خاص

بيان حلفي ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران مهر لڳل لفافو پيش

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ راڻا شميم جي حلف نامي بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران مهر لڳل لفافو پيش. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل جي موجودگي ۾ مهر لڳل لفافو کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله راڻا شميم جي وڪيل کي چيو ته توهان جو اصيل مڃي ٿو ته اخبار ۾ جيڪو ڪجهه لکيل هو، اُهو سندس حلفي بيان پٽاندڙ آهي، راڻا شميم اهو تاثر ڏنو آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪمپرومائيزڊ آهي، هي روٽين جو معاملو نه آهي، ڇا هن عدالت جي ڪنهن جج تي آڱر کڻي سگهجي ٿي؟ عدالت ٻڌڻي 28 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.