پاڪستان جي افغان مسئلي جي حل لاءِ 6 نقاطي حڪمت عملي پيش، سعودي عرب پاران هڪ ارب ريال امداد جو اعلان
پاڪستان افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. جڏهن ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود افغانستان لاءِ هڪ ارب ريال جي امدادي رقم جو اعلان ڪندي چيو ته افغانستان ۾ عورتن ٻارن سميت عوام مشڪلات جو شڪار آهي. افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي. افغانستان جي عوام اسان جي مدد جي منتظر آهي، سعودي عرب افغانستان جي مسئلن کي سمجهي ٿو. هن چيو ته افغانستان جي معاملي کي انساني بنيادن تي ڏسڻو پوندو. اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ مالي بحران شديد ٿي ويو آهي. هن اپيل ڪئي ته عالمي ادارا افغان عوام جي مدد ڪن، جنگ متاثر ملڪ ۾ عورتون ۽ ٻار اسان جي مدد جا منتظر آهن. ڪالهه آچر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان عوام جي مدد جي لاءِ ڇهه نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت افغان عوام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي.