بلاگنئون

سنڌ جي دانشورن ۽ فيصلا سازن کي وقت جو آواز غور سان ٻڌڻو پوندو

دنيا اندر هڪ طاقت مٿان ٻي وڏي طاقت فطري طور ڪم ڪري ٿي، ڄڻ ته هن دنيا کي طاقتون ھلائين ٿيون، اسان وٽ ملازم آفيسر جي طاقت هيٺ هجن ٿا ۽ هر غلط صحيح ڪم ڪرڻ جا پابند ٿين ٿا. ائين هڪ طاقت پير ۽ مُرشد جي آھي جيڪو مذھب کي ھٿيار بڻائي نفسياتي نموني ماڻھن جي اندر ڊپ، خوف جو ماحول پيدا ڪندو آھي، ان کانپوءِ هڪ ٻي طاقت وڏيرو ۽ سردار آهي جيڪو ڌاڙيل ۽ چمچا پالي مُرشد پاران خوف ۾ ورتل عام ماڻھو مٿان راڄ ڪندو آھي. ان کانپوءِ وڏي طاقت حد جو صوبيدار ھجي ٿو جيڪو مرشد ۽ وڏيري سردار جي اڇن ڪارن کي تحفظ مھيا ڪندو آھي جيڪو به جذباتي جوان انھن طاقتن کي ماءِ فوٽ چوندو آھي اھو دنيا ۾ ئي ناھي رھندو، اھڙي ماحول ۾ امن ۽ انصاف جي ڳالھه ڪو چريو ئي ڪري سگھي ٿو. صوبيدار جي مٿان وڏي طاقت وزير آهي جنهن جي حڪم هيٺ هو هر ظلم ڪري ٿو، ڇو ته ان کي خبر آهي ته جيڪڏهن حڪم نه مڃندس ته سڻڀي پوسٽ نه ملي سگهندي. عام وزير مٿان وڏي طاقت وزيراعظم ۽ صدر آهي جيڪو وزير کي هڪ نوڪر وانگر استعمال ڪندو آهي، ڇو ته اهو پارٽيءَ جو پابند هجي ۽ هر ڪم پارٽي اڳواڻ جي چوڻ تي ڪندو آهي.

جڏهن ته سمورين پارٽين کان سپريم ڪورٽ وري وڌيڪ طاقتور هئي جيڪا پارٽين کي اهل يا نااهل ڪرڻ جو ڪم ڪندي هئي ۽ هر ڪنهن کي خوف هوندو هو ته متان چيف جسٽس سوئوموٽو ايڪشن وٺي اسان مٿان ڪا وڏي پابندي نه هڻي. سپريم ڪورٽ مڙني وزيرن ۽ حڪمرانن کي ڪورٽ ۾ گهرائڻ جي پابند هئي ۽ سخت پڇاڻو ڪري پئي سگهي، پر گذريل ڏينهن 26 هين ترميم کانپوءِ ان طاقت کي گهٽائڻ جو سلسلو ٿي چڪو آهي، هن ترميم کان اڳ ڪورٽ وٽ پارليامينٽ کان وڌيڪ اختياري طاقت ھئي، پر ھاڻ وري ان جي ابتڙ صرف ڪجھ نه پر عدليه جا ۽ صوبن جي عوام جا ڪافي اھم اختيار نامناسب طور اقتداري سرڪار جي جوڙيل اسپيشل ڪميٽي ۽ وفاق جي حوالي ڪيا ويا آھن. آئين جي آرٽيڪل 175 اي جي شق 3 ۾ ڪيل ترميم موجب ھاڻ سپريم ڪورٽ جي سڀ کان سينيئر جج کي چيف جسٽس ڪرڻ بدران، اسپيشل پارليامينٽري ڪميٽي ۽ وزيراعظم جي مرضيءَ سان، سڀ کان سينيئر ججن مان ڪنھن به ھڪ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ويندو، يعني حڪومت وٽ ججن کان وڌيڪ طاقت هوندي ۽ جج سرڪار جي ماتحت ڪم ڪندا. سچ ۽ حق جي صدا ھڻڻ تي، عقل جي انڌن جھالت جي نگھبانن، ڪوڙ ۽ دوکي سان ٺڳي جا ٺاھه ٺاھي ملڪ منجھائي ماڻھن کي ذھني ۽ فڪري جسماني طرح غلام بنائيندڙ ڊونو برونو کي باھه ۾ ساڙائيندڙ، الڪندي کي پيرسني ۾ ڪوڙا ھڻائي اکين کان انڌو ڪري ويھاريندڙ، ذڪريا الراضي جو مٿو ڦاڙائيندڙ، ابن رشد تي لعن طعن ۽ ملامت ڪرائيندڙ، گيليلو تي فتوائون مڙھي سزائن جا فرمان جاري ڪندڙ، چارلس ڊارون کي بي ھودن خيالن جو مالڪ ۽ مذھبن جو منڪر قرار ڏيندڙ، شاھه عنايت کي شهيد ڪندڙ، مخدوم بلاول کي گھاڻي پيڙائيندڙ ماڻھن پنھنجي دور ۾ پنھنجي فتح جا نغارا وڄرائي اعلان پئي ڪيا ته حق ۽ سچ جي بلا ٽري وئي، پر تاريخ ان بي عقلي تي وڏا ٽھڪ ڏيئي اڄ به اھا ڳالھه واضح پئي ڪري ته ڪوڙ جي طاقت جي زور تي چڱ مڙسي عارضي رھندي آھي. ساڳي طرح حق ۽ سچ جي سماجي، سياسي ۽ طبقاتي بي اختياري ۽ ڪمزوري سبب شڪست به عارضي ھوندي آهي. هاڻي ڪميٽيءَ وٽ ڪوڙ هڻڻ، پاڻ وڻائڻ ۽ وفاداري ثابت ڪرڻ سان طاقتور نٿو ٿئي، بلڪه دلي طور عوام جي دلين تي حڪمرانيءَ سان طاقت ملندي آهي. پيوٽن سوويت يونين جي نالي ۾ پنھنجي سابقه سوشل شائونسٽ رياست کان لينن جي جوڙيل آئين تحت آزاد ٿيندڙ رياستن کي زوري ھٿيار طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي روسي سلطنت ۾ ٻيھر آڻڻ جا خواب ڏسي رھيو هو، جيتوڻيڪ روس لينن وارو قومن جي حق خود اختياري جي  تاريخي حق کي تسليم ڪندڙ روس ناھي رھيو، بلڪه يوڪرين جي مٿان فوجي چڙھائي توڙي تباھڪاري آڻڻ روسي سوشل شائونسٽ فاشزم جي سڀ کان وڏو ثبوت آھي سڀئي نيون روس کان آزاد ٿيل رياستون روسي جارحيت ۽ قبضي جي خوف ۾ ورتل آھن.

ھن دور جي روسي آدرش ڊڪٽيٽر پيوٽن جي کوپڙيءَ ۾ ڦرندڙ جنوني باد مخوليا آھي جنھن مان بدتھذيبي غير مھذب پڻو ۽ وحشت ايتري عيان ٿي چڪي آھي جو ھزارين لکين سوفستائيءَ به روسي وحشت جي عريانيت جي پرده پوشيءَ لاءِ غير موثر ثابت ٿين. رسول بخش پليجو پنهنجي حياتي ۾ چيو هو ته هاڻ دنيا اندر معاشي تبديلي سبب ننڍن ملڪن کي وڏيون طاقتون پاڻ سان ملائي ڇڏينديون، تنهنڪري ننڍن ملڪن جي نه پر وڏن ملڪن جي ضرورت آهي، انهن ملڪن اندر صوبن يا رياستن کي مڪمل خود مختياري ۽ خود اختياري ملڻ گهرجي، هتي به پاڪستان اندر چوطرف وڏين طاقتن هوندي سنڌ آزاد به ٿي وڃي ته اها پاڻ بچائي نه سگهندي، ان ڪري صوبن کي مڪمل معاشي، سياسي ۽ اختياري خود مختياري ملڻ گهرجي. پاڪستان ايٽمي قوت آهي، بنگلاديش اسان کان تمام گهڻو پري هو وچ ۾ هندستان هو ان باوجود بنگالين سان جيڪو حشر ٿيو، اها اسان سڀني کي خبر آهي، هن وقت سنڌ مڪمل گهيري ۾ آهي وڏا شهر مڪمل ڌارين جي قبضي ۾ آهن جتي اسان جو پير کر نٿو لڳي، اسان گادي واري شهر ۾ بنگالين جيتري به سياسي حيثيت نٿا رکون، ان ڪري اسان کي پهريان پنهنجي شهرن جي مڪمل مالڪي لاءِ اتي سياست ڪرڻي پوندي، ڌارين جي آمد کي روڪڻو پوندو، اسان کي پنهنجي وطن اندر جاگيردار مڪار وطن ۽ وسيلا فروش وڪڻيو ويٺو آهي، سر نٿو کڻڻ ڏي، روز ڌاڙيل ٻچا پيا کنڀين، سياسي طور ڪمزور هجڻ سبب رياست الڳ کنڀي رهي آهي، مذهب جا ٺيڪيدار ڳچي ۾ پيل آهن، گهڻ طرفي گند ۾ ڦاٿل آهيون، اسان کي تمام دور انديش قيادت ۽ پارٽين جي ضرورت آهي جيڪي لکين ڪروڙين ماڻهو گڏ ڪرڻ جي سگهه رکندڙ هجن، پهريان پنهنجي بچاءُ جا سڀ بندوبست ڪريو، پوءِ مڪمل آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ته سڦل ٿيندي، هنن ٻوڏن جي مئل قوم، معاشي طور ڪنگال ماڻهو اوهان جي ڳالھه سمجھندا ئي ڪونه تنهنڪري اچو ته پاڻ ۾ ويهون، سنجيده گفتگو ڪريون، زندگي ۽ موت وارن معاملن تي هوائي ڳالهيون ناهن ڪبيون، جيئن اسان وٽ ٿي رهيو آهي. اچو ته پنهنجي بچاءُ جو مستقل بندوبست ڪرڻ لاءِ وسيع دل. دماغ سان ڳالهيون ڪريون، تنگ نظري اسان کي وڌيڪ نقصان ڏيندي، پليجي جو قول آهي ته ڪمزور ماڻهو دعائن، ڌاڳن، ڦيڻن ۾ پنهنجو علاج ڳوليندو آهي، مضبوط ۽ سائنسي ماڻهو علم، فڪر ۽ بحثن ذريعي همتون، جرئتون، حوصلا گڏ ڪري دشمن جي ڪمزورين تي وار ڪندو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي وڌيڪ سگهه بخشيندو آهي، هتي جيڪو حق ۽ سچ جي ٿو ڳالھه ڪري ان تي گار جي ريھه شروع ٿي  وڃي ٿي.

اسان جي 47ع ۾ ڪيل غلط فيصلن سبب اڄ اسان پنهنجو سڀ ڪجهه ڦرائي خالي بوڇڻ ڪلهي تي کڻيو پيا هلون، پاڪستان ۾ جيڪو به ميلو لڳي ٿو اهو اسان جي غلم ۽ رلي چورائڻ لاءِ لڳي ٿو، اچو ته سڀ گڏ ويهون، پنهنجون انائون، معتبرايون پاسي تي رکي، هڪ جهڙا ٿي ويهون، دلين ۽ دماغن ۾ هڪ ٻئي لاءِ وٿي ۽ همدردي پيدا ڪريون، جي چاهيو ٿا ته مضبوط، مستحڪم ۽ بقادار سنڌ نئين نسل کي ڏيڻي آهي ته اهي ڪهو جون لٺيون هٿن مان ڪڍي گلن جون مالهائون کڻي هڪٻئي جو آڌر ڀاءُ ڪريون ته سنڌ ۽ سنڌي بچندا نه ته تمام وڏو نقصان ٿيندو، اسان کي مڪر کان بچڻ لاءِ عالمي، علائقائي ۽ ريجنل سياسي، معاشي ۽ سماجي اٿل پٿل جو ڳوڙهو اڀياس ڪري پنهنجي لاءِ رستو ڪڍڻو پوندو، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي تمام سٺا ماڻهو پنهنجي سر اڪيلا اڪيلا جستجو ۾ لڳل آهن انهن کي هڪ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪري دشمن تي غلبو حاصل ڪرڻو آهي، تڏهن اسان طاقت جي وسيلي گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهنداسين.