بلاگنئون

ماسٽر مائينڊ ۽ سندس سياست

ماڻهو ته هاڻي مٿو ٿا کنهن ته ڇا ٿي ويو جو ”گهر ڪو آگ لگي گهر ڪي چراغ سي“ يا ان ڳالھ جي لاءِ اهو ضرور چئبو ته سياسي شخصن کي ليڊر ٿيڻ ۾ وقت کپندو آهي. اهڙا اڳواڻ جن وٽ دور انديشي واري اک هوندي آهي، اهي سياست ڪري ويندا آهن، انهن وٽ ان ڳالھ جي پرک، سمجھ ۽ سياسي پختگي هوندي آهي ته هاڻي ٿيڻو ڇا آهي، هاڻي ڪرڻو ڇا آهي يا هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟ ان ڪري اهي سڀ اهڙا اڳواڻ ۽ سياستدان اهڙو زبردست ”ويزن“ کڻي هلندا آهن، اهي ان ڳالھ کي به خوبي سمجهندا آهن ته وقت ۽ حالات ڪهڙيون گهنٽيون ٿا وڄائين، اهي ڄاڻي ٿا وٺن ته هوا جو رخ ڇا آهي، پاڻي ڪهڙي طرف ٿو وهي؟ ۽ پوءِ انهن سڀني ڳالهين مهاڙين ۽ سياسي مامرن کي ذهن نشين ڪري اهو فيصلو ڪندا آهن ته هاڻي اهڙي ڪهڙي اٽڪل بازي ڪجي، ڪهڙي چال هلجي، جنهن سان نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، اهي اڳواڻ پاڻ سياسي سقراط ناهن بڻجندا جو زهر جو پيالو پي پاڻ فنا ٿي ويهي رهن، اهي پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ناهن هڻندا.

ان ڪري هر ڏاهي اڳواڻ ۽ سياستدان لاءِ حالتن ۽ واقعن جي پرک ضروري هوندي آهي ته هو وقت ۽ حالتن جي نزاڪت کي سمجهي، اهو قدم کڻي جنهن سان سياسي ساک بحال رکي سگهجي يا ڪم اهو ڪجي جنهن ۾ عزت به هجي، نالو خراب نه ٿئي، جيڪڏهن اهي سڀ شيون ناهن ته اهو اڳواڻ به ناهي، معنيٰ اهو ٽڪي جو سياستدان به ناهي يا نه ٿي سگهي ٿو. آڱر وڍرائي سڀ شهيد نٿا ٿي سگهن، سڀ جا سڀ چي گويرا، نيلسن منڊيلا يا مائوزي تونگ به نٿا ٿي سگهن. ان ڪري اهڙي دورانديشي، سمجھ، پرک ۽ سياسي ڏاهپ وڏي معنيٰ ٿي رکي. اها وڏي ڳالھ هوندي آهي ته اڳواڻن وٽ سياسي حرفتون به هجن، شطرنج جي راند وانگي ڳوٽون ڦيرائي سگهن، انهن اڳواڻن ۽ سياسي مهندارن جي ڇهين حس به ڪم ڪندي هجي ته جيڪي اهي ڪن ٿا انهن سان ٿيڻو ڇا آهي يا ڇا ٿي سگهي ٿو؟ اها ڳالھ به ذهن ۾ رکن ته جيڪا اٻوجھ قوم سندن پويان لڳل آهي، جيڪا قوم نٿي ڏسي آنڌي نٿي ڏسي مانڌي، نٿي ڏسي جهڙ، نٿي ڏسي مِينهن، نٿي ڏسي اُس نٿي ڏسي ڇانوَ، نٿي ڏسي گرمي نٿي ڏسي سردي بس هڪ سڏ تي هلي ٿي پوي يا اهڙي گرمي جنهن ۾ ڪانوَ جي به اک نڪرندي هجي، سرد راتين ۾ ماڻهو جڏهن ڏڪندا ڏڪندا رات گذاريندا هجن تڏهن اهي مَست ماڻهو پنهنجي اڳواڻ جي ڪا ڳالھ پوئتي نٿا ڪري سگهن، اهي ماڻهو ڪيئن ڏينهن تتي به بسون، گاڏيون، لاريون، ٽرڪون، ٽريڪٽر، ذاتي گاڏيون ڀري هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي اڳواڻن جو ڳاٽ اوچو ڪندا ٿا رهن.

ان ڪري جيتري سياسي چٽاڀيٽي اسان وٽ آهي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي هجي! جو اڳواڻ جي لاءِ عوام چريو لڳو پيو هوندو آهي، انهن جي هڪ اشاري تي وٺي ڀڄندا آهن، سڀ ڪم ڪار ڇڏي، سمورا ڪاروبار ٺپ ڪري، رڳو ان اڳواڻ جي ها ۾ ها ملائيندا وتندا آهن، پر اسان وارا اڳواڻ ڪارڪنن جون سڀ سچايون ۽ عوام جو سياسي ايمان داوَ تي هڻي، سڄو ڏينهن ويٺا ”يوٽرن“ وٺندا آهن. مثال اهي سرڪار ملڻ وقت يا ان گهڙيءَ رڳو سچا ٿي پون ته هي ملڪ سونو ٿي پئي، پر ڳالھ اها به آهي ته جنهن سياستدان کي دور انديشي نٿي اچي اهو اڳواڻ ئي ناهي، جنهن اڳواڻ (عمران) کي اها خبر نٿي پئي ته ڪي پي ڪي مان يا پنجاب جي وچ وارن علائقن مان ماڻهن جا ڊمبلا اچي رڳو ان ڳالھ تي گڏ ٿيندا هجن ته اهو اڳواڻ واقعي هڪ آزاد ملڪ کي آزادي ڏياريندو يا آزاد ملڪ کي آمريڪا جي غلامي مان جان ڇڏرائيندو؟ اصل ۾ غلامي اها ناهي جنهن جو روڄ راڙو آهي، پر غلامي اها به آهي ته اسان هر شيءِ ۾ پاڻ ڀرا ٿيون، هر شيءِ پاڻ ٺاهيون، پنهنجون صنعتون جوڙيون، پر اسان جي اڳواڻن ڪڏهن ان ڳالھ جو ڪو سُور ناهي پٽيو، انهن ڪڏهن به اها ڳالھ زبان تي ناهي آندي ته ڪو عوام جو به ڀلو ڪيون، پر پوءِ به چريو عوام انهن جي لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعرا ضرور هڻندو آهي ته اهي سياسي علمبردار رڳو خوش ٿين پوءِ پاڻ (عوام) ڀلي وڃي پئي کڏ ۾.

خان واحد اڳواڻ هو جنهن سڀ تجربا ڪري ڏٺا، جنهن لانگ مارچ به ڪيا، جنهن شارٽ مارچ به ڪيا، جنهن نه ڇڏي ڪا پارٽي جنهن سان نه وڙهيو، جنهن نه ڇڏيو ڪو ادارو جنهن سان مهاڏو نه اٽڪايائين، جنهن نه ڇڏيو ڪو مذهبي ٽولو جنهن سان پنهنجي ضد ۽ هوڏ جي ڪري هرو ڀرو ڦڏا نه ڪيائين، پر پنهنجي چيل ڪا ڳالھ به پوري نه ڪري سگهيو. مثال هو چوندو هو ته 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو آڻبي، پر 100 ڏينهن ڇا ساڍا ٽي سال گذري ويس، پر ٿيو ڪجھ به نه. فواد چوڌري چوندو هو ته ڪروڙين نوڪريون ڏيندا، ايتريون جو ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو هتي نوڪريون ڪرڻ ايندا، آءِ ايم ايف وٽان قرض نه کڻندا، آءِ ايم ايف جي غلامي نه ڪندا (پر خان ته ٿوري گھڻي تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي گھٽ وڌ ڳالهائي ڳالهائي پنهنجي سياست خراب ڪري ويهي رهيو، جو ڀت سان مٿو هڻي نٿو سگهجي) ان ڪري هن کي به اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ها ته هي جيڪو چئي ٿو اهو ڪري نه سگهندو، عوام کي رڳو چريي ڪرڻ مان ڪجھ نه ورندو، پر ڳالھ ته ميچوئر سياست جي آهي جنهن سياسي فيصلي جي اونهائي جي خبر نه هجي، جنهن نديءَ جو پاڻي ڪڇيل نه هجي، ان ۾ ٽپو نه ڏجي.

اها ڳالھ چئجي ته عمران خان 9 مئي کانپوءِ 14 مئي وارو الٽيميٽم اهڙي شدت يا پختگيءَ سان ڏنو هو جنهن ۾ عام عوام ته وائڙو هو ته واقعي ئي هي ملڪ ۾ رهي عام ۽ اٻوجھ عوام کي عسڪري ادارن سان ويڙهائيندو يا جيتري شدت سان هي شهباز سرڪار کي للڪاريندو هو جو ماڻهن کي ويساھ ٿي ويندو هو ته هي واقعي ئي ڪجھ ڪندو يا واقعي هن ۾ سياسي دم آهي. ادارا واقعي ئي هن جي ٻڌندا، ڪورٽون هن کي لفٽ پيون ڪرائينديون هيون، اهي ته ٽيبل تي پي ٽي آءِ جو جهنڊو هڻي ويهندا هئا، پي ٽي آءِ جي حمايت ڪرڻ ۾ هنن ڪورٽن ڪنهن به قسم جي ڍر نه ڪئي، انهن کي ڪوبه خوف نه هو ته اهي (ڪورٽون) ڇا پيون ڪن يا هنن ڪورٽن سان ڇا ٿيندو يا مثال انهن ادارن جي ساک داوَ تي لڳي ويندي يا ڪجھ ٻيو. اڳوڻي چيف جسٽس (ثاقب نثار) ۽ هاڻوڪي باغي اعتزاز احسن جي مٿان اهي به الزام هئا ته اهي رياست کي سبوتاز ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هُشي ڏيڻ ۾ برابر جا شريڪ هئا، اهي پاڻ انهن ڳالهين ۾ قانوني دڳ ليڪي ڏنا ته هيئن ڪيو يا هونئن ڪيو. ان ڪري جيترا ڪارڪن، طالبان نما پي ٽي آءِ جا ڪارڪن 9 مئي ۾ ملوث هئا اوترا اهي ماسٽر مائينڊ به آهن، جن ۾ عمران خان پاڻ به شامل آهي. ڀلا خان جي آرام سان گرفتار ٿئي به ها ته ڇا هو؟ هيل تائين ڪهڙا اڳواڻ (سياستدان) آهن جيڪي گرفتار ناهن ٿيا؟ جيڪي ڪنهن ڪيس ۾ ملوث ناهن رهيا، شهباز شريف، مريم نواز، نواز شريف، حمزه شهباز يا پ پ وارن جي ڊگهي لسٽ آهي، جيڪي سڀ جا سڀ ملزم به ته مجرم به، اهي جيل به ويا، پر ڪيسن مان جان ڇڏائي هاڻي وزيراعظم (شهباز شريف) ناهن ڇا؟ پر اها دور انديشي به ڪنهن ۾ هجي ته ڳالھ ڪجي يا ماڻهو (خان) اهو ٿو سمجهي ته هو جناح صاحب وانگي ڪڏهن جيل نه ويندو.

”اپني هي گراتين هين نشيمن پي بجليان“ ان ڳالھ جي پاسداري ناهي ته پي ٽي آءِ ڇو ڊهي؟ ڪير انهن جي پويان هو، هي پنهنجي ڪئي جا پاڻ ذميوار آهن، هنن جيڪي به ڪيو انهن جي پنهنجي ڪئي هئي. پوءِ هاڻي کڻي ماڻهن جون اکيون خان جي مٿان آهن ته اهو هاڻي ڪيڏانهن ويندو يا شاھ محمود قريشي به، مرشدي ۽ مريدي پنهنجي جاءِ تي انهن ماڻهن جو سياست ڪيريئر تباھ آهي، جنهن ڪناري تي بيهاري خان سڀني کي سمنڊ ۾ ڌڪو ڏنو جو سڀ جا سڀ ٻڏي ويا، جيڪي تري ويا انهن استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪي بچيا اهي وري انهن پارٽين ۾ واپس ويندا جتان ويچارا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ ۾ واپس آيا هئا. ان ڪري اها ڳالھ چئي سگهجي ٿي ته پي ٽي آءِ وارن جو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو آهي. هتي ڪنهن پارٽي جي تعريف نٿي ڪجي، پر ڳالھ ايتري به پراڻي ناهي جو جڏهن ساڳي ڳالھ پي ٽي آءِ وارن به ڪئي هئي جو جڏهن ٽي ايل پي وارا ڪنٽرول يا آپي مان نڪري ويا هئا، تڏهن هنن به وري نومبر 2020 ۽ مارچ 2021 ۾ ٽي ايل پي مٿان رياستي طاقت ڪڙڪائي هئي ۽ تصادم واري ماحول جي ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو جان وڃائي ويٺا هئا. هاڻي به ساڳي ڪار هئي، خان پنهنجي دور ۾ ٽي ايل پي وارن کي ڪالعدم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪري نه سگهيو. ٽي ايل پي وارن جي ڳالھ وانگي ته هيءَ دنيا مڪافات عمل آهي، هنن جيئن ڪوڙ بدوڙ هڻي ٽي ايل پي جي مٿان طاقت ڪڙڪائي هئي، تيئن هنن جي مٿان به اهوئي ٿيو، پر هاڻي مڙسي سول نافرماني ناهي، پر ڪيسن مان آجو ٿيڻ آهي.