سعودي عرب فلسطين جي مسئلي جو شفاف حل چاهي ٿو: شاهه سلمان
سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو چوڻ آهي ته سعودي عرب فلسطين جي مسئلي جو شفاف ۽ مستقل حل چاهي ٿو. عرب خبر رسائيندڙ اداري مطابق سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفون گفتگو ٿي، جنھن ۾ متحده عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ باهمي لاڳاپن جا معاهدا، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين جي مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عرب ميڊيا موجب آمريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ شاهه سلمان چيو ته سعودي عرب امن لاءِ آمريڪا جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪري ٿو. سعودي بادشاھ وڌيڪ چيو ته سعودي عرب امن اقدامات جي بنياد تي فلسطين جي مسئلي جو شفاف ۽ مستقل حل چاھي ٿو. ياد رهي ته گذريل مهيني عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ باهمي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ امن معاهدو طئي ڪيو ويو هو، جنهن تحت اسرائيل وڌيڪ فلسطيني علائقا ضم نه ڪندو ۽ ٻه طرفي تعلقات لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي روڊ ميپ ٺاهيندا. گذريل ڏينهن اسرائيل کان پهرين ڪمرشل اڏام سعودي عرب جي خصوصي اجازت کانپوءِ سعودي حدن مان ٿيندي آمريڪي ۽ اسرائيلي وفدن کي کڻي ابو ظهبي پهتي هئي ۽ اهو تاريخ ۾ پهريون موقعو هو ڪنهن اسرائيلي طياري باقائده طور تي سعودي فضائي حدن جو استعمال ڪيو. ان کان اڳ سعودي عرب 2018 ۾ ڀارت جي ايئر لائين کي اسرائيل وڃڻ لاءِ پنهنجون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

