بلاگنئون بيباڪ صحافي عبدالڪريم گدائي January 28, 2025 Zahida Abro ڏات قدرت جي طرفان مليل هڪ خاص تحفو هوندو آهي، جن ڏات ڌڻين جي ڪري ڏيهه ۽ علائقو سڃاتو ويندو آهي، اهڙن ڏات ڌڻين ۾ ضلعو جيڪب آباد نمايان رهيو آهي، جنهن ۾ برڪت علي آزاد، عبدالڪريم گدائي، محمد امين خان کوسو، احمد ميان سومرو، قادر بخش “حقير”/ “بشير” سومرو، دلمراد خان کوسو (اول)، دريا خان جکراڻي، عبدالحڪيم شيخ، رشيد احمد لاشاري، ڪالو خان اياز، استاد عبدالطيف مهر، استاد امبرت راءِ، حڪيم قائم الدين، شهيد افضل خان کوسو، سڪندر خان “فدائي” کوسو، جسٽس عبدالرزاق ٿهيم، خدا بخش ناشاد، محمد بخش سومرو وڪيل، مولوي امير علي، فيض بخشاپوري، قمبر بروهي، فتاح عابد، مجاهد محمد اشرف دائودپوٽو، ڊاڪٽر الهورايو خان ڪاڪڙ ۽ ٻيون کوڙ ساريون اهم شخصيتون شامل آهن جن پهنجي ڏات، فن، فڪر ۽ قدر ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. جن جي محنتن ۽ صلاحيتن جي ڪري ضلعي جيڪب آباد جو نالو روشن ٿيو، انهن مان عبدالڪريم گدائي به هڪ هو. سنڌ جي عوامي، انقلابي، رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ٺل جي نالي واري زميندار بهادر خان کوسو جي ڪمدار بجار خان لاشاريءَ جي گهر ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٽي جو نالو والدين بَگَنُ عرف بَگَوُ رکيو. 1906 ۾ سندس والد بجار خان کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي سندس استاد بگن بجائي عبدالڪريم نالو داخل ڪيو، عبدالڪريم گدائيءَ ابتدائي پرائمري تعليم ٺل ۾ حاصل ڪئي. سندس پڙهائي ۾ ماستر وسيترام حيدرآبادي جو وڏو هٿ هو، وڌيڪ تعليم لاءِ ۱۹۱۱ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوري جي شفقت حاصل ٿي ۽ سال ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد ۾ ئي انگريزي ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين ۽ ڇهون درجو پاس ڪيائين. ۱۹۱۸ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو. جنهن جو ڪارڻ هو حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ هو، قاضي علي رضا ايم اي روهڙي واري جي ڪافي محنت ڪرائڻ جي باوجود مئٽرڪ امتحان ۾ پاس ٿي ڪين سگهيو. عبدالڪريم گدائي کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنند رام جي ڪوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي، سال ۱۹۱۹ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ۽ پوءِ ٺل ۾ اچي ۱۹۲۰ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ پوليس جي ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين ته هن کي ڪانسٽيبل طور ننڍو منشي ڀرتي ڪيو ويو. هن ۶ مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي ملازمت ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ عبدالڪريم گدائي ۱۹۲۳ع جي پڇاڙيءَ ۾ ٺل جي زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي فرزند شاهل خان جو ٽيوٽر ٿيو، جتي هن جي ملاقات لطف الله بدوي “جوڳي” شڪارپوري سان ٿي. جيڪو بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. جنهن جي صحبت ۾ گدائي صاحب کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ تخلص “گدائي” چونڊيائين. سندس مشهور نظم “آخر فنا”، ليوڪس پارڪ، مولانا امروٽي، اهي ڏينهن هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيا. بهادر پور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ هن کي ۱۹۲۷ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ نوڪري ملي ۽ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ان نوڪري تان به هٿ ڌوتائين. جنهن جو سبب رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان ڪجهه ڳالهين تي اختلاف هو، جنهن جي ڪري گدائي صاحب ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا موڪل وٺي ٺل آيو ته پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري وڃائي ڇڏي. ان ملازمت دوران قاضي خضر حيات جي والد قاضي عبدالحي قائل سان پڻ گڏ رهڻ ٿيو، جتي گدائي صاحب جي شاعرانه مزاج ۾ واڌارو آيو. انهيءَ کانپوءِ گدائي صاحب ساڳي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو، جيڪو پڻ ٿوري ئي وقت نقصان جي نظر ٿي ويو. عبدالڪريم گدائي ۱۹۳۲ع ۾ خانگي نوڪري ڇڏي تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ڪجهه وقت عريضي نويسي به ڪئي، ٺل ۾ ئي ڪانگريسي برڪت آزاد سان ملاقات ٿي ۽ کيس ڪانگريس ڪاميٽيءَ ٺل جو سيڪريٽري مقرر ڪيو، جنهن دوران انگريزن خلاف ڪيتري ئي شاعري ڪيائين. جا هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار ۽ روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيا، 1932ع کان 1942ع تائين عبدالڪريم گدائي ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو. گدائي صاحب وري ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل ۾ هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن وري ٺل ۾ 27 آگسٽ 1948ع ۾ روزگار لاءِ هوٽل کوليو. جيڪو پڻ نوڪرن جي نظر ٿي ويو، سال ۱۹۴۸ع کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ عوامي شعر لکيائين. پنهنجي ڪجهه ويجهن عزيزن ۾ اڻبڻت ٿيڻ جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو “المجاهد” سنڌ فرنٽيئر گزيٽ ۽ ٻين ڪافي اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. 1952ع ڌارين جيڪب آباد جو هاري ڪاميٽي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ پڻ صبح صادق، صبح سنڌ، انقلاب، امروز ۽ ستارا سنڌ جهڙي اخبارن ۾ بطور ايڊيٽر ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ 1961ع کان مرڻ گهڙي تائين روزاني عبرت جو ضلعي رپوٽر رهيو، سندس انتقال 28 جنوري 1978ع ۾ گهر پراڻي ميونسپلٽي جيڪب آباد ۾ ٿيو، انتقال کان 15 ڏينهن اڳ فالج ٿيو هو، کيس افضل بابا قبرستان ڪوئٽه روڊ برڪت آزاد جي قبر ڀرسان تدفين ڪيو ويو. سال ۱۹۶۰ع ۾ سندس قومي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو ملڻ شروع ٿيس، جيڪو تاحيات جاري رهيو. سال ۱۹۶۵ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو “ساڻيهه جا سور” شايع ٿيو، جنهن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار روپيا انعام مليس. سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا مجموعا: “پيماني تي پيمانو” (۱۹۷۴ع) ۽ “پکڙا ۽ پنهوار” ۱۹۷۵ع ۾ شايع ٿيا. گدائي سنڌ جو انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر هو، هن جي شاعري نوجوانن، مزدورن، هارين، پورهيتن جي حقن لاءِ هئي، پهريان رومانوي شاعري گهڻي ڪئي بعد ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ذريعي مظلومن کي انقلاب لاءِ اتساهيو، هن سنڌي ٻولي کان علاوه اردو ۽ سرائيڪي ۾ به شاعري ڪئي. هڪ سٺو نثر نويس، ڪالم نگار، تاريخدان، ڊراما پبلڪ، ادريه نويس، اداڪار ڳائڻو، سنگيت جو ماهر ۽ بيباڪ صحافي هو. هن جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ 1965ع “خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” نالي سان پڻ لکي. “گدائي” صاحب جي فني زندگي سان وابستگيءَ گهڻي هئي جو هڪ اهم دستاويز “گدائي” صاحب کي اسڪولي زماني کان ڊرامن جو شوق هو، سندس ان شوق جو پورائو ماسٽر امير علي جي ڊراما ڪمپنيءَ ۾ ٿيو، جتي “گدائي” صاحب ڇهه مهينا نوڪري به ڪئي، ان بعد ٺل ۾ هڪ ناٽڪ منڊلي “ٺل ايميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي” جو بنياد وڌائين، ان منڊليءَ جي سهڪار سان ڪيترا هندي ۽ سنڌي ڊراما اسٽيج ٿيا، جهڙوڪ: “بلوا منگل”، “خدا دوست”، ۽ “جلاد عاشق”. اغا حشر جي اردو ڊرامي “بلوا منگل” جو سنڌي ترجموڪري اسٽيج تي پيش ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ڪوئيٽا، سبي، سکر، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ هن منڊليءَ جي اداڪارن پنهنجي فن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. هو هڪ ئي وقت تي اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار، گلوڪار ۽ شاعر هو. گيٽ اپ ۽ ميڪ اپ جو به ماهر هو. دل ٿي چئي آڳ لڳايان، گهٽ وڌ جو هي فرق مٽايان. سارو هي مانڊاڻ جلايان، ڇيڙي ديپڪ راڳ، الا او پنهنجو پنجهو ڀاڳ. مٿي گدائي صاحب جو مختصر خاڪو ڏيڻ بعد سندس صحافتي زندگي تي مختصر قلم کڻجي ٿي ته وٽس لفظن جا انبار هئا، خبر لکڻ کان علاوه، اخبارن جي ڪالمن، فيچرن (سنجيده ۽ مزاحيه) ۽ اداريو لکڻ جو چڱو ڏانء رکي پيو. 1946ع “ هفتيوار “مجاهد” جيڪا محمد اشرف دائودپوٽو جي ادارت ۾ ٺل کان نڪرڻ شروع ٿي، تنهن ۾ گدائي صاحب بطور ايڊيٽر رهيو. 1951ع ۾ برڪت علي آزاد پنهجي اخبار “صبح سنڌ” ۾ هارين جي تحريڪ ۾ جان وجهڻ لاءِ مئنيجر ۽ سب ايڊيٽر ڪري ٿيو، گدائي جي هارين جي حقن لاءِ لکڻين، گيتن ۽ انقلابي نظمن جي ڪري پوري سنڌ ۾ مشهوري ماڻي، 25 لک هارين جي ترجمان بڻجي هئي. هفتيوار “اتحاد” شروع ته 1933ع کان ٿي پر 58-1957ع ۾ گدائي صاحب انتظامات سنڀاريا ته پنهنجي فڪر ۽ تحرير ان ٻارڻ ٻاريو. اپريل 1955 فرنٽيئر گزيٽ اخبار /پاڪستان پرنٽنگ پريسن مان پڌري ٿي ته گدائي صاحب پڻ ايڊيٽر مقرر ٿيو، اخبار جو مئنيجر مٺو مل هو، پر گدائي جو ادبي ۽ تعليمي مواد ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ هندن جا مسئلا اجاگر سان سنڌ کان ٻاهر اخبار کي مقبوليت جا ملي، 1957 ۾ گدائي اخبار ڇڏي ته اخبار بند ٿي وئي. 1957ع ۾ هفتيوار “امروز” شاعر بخاري شايع ڪئي ته اسٽاف ۾ گدائي صاحب نمايان هو، 15 سيپٽمبر 1965ع کان روز نامه “جهاد” غالب لطيف ۽ گدائي گڏجي شايع ڪئي گدائي ۽ غالب لطيف لکڻين ۽ ڪالمن جي ڪري مشهور ٿي. 1968ع غالب لطيف جي هفتيوار اخبار “سارنگ” شروع ٿي ته هن اخبار جو ايڊيٽر عبدالڪريم گدائي مقرر ٿيو ۽ گدائي صاحب جي لکڻين جي ڪري ڪافي مقبول ٿي. 61-1965ع ۾ روزانه عبرت جو ضلعي رپوٽر مقرر ٿيو جو آخري دم تائين 28 جنوري 1978 واڳيل رهيو. صحافت جيئن ته معاشري جي مڙئي علمن، هنرن، حرفتن ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ مسئلن جهڙوڪ: اقتصادي، سماجي، سياسي، انساني حقن جي لتاڙ (اڻ برابري) بنيادي حقن وغيره وغيره جي ترجمان آهي ۽ انهن جا پڻ حل ڪرڻ به صحافت جو جُز آهي. “گدائي” صاحب جي اڻٿڪ ڪوششن سان جيڪب آباد ۾ ۷۱-۱۹۷۰ع ڌاري “ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس” جو بنياد وڌو هو ۽ ڀڄ ڊڪ ڪري عمارت ورتائين ۽ پريس ڪلب جوڙيائين سندس هن ڪم ۾ مرحوم غالب لطيف قريشي جو ڀرپور ساٿ هو. عبدالڪريم گدائي هڪ بيباڪ صحافي ۽ نثرنويس هو، هو اخبار جو اداريو “ايڊيٽوريل”، ڪالم ۽ فيچر لکڻ ۾ پڻ مهارت رکندو هو. گدائي بطور ادريه نويس/ ايڊيٽر اهڙا فڪري ۽ سنجيده اداريه لکيائين جو عوام ان تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿي پئي. جديد خيالن جي اپٽار ۽ مستقبل تي نظر سندن لکيل ادارين ۾ نظر ايندي، قومي ۽ عوامي محبت ۾ ڪيترائي مضامين لکيائين هيٺ قومي سجاڳي جي سلسلي ۾ هڪ ايڊيٽوريل جو اقتباس پيش ڪجي ٿو. “فولاد جي ديوار” “هڪ طرف پاڪستاني فوجي نوجوان سرفروشن جي اها ناقابل فراموش جرئت ۽ سرفورشي قابل فخر آهي ته ٻئي طرف ملڪ جي تاريخ جي هن اهم ۽ نازڪ موڙ تي اسان جي پاڪستاني قوم به جنهن همت، حوصلي، ايثار ۽ اتحاد جو ثبوت ڏنو آهي، هن نازڪ وقت ۾ پنهنجا سڀئي ذاتي، قبائلي، مذهبي خواهه سياسي باهمي اختلاف وساري، جيڪو تنظيم، اتحاد ۽ يقين محڪم جو ناقابل فراموش ثبوت مهيا ڪيو آهي، اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ به اهڙن نازڪ وقتن تي هڪ روشن مينار جو ڪم ڏيندو. اڄ سموري پاڪستاني قوم بنا ڪنهن ذاتي ڀيد ڀاء، رنگ ۽ نسلي امتياز ۽ بنا ڪنهن به مذهبي ۽ سياسي اختلاف جي، پاڪستان جي “سبز هلالي جهنڊي” کي اُونچو رکڻ لاءِ هڪ مضبوط، فولادي ديوار بڻجي ويئي آهي” “روزانه “جهاد” جيڪب آباد 19 آڪٽوبر 1965ع” گدائي بحيثيت فيچرنگار: جيڪڏهن ڪنهن خبر کي نمايان ڪرڻو هوندو آهي يا ان جو انساني دلچسپي جا خاص پهلو موجود هجن ته ان تي فيچر لکي سگهجي ٿو. گدائي صاحب جيئن ته هڪ مڃيل بيباڪ صحافي ۽ سٺو اديب هو، ان ڪري کيس فيچر لکڻ ۾ ڪا رڪاوٽ محسوس ڪو نه ٿيندي هئي، سندس لکيل فيچرس جي ٻولي سادي، سولي ۽ اسلوب بيان پرڪشش هوندو هو. هن جي ذاتي سوچ، ملاقاتون، واقعا ۽ علائقائي مشغلا سندن فيچرس جا موضوع هوندا هئا، ان ڪري سندس لکيل فيچرن ۾ تحقيق ۽ تجربي سان گڏ انساني نفسياتي پهلو ۽ تواريخي تجزيا پڻ نظر ايندا. جيڪب آباد شهر ۾ ٿيندڙ سئو ساله جشن جي تواريخي حيثيت، ان جي فني ۽ تجارتي پهلوئن تي بحث سان گڏ، جاگرافيائي، ادبي ۽ ثقافتي افاديت تي گدائي صاحب جو فيچر هر سال روزاني اخبارن سووينر ۽ مئگزين جي زينت بڻبا هئا. ان کانسواءِ ڏياري جو ڏڻ، انگريزن جي صاحبي جا ڏينهن، جيڪب آباد جي تواريخي حيثيت متعلق ڪيترائي فيچر/مضمون تي اچي چڪا آهن، انهن فيچرن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، جو سندس خيالات ۾ هر دفعي نئين تحقيق نون خيالان ۽ نون الفاظن جا انبار نظر ايندو، ساڳئي تقريبن جي نون پهلوئن کي تلاش ڪري انهن کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جو کيس ڏانءُ هو. سندس ليکل فيچرس ۾ هر قسم جا موضوع شامل آهن، انهن ۾ يادگار مضمون، “شخصيتي مضمون” “تحقيقي ۽ تجرباتي مضمون” “تاريخي مضمون” شامل ڪري سگهجن ٿا. گدائي صاحب اهڙا ڪيترائي فيچر لکيا. جهڙوڪ: جيڪب آباد جو تاريخي وڪٽوريا ٽاور، اسپيشل مائونٽنگ فورس، جنرل جان جيڪب، جيڪب آباد جا ماضي جا ڳائڻا، جيڪب آباد جا شاعر ۽ اديب، جيڪب آباد جي اديبي ۽ ثقافتي اوسر ۽ جيڪب آباد جو هارس ۽ ڪيٽل شو، صحافتي اوسر ۽ پريس جي تاريخ، خانڳڙهه جي تاريخ وغيره. نموني طور هڪ فيچر مان ڪجهه حصو هيٺ ڏجي ٿو. “جيڪب آباد ۾ گهوڙن جو ميلو” “هڪ سو ساله تاريخي عوامي تقريب” چيو وڃي ٿو ته سئو ساله تاريخي گهوڙن جي ميلي جي شروعات اڻويهين صدي جي وچ ۾ ڌاري ٿي هئي جنهن جو ذڪر سنڌ جي علائقي جي اي ڊبليو ڪيو گزيٽئر ۾ ملي ٿو، جيڪو سال 1876 ۾ شايع ٿيو. ساڳئي گهوڙن جي ميلي جو ذڪر اي ايڇ ائٽڪن صاحب واري گزيٽئر ۾ پڻ دوبارهه آيل آهي، اهو گزيٽيئر سال 1904ع ۾ مرتب ٿيو هو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن انگريز پهرين پهرين هن علائقي تي قابض ٿيا ته هتي ان وقت بهترين اعلى عربي ۽ ايراني نسل جا گهوڙا هتان جي بلوچ سردارن طرفان پاليا ويندا هئا، جن جي سواري جي ذريعي انهن بهادر بلوچ سردارن جي بهادرن انگريزن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا هئا، چيو ٿو وڃي تي انهن بلوچ بهادرن جي نزديڪ پنهنجي سواري جا گهوڙا وڪڻئڻ عيب سمجيو ويندو هو، پر جڏهن انگريز پنهنجي سياسي چالبازين فريب ڏيڻ ۽ ظلم ۽ ستم سان هن علائقي تي قبضو ڪري ورتو ته کين پنهنجي فوج جي رسالن لاءِ اعلى قسم جي گهوڙن جي ضرورت سختي سان محسوس ٿي، ڇو ته ان وقت انگريزي فوج ۾ نهايت گهٽ درجي جا پسته قد ۽ ڪمزور گهوڙا هئا جي سندن فوجي خدمتون پوريون ڪرڻ لاءِ موزون نه هئا. گدائي هڪ ڪالم نويس: اخبار جي مستقل عنوان کي ڪالم چيو ويندو آهي، جن ۾ مزاحيه، ديني، سائنسي، علمي ۽ ادبي مواد پيش ڪيو ويندو آهي، ان جي ليکڪ کي ڪالم نويس يا ڪالم نگار چيو ويندو آهي، “ڊائري” لکڻ جو رواج هجي يا سياسي “پس منظر” انهن کي “ڪالم” جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. گهڻو ڪري اسانجي ملڪ ۾ اخبار پڙهندڙ جي اڪثريت گهٽ تعليم يافته آهي، ڪالم نويس کي پڙهندڙن جي سوچ کي سامهون رکي لکڻو آهي، جيئن انهن جي زبان سادي ۽ مسئلن کي کولي بيان ڪرڻ به ضروري آهي، گدائي صاحب ڪالم نويسي جو ماهر هو، جن مقامي اخبارن لاءِ گدائي صاحب لکندو هو، تن جي اهميت هوندي هئي. هن جي ڪالمن ۾ صحافتي اصولن پٽاندڙ مضمون ۽ ٽيڪنڪس هونديون هيون، ان ڪري سندس ليکل ڪالم مستقل عنوان بڻجي ڇپيا هئا ۽ پڙهندڙ ڏاڍي شوق سان سندس ڪالم جو انتظار ڪندا هئا. مزاحيه ڪالمن ما هڪ ڪلام جو ڪجهه حصو حاضر آهي. “بم گولن جا ٺڪاءَ” “ڪاوڙ ۾ شاستو جون اکيون پور جي ويون، ڳلن ۾ کڏون پئجي ويس ۽ هوا ۾ ٺونشو لهرائي وٺي زور سان ميز تي هنيائين، نڙي تي زور ڏيئي ايئر مارشل ارجن سنگهه کي چيائين، “بيڪار بلڪل بيڪار آهي، هي تنهنجو هوائي اٽالو، بم گولا اڇلن هڪ هنڌ ٿا ته، اهي ڪرن ٻئي هنڌ ٿا، انهن سان ڪيترا گولا نه بلڪل ڦاڻائي نه آهن، ڀائي ارجن خنڪي سان جواب ڏنو، “ انهي ۾ منهنجي هوائي اٽالي جو ڪهڙو دوش؟ امداد ۾ توهان کي ته مليائي اهڙا هٿيار آهن، انهي تي شاستري ذرا ٺاپرجي ويو”. (روزانه “جھاد” جيڪب آباد 03 آڪٽوبر 1965ع “ ڪتاب سفر زندگيءَ جو، ليکڪ: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ، اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ۳ ۽ ۸۱). اگر بخت بگڙيو سواري ڇڏيوسين، سڄو وقت کلندي گذاري ڇڏيوسين، وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان همدم، وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيوسين. سفر زندگي جو ڪٺن هو “گدائي”. بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين. Post Views: 228