحول ۾ پنهنجن ٻولين کي ڪيئن اڀارن، اٿارن يا اوسر ڏين، ڇو ته انگريزي ٻولي سڀني ملڪن جي تعليم، ترقي ۽ سرڪاري عملدارين تي اثرانداز آهي، اها ٻولي هر هنڌ استعمال ڪئي ٿي وڃي، پر اتي هڪ ڳالھ ضرور ٿي ماري ته ڄڻ ان انگريزيءَ جي ڪري سڀ ترقيون ممڪن ٿين ٿيون، يا اها ڳالھ به وزن ٿي رکي ته ٻار جيڪو گڊ مارننگ چئي يا جيڪو مقامي يا مذهبي طريقي سان کيڪار ڪري ته انهن جي اهڙي رويي کي ماڻهو ته ماپي ٿا وٺن ته هي ٻار وڏو ٿي ڇا ٿيندو يا ان جي رويي يا لاڙن مان پتو ٿو پوي ته ٻار جو لاڙو ڪهڙي طرف آهي. ان ڪري ڳالهائڻ ۽ تهذيبن جو باقي هجڻ ٻولين جي ترويج ۾ وڏو عمل دخل ٿو رکي، ته اهي عام ٻوليون به انهن دنيا جي وڏين ٻولين وانگي وڌن ويجهن يا مٿي اچن، اها ٻي ڳالھ آهي ته انهن ٻولين جي ڳالهائڻ، سمجهڻ، پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ لکڻ وارا گھڻا ناهن، ان ڪري انهن جي ليکارين جو تعداد وري دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وسي ٿو يا اسپيڊ سان لکي به ٿو، يا اهو به آهي ته سينٽرل ايشيائي ملڪن کانسواءِ انگريزي اوڀر يورپ ڪن ملڪن ۾، يا رشيا جي سڀني ملڪن يا خطن ۾ نه ٿي ڳالهائي وڃي، يا جرمني جي ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ يا چين جي سڄي پٽي ۾ انگريزي ان مقبوليت سان نه ٿي ڳالهائي وڃي جنهن نموني دنيا جي ٻين هنڌن تي ڳالهائي وڃي ٿي، ان ڪري دنيا جي ڪجھ غير انگريز ملڪن ۾ به سرڪاري ٻولي جي حيثيت سان مڃي ٿي وڃي، يا لڳ ڀڳ 81 ملڪن ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائي، پڙهي، سمجهي، لکي يا ٻڌي وڃي ٿي.
اڪيلي ماڻهوءَ جي ڪا ثقافت، ڪا ٻولي، ڪو خطو يا ڪو مذهب به ناهي هوندو ۽ ساڳي جاءِ تي اجتماعيت ئي معاشرن جي هجڻ جو ڪارڻ آهي يا سڌريل معاشرن ۾ بڻايل اصول، ضابطا، قائدا ۽ قانون ان معاشرن جي تهذيب ۽ تمدن انهن جي پائيداريءَ جا ذميوار پڻ آهن، ائين ئي ٻولي، مذهب، ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن معاشرن جي سڃاڻپ پڻ آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته جيستائين ٻولي ڳالهائڻ وارو ماڻهو ۽ سمجهڻ وارو ماڻهو هڪ به بچندو تيستائين ٻولي زنده آهي يا وري ان ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارو هڪ ماڻهو جي زنده رهجي وڃي ته ٻوليءَ جي مرڻ جا پورا پورا چانسز هوندا آهن، پر ساڳي جاءِ تي معاشري جون ٻيون لوازمات به ته پوريون ڪرڻيون هونديون آهن، جيڪي اشد ضروري هجن ٿيون، دنيا جي اوائلي تهذيبن مثال يوناني، مصري، چيني، عربي ۽ هاڻي آمريڪي يا انگريزي تهذيب جيڪا رائج آهي يا جنهن ۾ اسان سڀ اچي ٿا وڃون، جيڪي انگريزي ٻولي ۽ تهذيب جا پوئوار آهن يا جيڪي گهڻي تيزي سان ڪلاس جي تبديلين ۽ ترقي يا اربنائيزيشن جي ڪري پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي تهذيب کي مان نه ٿا ڏين يا انهن معاشرن ۾ تهذيب به انهن مذهبي ڏڻن وانگي ٿي وئي آهي، جتي سڄو سال ماڻهو کريل انگريز هجن، پر جڏهن به مذهبي ڏڻن وارا مهينا اچن ته اهي وري پوشاڪون پهري مٽائي سٽائي رنگ روغن ڪري وري ڄڻ دين جي تجديد ڪندا آهن. باقي سڄو سال انگريز بڻيا رهندا آهن.
معاشرن سان گڏ ٻولين جون ٻيون گهربل شيون به پوريون ڪرڻيون پون ٿيون، جن سان ٻولين ۽ تهذيبن کي زنده رکي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ٻولين جو لکڻ، پڙهڻ، سمجهڻ، پڙهائڻ، ڳالهائڻ يا فروغ جي ذريعن ۾ اهو به آهي ته اهي ٻوليون پنهنجي رسم الخط ۾ لکيون به وڃن، جنهن ۾ نصابي ڪتاب، نصابي نظام، ادبي ورثا، روز جون اخبارون، ٽي وي ميڊيا، ريڊيو جا نيٽورڪ، پنهنجي ٻولي ۽ اسڪرپٽ ۾ گهربل لٽريچر وغيره اچي ٿو وڃي، ڇو ته ٻولين جي بقا ان ۾ به آهي ته اهي سڀ لوازمات پوريون ڪيون وڃن، وري تهذيبن جي ڳالھ ڪجي ته ڀلا ماڻهو جي ڪجھ به نه پائي، ڪجھ به نه ڳالهائي، ڪنهن سان به لهه وچڙ ۾ به نه اچي ته پوءِ تهذيبون، ٻوليون ۽ معاشرا پروان ڪيئن چڙهن، يا سڃاڻپ ڪيئن ڪجي يا ڪرائجي، معنيٰ ٻولي ڳالهائڻ کانسواءِ، ڪپڙا پائڻ به تهذيبن جي نشاندهي ڪن ٿا، ان سان گڏ لکڻ پڙهڻ مان به ٻوليون سڃاتيون وڃن ٿيون، يا مثال جي پنهنجي ٻولي نه ڳالهائي ته پوءِ ان ماڻهوءَ جي پنهنجي مادري ٻولي ڇا هوندي، يا جي اهي ماڻهو پاڻ پنهنجي ٻولي نه ڳالهائن ته پوءِ ڪير ڳالهائي.
ٻولين جي ڊجيٽل واڌ ويجھ مان مراد سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، ٽيلي ميڊيا يا ٽڪ ٽاڪ، فيسبوڪ يا انٽرنيٽ جا ٻيا ذريعا مثال اي ميل، گوگل سرچ وغيره پڻ آهن، يا انهن سڀني ذريعن کان وڌيڪ ڪتابن جي ڇپائيءَ وارا ادارا يا ٽي وي ميڊيا جيڪا سڄو ڏينهن ايترو ته ريپڊ ۽ تيز ترار رفتاري جو ذريعو آهي، جيڪو ٻولين جي ترويج ۾ وڏو ڪردار ادا ٿو ڪري، ان ڪري ته انهن ٻولين سان وابسطا لائبريريون ۽ ٽي وي اسڪرين جيستائين ۽ جنهن اسپيڊ سان ٻولين جي خدمت ۾ اڳتي هوندا تيستائين ٻولي وڌيڪ ۽ سگهاري طريقي سان پئي وڌندي ۽ پئي لکبي ۽ ڳالهائبي، پر انهن سڀني ڊجيٽل ذريعن جو مک ذريعو وري به سنڌي ۾ لکڻ يا آساني سان ان کي پڙهڻ به آهي، ڇو ته پهرين رومن سنڌي ۾ لکڻ وارو عمل هاڻي گھڻي ڀاڱي سنڌي صورتخطي ۾ لکڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ٻولي هر پليٽفارم تي پاڻ مڃائي سگهي ٿي، يا ڊجيٽل ڪتابن جو ڇپجڻ، اخبارن ۽ رسالن جون اهڙي طريقي اچڻ به ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن کي مائل ٿو ڪري يا اتساهي ٿو ته هو پنهنجي ٻولي هر طرح، هر طريقي ۽ هر نموني سان استعمال ڪري پنهنجي ٻولي کي ڊجيٽلائيز دور ۾ گھڻو وڌائي سگهن ٿا، ان جو بهترين مثال سنڌيءَ ۾ ونڊوز يا مائيڪروسافٽ جي ايپليڪيشن تي سنڌي الفابيٽ جي ڪمپيٽبلٽي به وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي ذريعي ٻوليءَ کي لکي سگهجي ٿو، محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ان ڪمپيوٽر جي سهولت جي ڪري ٻولين جي اهميت يا ڦهلاءُ هاڻي وڌندو ٿو وڃي، ڇو ته ٻولين جي لکجڻ انهن جي بقا جي نشاني آهي، ٻولين ۾ ادب جو سهيڙجڻ به ان ٻولي جي باقي رهڻ جا اهڃاڻ ڇڏي ٿو، ان ڪري رڳو ڳالهائجندڙ ٻوليون گهڻو وقت جيئريون نه ٿيون رهي سگهن، ڇو ته بين الاقومي ٻولين جي يلغار يا انهن جي مٿان حاوي ٻولين جي اثرن باوجود انهن ننڍين ننڍين ٻولين جو ڊجيٽلائيز طريقي سان لکجڻ، پڙهجڻ، سمجهڻ کان وٺي ڳالهائجڻ به هڪ واضح پيغام آهي ته ٻوليون جيئنديون، ان ڪري رابطي جي ٻوليءَ سان گڏ مادري ٻولين جي ٻين ماڊلز کي به اپنائڻ ضروري آهي، ڇو ته جيستائين ٻوليون ادب جي صورت وڌن ويجهن پيون يا شاعريءَ ۽ راڳ رنگ جي صورت وڌن پيون، يا ٻولي جي ترقي جا اهڃاڻ ادب سرجڻ جي صورت ڏسي سگهجن ٿا، جن ۾، ناول، ڪهاڻيون، ميگزين، رسالا، اخبارون، ريڊيو چينل، ٽي وي ميڊيا يا فلم بيني وغيره آهن. ان ۾ اهو به آهي ته اهي سڀ ذريعا جيستائين انهن ٻولين جي زنده رهڻ جا بهانا باقي نه ٿا رهن تيستائين اهي ٻوليون زنده نه ٿيون رهن، ان ڪري ٻولين جي ڳالهائجڻ سان گڏوگڏ انهن جي ٻولين جي اسڪرپٽ، لکڻ جي صورت ۽ ٻيا لوازمات پورا ڪرڻ به ٻولي کي جيئارڻ جي مترادف آهن، ان ڪري ٻولين جا سڀ ماڊل اختيار ڪرڻ گهرجن ته جيئن ٻوليون جياري سگهجن.
***

