بين الاقوامي مالياتي اداري عالمي بينڪ اها پيشنگوئي ڪئي آهي ته سال 2035 تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو. عالمي بينڪ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ نائب صدر چيو آهي ته پاڪستان 2035 تائين هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. بين الاقوامي مالياتي اداري جي انهيءَ خوشخبري کانپوءِ اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو اهو فرض بڻجي ٿو ته اهي انهيءَ هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسيون جوڙين ته جيئن ملڪ جي سڀني شعبن ۾ ترقي ٿي سگهي. اسان جي وفاقي وزارت خزانه کي لاڳيتو محنت ڪرڻي پوندي جيئن اسان جي معيشت ترقي ڪري ۽ هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت وارو ٽارگيٽ ايترو ڏکيو به ناهي جنهن کي حاصل نه ڪري سگهجي. جڏهن عالمي بينڪ اسان کي ويهه ارب ڊالر قرض جي سهولت ڏني آهي ته انهيءَ مالياتي اداري اسان جي معيشت لاءِ ڪجهه اهم ڳالهيون ڪيون آهن.
عالمي بينڪ اهو چيو آهي ته پاڪستان جا سياسي ۽ حڪومتي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن يعني سياسي استحڪام ملڪ جي اولين ضرورت آهي ۽ بينڪ اهو چيو آهي ته ملڪ پنهنجي وسيلن کي ڊگهي مدت تائين استعمال ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪري ۽ انهن منصوبن جي سرمائيڪاري کي شفاف رکڻ تمام ضروري آهي. انهيءَ صورتحال ۾ جڏهن اسان جي حڪومت مالي شعبي ۾ اصلاحات ڪري ملڪ کي بهتر مالي حالتن ڏانهن وٺي آئي آهي. ملڪ جون مالي حالتون مسئلن جو شڪار آهن، عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ غربت وڌي آهي ۽ سال 2023ع جي وچ ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا آهن. ملڪ اهڙن مالي مسئلن کي منهن ڏيندو ترقي جي راهه ڏانهن هلندو نظر اچي رهيو آهي. اهو صاف نظر اچي ٿو ته اسان جي زرعي ۽ صنعتي معيشت بهتر ٿي رهي آهي. زراعت جي پيداوار ۾ اسين نه صرف پاڻڀرا آهيون، پر اسان زرعي پيداوار جيئن چانور برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمايو آهي. ملڪ جي 64 سيڪڙو آبادي زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. انهيءَ ڪري ان شعبي ۾ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال اسان کي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي طرف وٺي ويندو. هتي اها ڳالهه صاف ڪندا هلون ته اسان جي آباديءَ جي گهڻائي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، جن جو روزگار زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. زراعت جي ترقي ۽ آمدني مان ڳوٺن جي ترقيءَ ٿي سگهي ٿي. ڳوٺن جي ترقيءَ جو مطلب اتي روزگار، تعليم ۽ صحت جون سموريون سهولتون موجود هجڻ گهرجن، جيئن اسين ترقيءَ جا هدف حاص ڪري سگهون. عالمي بينڪ ملڪ جي رٿابندي ڪندڙن کي اهو چيو آهي ته اهي وسيلن جا گهٽ مدت ۽ طويل مدت منصوبا شروع ڪن ۽ اهڙي سرمائيڪاري حاصل ڪئي وڃي جيڪا گهڻو وقت اسان جي منصوبن کي هلائي ۽ اها سرمائيڪاري اسان جي ملڪ ۾ ڊگهي مدت تائين رهندي ته پوءِ سال 2035 تائين پاڪستان جي هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت ٿي وڃڻ ممڪن آهي. عالمي بينڪ سان گڏ ٻيا بين الاقوامي مالياتي ادارا اسان جي تيز ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب اهو ڄاڻائين ٿا ته سياسي مسئلن جي ڪري ۽ حڪومتن جي بار بار تبديل ٿيڻ ۽ مختصر معاشي ترقيءَ جا پروگرام ملڪ جي حقيقي ترقيءَ جي آڏو رڪاوٽ آهن.
اسان کي پنهنجي ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي اڳيان وٺي وڃڻو آهي ته جيئن اسان جو عوام بهتر زندگي گذاري سگهي. عالمي بينڪ جهڙو معتبر مالياتي ادارو جڏهن اسان جي معيشت جي بهتري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي تڏهن اسان جي سرڪار کي انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي، جنهن سان هڪ هزار ارب ڊالر وارو هدف حاصل ٿي سگهي. عالمي بينڪ اهو به چيو آهي ته اهو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي (جي ڊي پي) جي شرح 7 سيڪڙو هجڻ لازمي آهي. موجوده حڪومت جو معاشي بحالي جو پنج سالا پروگرام “اڙان پاڪستان” به عالمي مالياتي ادارن جي نظر ۾ آهي ۽ اهي ادارا انهيءَ پروگرام کي اسان جي معيشت جي واڌ لاءِ ضروري سمجهن ٿا. عالمي بينڪ سان گڏ ٻيا عالمي مالياتي ادارا معاشي اصلاحات تي زور ڏيندا رهن ٿا، جنهن ۾ ٽيڪس جي وصوليءَ سان گڏ زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ مان مڪمل لاڀ حاصل ڪرڻ شامل آهي. اسان جو ملڪ 2035 تائين هڪ هزار راب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو، اها اسان لاءِ هڪ خوشخبري آهي.