پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ وفاقي ملڪ ۾ جڏهن چند اڪايون گڏجي حڪومت ٺاهينديون آهن ته ان جي وچ ۾ آئين ئي اهو دستاويز هوندو آهي جيڪو کين صدين تائين گڏجي کڻي هلندو آهي ۽ سندن وچ ۾ ٿيل جهيڙن کي نبيريندو آهي. پاڪستان به هڪ وفاقي رياست آهي عوام جي اڪثريت کي شايد پاڪستان جي آئين جي اهميت جو احساس نه هجي، ان جو وڏو سبب تعليم جو فقدان هجڻ ٿي سگهي ٿو، پر پڙهيو لکيو دانشور طبقو متفق آهي ته ڪوبه ملڪ سواءِ آئيني نظام جي هلائي نٿو سگهجي. آئين ۾ رياست ۽ عوام جا حق ۽ ذميداريون طئي ٿيل تحريري طور تي درج هوندا آهن. جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ان ڳالهه تي رضامندي جو اظهار ٿيل هوندو آهي ۽ آئين جو انحراف ڪنهن به اداري يا شخص جي لاءِ وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کي آئين ۾ درج ٿيل سزائون ڏنيون وينديون آهن، پر اها بدقسمتي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٺهيل وقتي آئين پڻ آمرن طرفان ٽوڙيا ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته 1971ع ۾ ملڪ جا ٻه حصا ٿي ويا. موجوده پاڪستان جي قومي اسيمبلي 1973ع وارو آئين ڏنو. هن وقت پنهنجو ملڪ 1973ع واري متفقه آئين تحت هلي رهيو آهي، جنهن کي به 1977ع ۾ آمر طرفان معطل ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ان ۾ ڪافي تبديليون پڻ ڪيون ويون هيون جنهن آئين جي اصل شڪل بگاڙي ڇڏي هئي، پر هن وقت ملڪ ۾ جهڙي تهڙي جمهوريت جيڪا 2008ع کانپوءِ تسلسل سان اڄ تائين هلي رهي آهي ۽ اميد ڪريون ٿا ته هلندي رهندي، ان جمهوري حڪومت متفقه ارڙهين ترميم آندي. آئين ۾ ارڙهين ترميم ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو آئين هڪ دفعو ٻيهر بهتر انداز ۾ ملڪ جي نظام هلائڻ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي رهيو آهي.
آئين واضح ڪري ٿو ته ان ۾ تبديلي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ڪو آئيني مونجهارو پيدا ٿئي ٿو ته ان جو حل به پاڪستان جو آئين ڏئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان گذريل 16 سالن کان آئين جي افاديت محسوس ڪري رهيا آهيون. اهو چوڻ بلڪل غلط نه ٿيندو ته انهن سورنهن سالن ۾ ڪوبه عمل اهڙو نه ٿيو آهي جنهن کي غير آئيني چئجي. پوءِ خبر ناهي ڇو هن وقت خود ساخته دانشور، نالي چڙهيا صحافي ۽ سياست جي الف ب کان اڻواقف پاڻ کي سياستدان چوندڙ، قومي حڪومت جو بي سرو راڳ ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟ پاڪستان جي آئين ۾ قومي حڪومت جو ڪوبه تصور موجود نه آهي. خبر ناهي ته اها راڳڻي ڪنهن جي چوڻ تي ڳائڻ شروع ڪئي وئي آهي؟ يقينن اسان وٽ جمهوريت جو آئيڊيل نظام نه هلي رهيو آهي، پر نظر ته ايئن ٿو اچي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي آئين مطابق ٿي رهيو آهي. چونڊون هجن، حڪومتي ڪاروهنوار هجي، عدالتون هجن يا آئين ۾ ترميمون ڪرڻيون هجن اهي پڻ ملڪ ۾ موجود آئيني دستاويز جي پٽاندڙ ٿي رهيون آهن. هاڻ جڏهن هي ڪجهه ماڻهو قومي حڪومت جو راڳ ڳائڻ شروع ڪن ٿا ته اهو نٿا ٻڌائين ته ملڪ جي آئين جي ڪهڙي شق مطابق ڪهڙي آرٽيڪل مطابق قومي حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي؟ بس ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آءِ کي پاڻ سان شامل ڪيو، جي نه ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ بدامني جو مثال ڏجي ته سڀ کان وڌيڪ پرتشدد ڪارروايون خيبر پختوانخواهه صوبي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ڪُرم ۾ 150 جي لڳ ڀڳ معصوم انسانن جو قتل ان جو وڏو مثال آهي ته پوءِ اتي جي حڪومت جيڪا گذريل 11 سالن کان پي ٽي آءِ جي آهي اها ته ناڪام وئي آهي. ٻئي پاسي ملڪ ۾ موجود صوبائي يا وفاقي حڪومت تي نظر ڪجي ته اسان کي انهن جي ڪارڪردگي بهتر نظر اچي رهي آهي، ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي ۽ بظاهر انهن علائقن ۾ سياسي عدم استحڪام نظر نٿو اچي. ننڍا وڏا احتجاج ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، ڇو ته جمهوريت جو حُسن ئي احتجاج ۾ آهي. هاڻي جيڪڏهن هڪ غير آئيني قومي حڪومت قائم ڪئي به وڃي ته ڇا اهي دانشور، صحافي ۽ خود ساخته سياستدان يقين ڏياريندا ته ملڪ ۾ موجود انتشار ختم ٿيندو؟ خيبر پختونخواهه ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروايون رڪجي وينديون؟ جواب آهي نه. بس اهي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح باني پي ٽي آءِ جي عشق ۾ مبتلا آهن، چاهين ٿا ته باني پي ٽي آءِ جي مرضيءَ مطابق فيصلا ٿين، ان کي آزاد ڪيو وڃي ۽ کيس وزيراعظم بڻايو وڃي، سندن مطابق پاڪستان جو مستقبل باني پي ٽي آءِ کانسواءِ روشن نه هوندو، پر ائين آهي ڪونه. پي ٽي آءِ جي چار سالا قومي حڪومت ۽ خيبر پختونخواهه ۾ رهندڙ 11 سالا صوبائي حڪومت ڪهڙي بهتري آندي آهي ان تي لکڻ اجايو آهي. هن منصوبي ۾ اهو نظر اچي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي پيپلزپارٽي پڻ شامل آهي، جيڪو سچ آهي ته انتهائي افسوسناڪ هوندو! ڇو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪا روشن خيال، آئين پسند سياسي جماعت آهي ته ان ۾ سڀ کان پهريون نمبر پيپلزپارٽي جو آهي.
اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان جا خود ساخته دانشور جيڪي آمرانه دور جي پيداوار آهن، آئين کان کين ڪاوڙ محسوس ٿئي ٿي، ان ڪري هن وقت به چاهين ٿا ته بجاءِ آئيني ڪم ٿيڻ جي ڪو غير آئيني ڪم ٿئي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙن ماڻهن جو مفاد ان ۾ ئي هجي، پر 16 سالن کان رهندڙ آئين جي هيٺ هلندڙ نظام کي مضبوط آئين ئي ڪندو نه ڪي غير آئيني قدم. اها ڳالهه ملڪ جي سڀني دانشورن ۽ ڀاڱي ڀائيوار ڌرين کي سمجهڻ گهرجي، آئين مطابق هلڻ ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جو فائدو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ قومي حڪومت جي ڪابه گنجائش نه آهي.