ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ته فيصل آباد (لائلپور) جو پرويز جنهن کي پنهنجو والد ڊاڪٽر يا انجنئير ٿيندي ڏسڻ پيو چاهي، پر قدرت کي ٻيو ئي ڪجھ منظور هو. اهو پرويز اڳتي هلي هڪ عظيم فنڪار ٿيو، جنهن کي دنيا هاڻي استاد نصرت فتح علي خان جي نالي سان سڃاڻي ٿي. پوري يورپ ۽ دنيا کي سرمستيءَ ۾ جهومائيندڙ نصرت فتح علي خان جنهن کي جاپان ملڪ وارن “سنگنگ بدها” يعني “موسيقيءَ جو ديوتا” جو لقب ڏنو، کيس ٻين لقبن شهنشاهه قوالي، سلطانِ قوالي، قوالي قيصر، صديءَ جو صوفي گائڪ، پاڪستان جو آواز جي لقبن سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. قوالي کي نئين انداز، نئين رنگ ڍنگ سان پيش ڪندڙ هڪ عظيم فنڪار قواليءَ جو سلطان نصرت فتح علي خان هڪ دفعو وري ميڊيا تي تڏهن نمودار ٿيو، جڏهن سندس 1990ع ۾ رڪارڊ ڪيل چار قواليون سامهون آيون. 1997ع ۾ وڇڙندڙ نصرت فتح علي خان کي تاريخ وري ياد ڪيو. سندس ڳايل قوالين وري ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو آهي. سندس جي سحر ۾ ورتل ٻڌندڙ، وري مستي مان پنهنجي گردن جهڪائي، ڌمال هڻي ۽ جهومي وجداني ڪيفيت جو اظهار ڪري رهيا آهن. هڪ دفعو وري سوشل ميڊيا تي سندس قوالين جا چرچا زبان زدِ عام ٿي ويا آهن. يوٽيوب تي “چين آف لائيٽ” جي نالي سان نوان چينل ٺهي ويا اهو نالو سندس جي نئين البم جو نالو آهي، چينل ٺهڻ شرط ئي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لکين ويوز ۽ لکين سبسڪرائبر گڏ ڪيا آهن. ان البم جو نالو “chain of light” ان ڪري رکيو ويو آهي جو ان ۾ هڪ مصرعو آهي (هر ساھ ۾ نور جو ئي رشتو آهي) ان ڪري ان البم جو نالو “چين آف لائٽ” رکيو ويو آهي. اهو البم اپريل 1990ع ۾ انگلينڊ ۾ پيٽر گيبريئل جي ريئل ورلڊ اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. انهيءَ ۾ ڪل چار قواليون آهن، انهن چار قوالين جو ٽائيم 41 منٽ آهي. تازو رليز ٿيل نيون چار قواليون دنيا کي وري سوين سالن تائين ياد رهنديون.