بدين ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا پهريون شخص فوت، ڳوٺ سيل

پنگريو لڳ ڳوٺ محمد يعقوب سهتو جو رهواسي ڪالهه ڪورونا جي شڪ ۾ انڊس اسپتال بدين آندو ويو جتي سندس حالت خراب هجڻ سبب کيس جناح اسپتال ڪراچي نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. جناح اسپتال ۾ ڪيل ٽيسٽ ۾ ڪورونا پازيٽو آيو آهي، جڏهن ته گولاڙچي جي ٻن رهواسين ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ سبب سندن ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪراچي ليبارٽري ڏانهن اماڻيون ويون آهن. ڳوٺ محمد يعقوب سهتو ۾ ڪورونا وائرس جو ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ ۾ موجود آهي. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون جي 13 هين ڏينهن بدين شهر بند رهيو. پوليس ۽ رينجرز شهر جي مختلف چوڪن تي الرٽ رهي. جڏهن ته گشت جو سلسلو پڻ جاري رهيو. انڊس اسپتال جي سينئر ڊاڪٽر عباس علي شاهه پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو احتياط ڪن ۽ گهرن ۾ رهن. ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انڊس اسپتال ۾ پنهنجو معائنو ڪرائين
