بلاگ

عورت تخليق جو سرچشمو آهي

انساني زندگيءَ جي تاريخ جو گهرائيءَ سان جائزو وٺجي ته انساني زندگيءَ ۾ عورت جو اڌ کان مٿي حصو مسلسل عتاب ۾ رهيو آهي . ڪڏهن پيءَ جي فرمانبرداريءَ هن جي خوابن کي ڳيهي وئي ته ڪڏهن ڀاءَ جي خواهشن هن جي خواهشن جو ڳلو ڪپي ورتو. ڪڏهن هوءَ مڙس جي ظلم جي عتاب هيٺ رهي ڪري چپ رهي ته ڪڏهن اولاد جي ذميواري هن جي وجود جا 20 25 سال کائي ڇڏيا، هوءَ وقت کان اڳ پوڙهي نظر اچڻ لڳي، پر هن صبر جو دامن پڪڙي رکيو، مزاحمت نه ڪئي ڇو ته هن کي اسان ڪڏهن به مزاحمت ڪرڻ سيکاري ئي ناهي، سدائين اسان فرق ڪري ڏيکاريو آهي ته هو تنهنجو ڀاءَ آهي توکي هن جي عزت ڪرڻي آهي، تون هن جي غيرت آهين. فرق ته اسان ننڍي هوندي کان ئي شروع ڪري ڏيندا آهيون جڏهن ڇوڪرو اوگهڙ ظاهر ڪندو آهي ته اسان کي فرق نه پوندو آهي، پر ڇوڪريءَ جي اوگهڙ اسان کي لڄائيندي پئي آهي!!

اسان فرق ڪندا آهيون نياڻي کي پنج ڪلاس پڙهائڻ کانپوءِ اهو چئي ته تون هاڻي وڏي ٿي وئي آهين، تون گهر ويهي امان جو هٿ ونڊرائجان، اتي پٽ کي پيا پڙهائيندا آهيون، اتي اسان کي نظر نه ايندو آهي ڇوڪرو وڏو ٿيو آهي ته اهو به پيءُ جو هٿ ونڊرائي، پر ديوار ان بنياد تي بيهاريندا آهيون ته نياڻي وڏي ٿي وئي آهي، متان ڪير اسان جي نياڻي کي ڏسي…!!

ڪو ڪنهن کي ڏسي ٿو ڀلي پيو ڏسي، پر ان جي مستقبل جا پر ڇو ڪٽجن!! هن جي خواهشن جو ڳلو آخر ڇو ڪپجي!! هن جي مرڪن جا گل آخر ڇو مروڙجن!! اگر ڇوڪرو يعني مرد ڪجهه ٿيڻ جا خواب سانڍي ٿو جيڪو اسان هن جي تربيت ۾ شامل ڪندا آهيون ته پوءِ ڇوڪري ڇونه؟؟!!

سنڌ جي تاريخ جي دري کولجي ته خبر پوي ٿي ته ماضي ۾ عورت جو ڪردار ڏاڍو اهم رهيو آهي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ ادب جو فڪري منظر ۾ لکي ٿو.

”قديم سنڌي سماج ۾ تخليق جو سرچشمو هڪ ڌرتي ۽ ٻيو عورت هئي. تنهنڪري ٻنهي جي فطرت وٽ اهميت يڪسان هئي، هونئن به عورت قدرت کي وڌيڪ عزيز هئي. فطرت کي مرد کان وڌيڪ عورت ويجهي آهي. ڄڻ پياري ۽ عزيز آهي ڇاڪاڻ ته انساني نسل کي برقرار رکڻ جي صلاحيت گهڻي قدر عورت جي جسم ۾ ئي موجود آهي. عورت تخليق جو سرچشمو آهي. انساني نسل جي واڌ ۾ مرد جو ڪم تمام مختصر ۽ عارضي رهيو آهي.“

مٿيون لائينون ماضيءَ ۾ عورت جي اهميت هن جي سماجي حيثيت کي اجاگر ڪن ٿيون، جيئن ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڌرتي جيوت کي اڳتي وڌايو آهي ائين ئي انساني نسل جي واڌ ويجهه عورت ڪئي آهي، عورت انساني زندگيءَ جو اهم جز رهي آهي.

ڊاڪٽر غفور ميمڻ اڳتي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ڌرتي جيان عورت جي حيثيت ديوي واري رهي آهي. سنڌو تهذيب جي مختلف آبادين ۽ وستين مان ٺڪرن مان ٺهيل عورت جا جيڪي ننڍا ننڍا مجسما لڌا ويا آهن، سي شايد انهيءَ ديوي جي نمائندگي ڪن ٿا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ ۾ زمين ۽ عورت جي حيثيت مٿانهين هئي. بلڪه ٻنهي کي تخليق جو سرچشمو سمجهڻ/مڃڻ جا ثبوت مليا آهن“

جڏهن ته ٻي دنيا ۾ اڃا عورت سفر ٿي ڪيو ته سنڌ ۾ عورت کي ديوي جو رتبو مليل هو. هن کي سمان جي نظر سان ڏٺو ٿي ويو، جيتر ڌرتيءَ تي يورپ جي تاريخ جا مثال وٺجن ته وڏا ڀوائتا آهن، يورپ ۾ جڏهن چرچ جي بادشاهت هئي ته اتي عورت جي اهميت سطحي هئي، ڪابه برائي ٿيندي هئي، پادري سمجهندا هئا، اها عورت جي ڪري ٿئي ٿي، انهن کي ڌوتي جو لقب ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا هن تي ڏائڻ جو سايو آهي تنهن ڏوهه ۾ ان عورت کي ماري ڇڏيندا هئا .

ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي ڪتاب عورت ۽ تاريخ ۾ چرچ جي دور ۾ يورپ اندر عورت جي اهميت کي اجاگر ڪندي  لکي ٿو ته ”عورت پدر شاهي سماج ۾ سدائين اذيت مان گذري آهي ڪيترن ئي عذابن مان ايتري قدر جو خدائن جي خوشنودي لاءِ عورت کي قربان به ڪيو ويندو هو ۽ چيو ويندو هو ته خدا جي خوشنودي لاءِ مرد جي بجاءِ عورت جي قرباني گهرجي ٿي جنهن تي خدا خوش ٿئي ٿو.

ان عمل دوران نوجوان ڇوڪريون جن دنيا جي مسرتن مان ڪجهه به نه ماڻيو چرچ ان کي اڳ ۾ قربان ڪري ڇڏيندو هو.“

يورپ جي ڪلچر تاريخ مان کوڙ مثال ٻيا به ملن ٿا هڪ مثال تاريخ کي ڦلوريندي هي به ملي ٿو ”جڏهن يوناني فوج ٽراءِ جي جنگ جي لاءِ بحري جهازن تي وڃي رهي هئي ته سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. انهي ڪري جهاز خطري ۾ پئجي ويا ان ڪري يوناني فوج جي ڪمانڊر خدا جي خوشنودي ۽ طوفان جي خطري کي ٽارڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ جي قرباني ڏني “

تاريخ اهڙن حوالن سان ڀري پئي آهي. جنهن ۾ عورت تي ظلم ۽ بربريت جا مثال ڏنل آهن، جيئن ته مرد حاڪم رهيو آهي، هن هميشه عورت کي نقصان ڏنا آهن، پنهنجي بقا جي لاءِ هن عورت کان طرح طرح جون قربانيون ورتيون آهن.

هندو مذهب ۾ به ته ستي جي رسم هوندي هئي، مرد جي مري وڃڻ کانپوءِ ملهائي ويندي هئي، جنهن ۾ عورت کي زنده ساڙيو ويندو هو. ائين ئي عرب پڻ عورت کي زنده پوري ڇڏيندا هئا. اڄ به هندستان جي گهڻن ئي قبيلن ۾ ڇوڪريءَ جو ڄمڻ سٺو سئوڻ نه سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري مايون پنهنجو نياڻي ٻار ڪيرائي ڇڏينديون آهن. سوال اهو آهي ته جديد سائنسي دور ۾ به عورت جي زندگي هميشه وانگي سفر ڪري رهي آهي. هن سان پيش ايندڙ مسئلا اڄ به هن جا مسئلا آهن اسان جا نه آهن اهو ان ڪري جو اڄ ڏينهن تائين اسان عورت کي انسان سمجهي نه سگهيا آهيون، تنهنڪري هو ڀوڳي پئي، پيڙائن جا سمنڊ پنهنجي وجود ۾ سانڍي زنده ٿي رهي، ڇو ته هن کي خبر آهي ته هن جي دانهن شايد ئي ڪير ٻڌي سگهي، سو هو نه چاهيندي به صدين کان اڄ ڏينهن تائين چپ رهندي اچي، ان ڪري هن کي انسان سمجهو نه ته وقت هونئن به تبديل ٿي رهيو آهي، هينئر  پنهنجو پاڻ تبديل نه ڪيو ته ايندڙ وقت عورت جو آهي ۽ تاريخ پنهنجو پاڻ هڪ ڀيرو ورجائيندي. عورت جي حاڪميت هن انساني اهميت جيڪا فطرت هن کي عطا ڪئي آهي اها هن کان ڪير به هن کسي نٿو سگهي.