بلاگنئون

حميد سنڌي: بحيثيت ڪهاڻيڪار

حميد سنڌيءَ جو جنم 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهروفيروز جي شهر ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس نالو عبدالحميد رکيو ويو. هن لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ ٻين شهرن مان تعليم حاصل ڪئي، بي. اي ۽ ايم. اي اڪنامڪس ۾ ڪرڻ بعد مانچسٽر برطانيا مان ”هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن“ جو ڪورس مڪمل ڪيائين، واپس اچي 1960ع کان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ بئنڪ جي نوڪريءَ ۾ گھڙيو پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1970ع کا ڪم شروع ڪيائين ۽ مختلف وڏن عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين جيئن سنڌ الاجيءَ جو ڊائريڪٽر، تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال، ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽيءَ ۽ خيرپور يونيورسٽيءَ جو وائس چانسيلر رهيو ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين رهيو، 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين. انتظامي طور سندس ڪم جي اهميت کي واکاڻيو ويو آهي هر هنڌ سٺي ناماچاري رهيس. هو بنيادي طور کلمک، ملنسار، هڏ ڏوکي، هرهڪ کي ڪم ايندڙ ۽ عام توڻي خاص هر هڪ سان قربائتو هو. سندس لکڻ جو محرڪ بنيادي طور ڪهاڻيءَ جي ميدان رهيو، پر هن مضمون ۽ مقالا به کوڙ لکيا ته بحيثيت ايڊيٽر ”روح رهاڻ“ رسالي جي معرفت پڻ سنڌي ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪيائين.

حميد سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1958ع کان ڪئي ۽ وفات 3 جنوري 2020ع تائين هو ادب جو سرگرمِ عمل شخص رهيو، هر آچر تي سندس گھر ۾ ادبي محفل ”بزمِ روح رهاڻ“ رچندي هئي، جنهن ۾ اديب ۽ عالم شريڪ ٿيندا هئا ۽ کين مڃتا ڏني ويندي هئي، جا محفل سندن فوت ٿيڻ کان اڳ پڻ آچر تي منعقد ٿي هئي. هُو لکڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو هو. آخر ۾ هٿ ڏڪندا هئس، هٿن جي لڏڻ سبب لکي نه سگھندو هو، پر ٻين کي لکرائيندو هو جنهن ۾ ڪاوش ۾ ڇپيل “داستان- حيات قصه مختصر” ڪالم شامل آهن. 2019ع جي ڊسمبر ۾ سندن مقالن جو ڪتاب ناري پبليڪيشن شايع ڪيو. ”سنڌ جا سونهان: شاھ-سچل“ جو سندن لطيفي ۽ سچل ڪانفرنسن جي اٺن مقالن تي مشتمل آهي جيڪي انهن ڪانفرنسن ۾ هُن پاڻ پڙهيا هئا، هنن مقالن ۾ هن شاھ لطيف ۽ سچل سائينءَ بابت نون رُخن سان روشني وڌي آهي. هيءُ ڪتاب حميد صاحب جي زندگيءَ ۾ سندن آخري ڇپيل ڪتاب آهي. ان کان سواءِ سندن 8 ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ هڪ سچل بابت مقالن جو ڪتاب ”آري اچن شال“ ڇپيل آهن ۽ هڪ ڪتاب حميد صاحب جي فن ۽ شخصيت بابت ”حميد سنڌي هڪ اڻ ٿڪ انسان“ (اينٿالاجي) سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2017ع ۾ شايع ٿيو آهي جنهن ۾ حميد سنڌيءَ جي شخصيت ۽ فن بابت مضمون آهن ته سندس جا لکيل مهاڳ، مقدما، تقريرون ۽ ٻيون تحريرون شامل آهن. وڇڙي ويل اهم شخصيتن بابت حميد سنڌيءَ جا لکيل تعزيت ناما ۽ مختلف وقتن تي کانئس ورتل انٽرويوز هن 528 صفحن جي اينٿالاجيءَ ۾ شامل آهن.

بحيثيت ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جا ڪتاب هن ريت آهن، ”سيمي“ 1958ع، ”اُداس واديون“ 1965ع، ”ويريون“ 1981ع، ”راڻا جي رجپوت“ 1984ع، ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ 1996ع، ”درد ونديءَ جو ديس“ 2002ع، ”سو مون سڀ ڄمار“ 2007ع ۽ ”سوني زنجير“ (جاپاني لوڪ ڪهاڻيون ترجمو) آهن. ”سيمي“ حميد صاحب جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو زندگي پبليڪيشن پاران 1958ع ۾ شايع ٿيو. ”اداس واديون“ ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ يارنهن ڪهاڻيون ”ڪارو رت“، ”يادن جي جزيري ۾“، ”هڪ خواب هڪ حقيقت“، ”واچوڙن ۾ لاٽ“، ”اداس واديون“، ”سمنڊ ۽ مان“، ”منهنجي دنيا مرگھ ترشنا“، ”ٽڪي ۾ ٻاٽي“ ۽ ”رانديڪو“ آهن. جن ۾ سنڌي سماج جي ڪيترين حقيقتن تان پردو کنيل آهي. ترتيب مطابق هيءُ حميد سنڌيءَ جو ٻيو نمبر ڪتاب آهي. ”ويريون“ ڪهاڻين جو ڪتاب 1981ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1995ع ۾ شايع ٿيو. انتساب بيگم زينت عبدالله چنا جي نالي آهي ڪتاب ۾ خواجه سليم احمد، مهتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، نور گهلو ۽ غلام محمد لاکو، ڪهاڻيڪار ۽ سندس فن بابت لکيو آهي. ويريون ۾ ڪل 14 ڪهاڻيون آهن ”ويريون“، ”ڌوپار“، ”روشن اوندهه“، ”جهيڻي“، ”ست پٽيتي“، ”جنت“، ”احساس جي منزل“، ”ڀري پيو ڀنڀور“، ”ٽڪنڊو“، ”پيار جي ريکا“، ”دربان“، ”هڪ هرڻي جي ڳالهه“، ”سونهن ۽ سوڀيا“ ۽ ”ٺوٺ ڌرتي“ آهن. ”ويريون“ اڪيڊمي اديبيات، رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌ الاجي طرفان ايوارڊ يافته ڪهاڻين جو مجموعو شمار ٿيو. ”راڻا جي رجپوت“ 1984ع ۾ سندن قائم ڪيل اداري زندگي پبليڪيشن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو عنوان شاھ عبداللطيف جي رسالي جي سر مومل راڻو جي وائيءَ مان ورتل آهي. نيشنل بُڪ فائونڊيشن ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران انعام يافته هن ڪهاڻين جي مجموعي جا ٻه اکر علي احمد بروهيءَ ۽ نوان ٻه اکر ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيا آهن.

هن ڪتاب ۾ ڪل 14 ڪهاڻيون آهن جي ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ ”نئون نياپو“ ”ناري مئگزين“، ”ٽه ماهي مهراڻ“، ”ماهوار لطيف“ ۽ ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿيل آهن. 14 ڪهاڻين ۾ (”جي قيام مڙن“ ويريون جي پڌرائيءَ تي پڙهيل آتم ڪهاڻيءَ جو باب آهي.) باقي ڪهاڻين ۾، ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“، ”گولا جي گولن جا“، ”بابا منهنجو چوزو“، ”خانو چور نه آهي“، ”راڻا جي رجپوت“، ”ڪنچن ڪايا“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”واٽهڙوڪو واٽ منجھي“، ”هڪ ٻيو عام ماڻهو“، ”پاڙي ناھ پروڙ“ (انعام يافته ڪهاڻي)، ”هڪ پراڻي ڪهاڻي“، ”آخري ڳولا“، ”زندگي بڻجي نه شل سسئيءَ جا سور“ آهن. ليکڪ ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين ڪهاڻيءَ جي دکدائڪ سچي واقعي جو عيني شاهد هو ۽ هن حقيقت کي ڪهاڻيءَ جو روپ وڻندڙ ڏنو اٿس، عورت ذات جي سچي محبت جي جذبي کي مڃتا ڏيندي لکي ٿو ته، ”شايد ئي توهان کي ٻڌائي سگھان ته قرب جا ناتا ڪيئن جڙن ٿا، لکيي جا ليکا ڪيئن ڊهن ٿا، هٿ جون لڪيرون ڪيئن ٺهن ٿيون، مَنَ جا ڪونئرا پکي ڪيئن کنڀڙا ٿيون کوهي دم وڃائي ساھ ڏين ٿا، ڇاڪاڻ مٺڙا ماڻهو هيئن ڏوجھرا ڏسن ٿا، حالون بي حال ٿين ٿا، ايئن ڪڏهن سوچيو به نه هئم.“ ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ ڪتاب 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو شايع ڪيو، جنهن ۾ ڪل سورنهن ڪهاڻيون آهن. ”ريب فريب-زندگيءَ جا“، ”چُڪ“، ”وڏو ماڻهو“، ”مٺوءَ جون ڪهاڻيون“، ”خانو چور نه آهي“، ”ڪُڇان ته ڪوڪ ٿيئي“، ”جور ڪير ساڌ ڪير“، ”تنهنجو سفر منهنجو سفر“، ”اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهيا“، ”زوراور“، ”زبرو ڌڪ“، ”چوري ساڻ چس“، ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا“، ”پرديسي پکيئڙا“، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ آهن. سواءِ ”خانو چور نه آهي“ جي ٻيون سڀ نيون ڪهاڻيون آهن.

”سو مون سڀ ڄمار“ حميد صاحب جي ڪهاڻين جو ڪتاب سيپٽمبر 2007ع ۾ زندگي پبليڪيشن شايع ڪيو. هن ڪتاب جي شروع ۾ سنڌ جي اهم شخصيتن جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا، آغا سليم، ماهتاب محبوب، غلام رباني آگرو، ج.ع منگهاڻي، پروفيسر اعجازقريشي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا ليک آهن. آغا سليم کيس، ”حقيقت شناس ۽ حقيقت نگار ڪهاڻيڪار سڏيو آهي“ ته ج.ع منگهاڻي لکي ٿي ته، ”ڪير مون کان پڇي ته حميد سنڌيءَ کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪريان ته آئون هن لاءِ لطيف جو هيءُ بيت پڙهنديس هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مَرَڪ.“ هن مجموعي ۾ ڪل 8 ڪهاڻيون، ”سو مون سڀ ڄمار“، ”پليٽ فارم تي پيل پيتي“، ”لڳي لڳي واءُ“، ”مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ“، ”کڙيا کٽڻهار“، ”اکڙيون ميگهه ملار“، ”ڇوٽڪاري جو پيغام“ ۽ چيا اڏامي ويئي“ آهن. ”دردونديءَ جو ديس“ مجموعي ۾ ڪل ڏھ ڪهاڻيون آهن، جي ”زماني جو دستور“، ”بند ڪتاب جو بند باب“، ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾“، ”هيءُ زهر ڪير پيئندو“، ”ڪهڙي مومل ڪهڙو راڻو“، ”پل جو موھ“، ”ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”ڇت ۾ لڳل گولي“، ”رومانس جي خودڪشي“ آهن. هي ڪهاڻيون 1977ع کان 2002ع جي دؤر جون آهن، حميد صاحب جا پيش ڪيل ڪردار سنڌي سماج ڪجهه جابجا موجود ڏسڻ ۾ ايندا، چاهي اهي ڳالهائين يا ماٺ ميٺ ۾ ڪجھ چوڻ جي ڪوشش ڪن سندن ماحول، ريتون، رسمون ۽ رواج کين کولي پڌرو ڪن ٿا. راڻا جي رجپوت جو ناچو نينگر گلاب جنهن جي نازن تي وڏيرا مست آهن هجي يا ”دربان“ جو چاچو علي محمد هجي، ”ويريون“ جو صابرين شمس الدين هجي يا ”ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين“ جي مايوسيءَ ۽ نا اميدي ۾ وڪوڙيل حور هجي ”زوراور“ جو سور سهندڙ مامو هجي يا ”ڪڇان تان ڪوڪ ٿيئي“ جي سهڻي من موهڻي نوران هجي ”زبروڌڪ“ جو ڪُتن جو خفتي حجام هجي يا ”ڌوپار“ جو ارڏوٻار هجي مطلب ته حميد سنڌيءَ ڪردار نگاريءَ جا ڪمال ڏيکاريا آهن ۽ سماج جي مختلف طبقن جي ٻولي پڻ مڪالمن وسيلي محفوظ ڪئي آهي، سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڪرداري ڪهاڻيون شمار ٿين ٿيون. جيئن ”خانو چور نه آهي“، ”راڻا جي رجپوت“، ”زبروڌڪ“ ۽ ٻيون آهن جن جا ڪردار ليکڪ چواڻيءَ ته منهنجا همسفر آهن جيڪي مون کي وهڻ به ته نه پيا ڏين. لکي ٿو ته، ”منهنجا ڪردار نوري آهن يا ناري، پر هنن ٻري ٻاري آهي ۽ منهنجي جياپي جو سهارو آهن. منهنجا ڪردار انهن جوڳيئڙن ۽ ڪاپڙين مثل آهن جن جو ڪردار شاھ صاحب چٽي ڇڏيو آهي.“ (12)

سندس ڪهاڻيون تصوراتي ۽ خيالي نه پر حقيقت پسنديءَ جو مظهر آهن جن مان سنڌي قوم جي مختلف طبقن جي زندگين جي عڪاسي ٿيئي ٿي. حميد صاحب کي سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان حڪومت پاران 23 مارچ 1990ع تي ”تمغهءِ امتياز“ ۽ 1993ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”اعزازِ فضيلت“ مليا آهن. ان کان سواءِ کين اڪيڊمي آف ليٽرز، سنڌالاجي، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، سگا ۽ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. حميد سنڌيءَ ڪُل وقتي ڪهاڻيڪار هو ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو هُن سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ بي مثال خدمت ڪئي، سندس ڪهاڻيون، پلاٽ، منظرنگاري ۽ وڻندڙ موضوعن سان گڏ خاص طور بياني قوت، ٻوليءَ جي سونهن، ڪردارنگاري ۽ سنڌي سماج جي حالتن جو حقيقي عڪس پسائيندڙ سگهاريون ڪهاڻيون آهن جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿيون. سندس وفات 3 جنوري 2020ع تي ٿي. کين سندن اباڻي قبرستان نوشهروفيروز ۾ رکيو ويو آهي. پنهنجي فن معرفت هو هميشه زنده رهندو.