بلاگنئون

نصرت فتح علي خان جي”Chain of  light”  قوالي

ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ته فيصل آباد (لائلپور) جو پرويز جنهن کي پنهنجو والد ڊاڪٽر يا انجنئير ٿيندي ڏسڻ پيو چاهي، پر قدرت کي ٻيو ئي ڪجھ منظور هو. اهو پرويز اڳتي هلي هڪ عظيم فنڪار ٿيو، جنهن کي دنيا هاڻي استاد نصرت فتح علي خان جي نالي سان سڃاڻي ٿي. پوري يورپ ۽ دنيا کي سرمستيءَ ۾ جهومائيندڙ نصرت فتح علي خان جنهن کي جاپان ملڪ وارن “سنگنگ بدها” يعني “موسيقيءَ جو ديوتا” جو لقب ڏنو، کيس ٻين لقبن شهنشاهه قوالي، سلطانِ قوالي، قوالي قيصر، صديءَ جو صوفي گائڪ، پاڪستان جو آواز جي لقبن سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. قوالي کي نئين انداز، نئين رنگ ڍنگ سان پيش ڪندڙ هڪ عظيم فنڪار قواليءَ جو سلطان نصرت فتح علي خان هڪ دفعو وري ميڊيا تي تڏهن نمودار ٿيو، جڏهن سندس 1990ع ۾ رڪارڊ ڪيل چار قواليون سامهون آيون. 1997ع ۾ وڇڙندڙ نصرت فتح علي خان کي تاريخ وري ياد ڪيو. سندس ڳايل قوالين وري ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو آهي. سندس جي سحر ۾ ورتل ٻڌندڙ، وري مستي مان پنهنجي گردن جهڪائي، ڌمال هڻي ۽ جهومي وجداني ڪيفيت جو اظهار ڪري رهيا آهن. هڪ دفعو وري سوشل ميڊيا تي سندس قوالين جا چرچا زبان زدِ عام ٿي ويا آهن. يوٽيوب تي “چين آف لائيٽ” جي نالي سان نوان چينل ٺهي ويا اهو نالو سندس جي نئين البم جو نالو آهي، چينل ٺهڻ شرط ئي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لکين ويوز ۽ لکين سبسڪرائبر گڏ ڪيا آهن. ان البم جو نالو “chain of light” ان ڪري رکيو ويو آهي جو ان ۾ هڪ مصرعو آهي (هر ساھ ۾ نور جو ئي رشتو آهي) ان ڪري ان البم جو نالو “چين آف لائٽ” رکيو ويو آهي. اهو البم اپريل 1990ع ۾ انگلينڊ ۾ پيٽر گيبريئل جي ريئل ورلڊ اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. انهيءَ ۾ ڪل چار قواليون آهن، انهن چار قوالين جو ٽائيم 41 منٽ آهي. تازو رليز ٿيل نيون چار  قواليون دنيا کي وري سوين سالن تائين ياد رهنديون.

نصرت فتح علي خان جون “چين آف لائٽ” ۾ آيل چار نيون قوالي: (1) “يا غوث يا ميران” سيد عبدالقادر جيلاني رح جي شان ۾ چيل آهي، جيڪا شاعري عظيم صوفي شاعر پير نصير الدين شاهه گولڙا شريف واري جي لکيل آهي. هي قوالي بلڪل نئين آهي، جنهن کي پهرين ڪنهن به ڪمپني رليز ناهي ڪيو. هي هڪ عظيم شاهڪار آهي. (2)“اَج سِک مِتراں دی وَدھیری اے“ پنجابي زبان جي هڪ مشهور نعت آهي. ان جي شاعري پڻ عظيم شاعر پير مهر علي شاھ جي لکيل آهي. هي شاعري حسن و بيان جو هڪ عظيم نمونو آهي. هن نعت جي هڪ هڪ لفظ مان عقيدت ظاهر ٿئي ٿي. توهان ڀلي پنجابي زبان نه به ڄاڻندا هجو، پر پوءِ به هن نعت جو هي هڪ مشهور شعر ضرور ٻڌو هوندو: “ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثنا، گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان. (3) “يا الله يا رحمان” هڪ حمد آهي جيڪو پڻ پرسوز آواز ۽ وجداني ڪيفيت ۾ ڳايل آهي. (4) “خبرم رسيد امشب” امير خسرو جو هڪ مشهور فارسي  غزل آهي. جنهن جو نصرت فتح علي خان پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.

سندس لکين مداح سندس اهي قوالي ٻڌڻ لاءِ اڄ به آتا آهن. سندس دلفريب آواز سان اڄ به ڪيئي مداح محضوض ٿين ٿا. سندس اهي گمنام قواليون چوٽيھ سال پهرين لنڊن جي هڪ اسٽوڊيو جي اسٽور روم ۾ رکي ويون هيون. 2021ع ۾ ريئل ورلڊ اسٽوڊيو جون پراڻيون رڪاڊنگس ڪنهن ٻئي پاسي منتقل ڪري رهيا هئا ته هي رڪارڊنگ جنهن تي نصرت فتح علي خان جو نالو لکيل هو ظاهر ٿي پئي، جنهن کي جديد نموني سان محفوظ ڪي بالآخر 1924ع ۾ “چين آف لائٽ” البم جي نالي سان رليز ڪيو ويو. نصرت فتح علي خان جون اهي قواليون سوين سالن تائين دنيا کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکنديون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نصرت فتح علي خان مشرق کان مغرب تائين پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي.