جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم
وزيراعظم شهباز شريف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽو رويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي ڪابينا جج خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جي اڳ ئي منظوري ڏئي چڪي هئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته ريفرنس ڪمزور ۽ بي بنياد سببن جي بنياد تي داخل ڪيو ويو هو، ان ڪري ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.