بلاگنئون

پاڪستان جي فري لانسنگ انڊسٽري ۽ ٻڏندڙ انٽرنيٽ سروس

نديم جوڻيجو

جيئن دنيا جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي تيئن ماڻهن جي لاءِ روزگار جا ذريعا محدود ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت پاڪستان جو نوجوان گهڻو ڪري بيروزگاريءَ جو شڪار نظر اچي ٿو. وقت هميشه هڪ جهڙو نٿو رهي ۽ روزگار جا ذريعا به وقت سان گڏوگڏ تبديل ٿيندا رهن ٿا. هن صديءَ جي سڀني کان وڏي تبديلي انٽرنيٽ جي ذريعي گهر کان هزارين ميل پري ويهي ڪم ڪرڻ ڪنهن به ماڻهوءَ جي لاءِ وڏي نعمت آهي، جيڪو شايد ماضيءَ ۾ ممڪن نه هو. سرڪاري محڪمي ۾ هڪڙو ته روزگار تمام گهٽ آهي ۽ ٻيو ته اتي نوڪري حاصل ڪرڻ جي لاءِ يا ته ڪنهن وڏي سفارش جي ضرورت پوي ٿي يا وري تمام گهڻي اهليت جي ضرورت هجي ٿي ۽ ان کان علاوه اتي نوڪريون وڪامجن به ٿيون جيڪو هڪ غريب ماڻهو خريد ڪري نٿو سگهي. اهڙي صورتحال ۾ نوجوان هن وقت گهر مان ويهي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويٺل ڪاروباري ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ گرافڪ ڊزائينر کان وٺي آرٽيڪل لکڻ ۽ مختلف قسمن جون سروسز فراهم ڪري ڊالر ڪمائي رهيا آهن.  پاڪستان جي فري لانسنگ انڊسٽري، دنيا جي وڌندڙ ڊجيٽل مارڪيٽ سان گڏ، ملڪ جي معيشت لاءِ هڪ اهم حصو بڻجي وئي آهي. 2023 ۾ پاڪستان جي فري لانسرز تقريبن 350 ملين ڊالر آمدني حاصل ڪئي، جڏهن ته مجموعي طور تي، هي شعبو هر سال 1 بلين ڊالر کان وڌيڪ اقتصادي مدد فراهم ڪري ٿو، پر ان جي واڌاري ۾ وڏيون رڪاوٽون، خاص طور تي انٽرنيٽ جي پابندين ۽ پئسن جي ادائگي ۾ پاليسين ۽ قانون سبب پيش ايندڙ رڪاوٽون پاڪستاني جديد مارڪيٽ کي دنيا جي مارڪيٽ سان اڃان ان نموني ڳنڍي نه سگھي آهي جيئن اسان جا پاڙيسري ملڪ ڳنڍيل آھن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان طاقتور ۽ گهڻو معاشي رٽرن ڏيندڙ شعبي کي حڪومت نظر انداز ڇو ڪري رهي آهي. جڏهن ته حڪومتي شعبي ۾ ايتري گنجائش نه آهي جو اها بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيئي سگهي، ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت کي فري لانسنگ ڪم ڪرڻ وارن جي لاءِ اهڙي قانون سازي ڪرڻ کپي جنهن سان انهن جي مدد ٿي سگهي ۽ انهن کي سهولتون فراهم ٿي سگهن ته جيئن اهي گهر ويهي پنهنجي لاءِ ۽ ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن.  پاڪستان جي فري لانسنگ مارڪيٽ ۾ خاص طور تي نوجوان نسل لاءِ روزگار جا بهترين موقعا مھيا ڪرڻ سان گڏوگڏ فري لانسنگ نوجوانن کي پنهنجي وقت ۽ ڪم تي آزادي سان فيصلا ڪرڻ جو موقعو ڏنو آھي جيڪا آزادي اسان جي نوجوانن کي پنھنجين تخليقي صلاحيتن کي وڌيڪ بھتر نموني اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته حڪومت نوجوانن کي انهن ميدانن ۾ مفت تربيت ڏئي تيار ڪري ته جيئن اهي نوجوان ننڍا ننڍا ڪورس ڪري پنهنجو روزگار آن لائين فري لانسنگ جي ذريعي گهر ويٺي حاصل ڪري سگهن، ڇو ته جديد مارڪيٽ اسان جي انھن گھر ويٺل تعليم يافته نياڻين جي ھڪ وڏي کيپ لاءِ به گھر ويٺي پنھنجي علمي قابليت مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو شاندار موقعو فراهم ڪري ٿي. جيڪي اسان جون نوجوان نياڻيون گھريلو مصروفيت سبب روايتي نوڪري نٿيون ڪري سگهن اهي فري لانسنگ جي ذريعي سٺو روزگار گهر ويٺي حاصل ڪري گهن ٿيون ۽ پنهنجي مرضي سان پنهنجي سهولت آهر پنهنجو وقت ڪڍي ڪم ڪري معاشي طور تي مضبوط ٿي پنهنجو پاڻ کي هن سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم کان بچائي سگهن ٿيون. ڇو ته عورت جو معاشي طور تي طاقتور هجڻ ئي عورت کي معاشري ۾ مان ۽ مرتبو عطا ڪري ٿو. فري لانسنگ ڪم ڪندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي آمدني مقامي روايتي مارڪيٽ کي به ساراھ جوڳي ھٿي ڏني آھي، ڇو ته ڪمايل ناڻو آخرڪار مقامي مارڪيٽ ۾ وري اچي ٿو، خرچ ٿئي ٿو ۽ اهو مستقل حرڪت ۾ رهي ٿو، جنهن سان پوري مارڪيٽ کي واڌ ۽ ويجهه ۾ هٿي ملي ٿي ۽ معيشت مضبوط ٿئي ٿي. سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته فري لانسنگ وارو پاسو معيشت جو اهو پاسو آهي جنهن ۾ حڪومت جي ڪابه سيڙپڪاري ٿيل ناهي، اهو سڄو معاشي نظام فردن جي پنهنجي محنت تي بيٺل آهي، ان کي صرف حڪومتي پٺڀرائي جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اعتماد سان هو ڪم ڪري ناڻو پنهنجن اڪائونٽن ۾ پنهنجي ملڪي بينڪن جي ذريعي گهرائي سگهن، ان جي لاءِ اسان کي پي پال جهڙا اڪائونٽ هتي کولڻ جي لاءِ ايگريمينٽ ڪرڻا پوندا ته جيئن فري لانسنگ جو بزنس وڌي ويجهي سگهي.

فري لانسنگ انڊسٽري جا چئلينجز:

 (1) انٽرنيٽ بندش ۽ پابنديون: هن وقت پاڪستان ۾ فري لانسنگ جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سڀني کان وڌيڪ وڏو چئلينج انٽرنيٽ جي پابندين ۽ بندشن جو آهي. ان کان علاوه وي پي اين جي استعمال سبب فري لانسر بين الاقوامي مارڪيٽ مان ملندڙ ڪم وقت سر مڪمل نه ٿيڻ ۽ خرچ ۾ اضافي سبب پنهنجي ساک وڃائي رهيا آهن، جنهن سبب کين ڪم ملڻ ۾ نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ان جو سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح نقصان ملڪ کي به پهچي رهيو آهي. ان جي لاءِ اسان جي حڪمرانن کي هڪدم بهتر پاليسيون ٺاهي نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جي معيشت ۾ فري لانسنگ واري مارڪيٽ بهتر کان بهتر طور وڌي ويجهي سگهي.  گلوبل ادائگي جي فعال سرشتي جو فقدان به فري لانسرن لاءِ پنھنجي محنت عيوض ملندڙ معاوضي ۾ حاصلات پڻ ھن ملڪ جي مدي خارج بينڪنگ سرشتي سبب بدحالي جو شڪار آھي. پي پال جهڙا ادائگي جا طريقا پاڪستان ۾ موجود نه هجڻ سبب فري لانسرن کي ڪنھن دلال يا سيلز ايجنٽ معرفت ڪم ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو سندن آمدني گهٽائي ڇڏي ٿو. حيرت جي ڳالھ آهي ته دنيا تي حڪمراني ڪندڙ جديد مارڪيٽ جي ٽيڪنالاجين جي اڪثر شعبن ۾ ملڪ جون ئي يونيورسٽيون ضروري مهارتون، جهڙوڪ: ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ڊيٽا سائنس ۽ يو آءِ/يو ايڪس ڊزائين، مهيا نٿيون ڪن.

حل ۽ تجويزون:

فري لانسنگ شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ حڪومت ۽ اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. انٽرنيٽ سروسز کي بهتر ڪرڻو پوندو، انٽرنيٽ پابندين کي ختم ڪرڻ سان فري لانسرز جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو.

(2) عالمي ادائگي سسٽمز تائين رسائي:

پي پال ۽ ٻين ادائگين طريقن جو نفاذ: حڪومت کي عالمي ادائگي جي سهولتن کي پاڪستان ۾ آڻڻ لاءِ اثرائتيون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن.

(3) ڊيجيٽل مهارتن جي تعليم:

نوجوانن لاءِ تربيت: خاص پروگرام ۽ آن لائين ڪورسن ذريعي ڊجيٽل مهارتن کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن نوجوانن جي مقابلي جي صلاحيت وڌي ويجهي سگهي.

پاڪستان جي فري لانسنگ انڊسٽري ۾ واڌ ويجهه جا تمام گهڻا موقعا ۽ امڪان موجود آهن، جيڪي صحيح پاليسين، حڪومتي پٺڀرائي، انفرااسٽرڪچر ۽ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي سان وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿا. فري لانسنگ نه صرف روزگار جا موقعا پيدا ڪري ٿي، پر معيشت ۾ پڻ وڏو حصو وجهي ٿي. حڪومت ۽ اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن هي شعبو نه صرف مقامي سطح تي، پر عالمي مارڪيٽ ۾ به پاڪستان جي سڃاڻپ کي مضبوط ڪري سگهي.

***