شيڪسپيئرين ٽريجڊي اهو ادبي اصطلاح جنهن مان مراد شيڪسپيئر جا لکيل ڊراما آهن جن جي پڄاڻي ڏکائيندڙ هجي… هو ڪامڪ سيريز جي نئين قسط جي تياري ۾ آهي… جيڪي ڪجهه هن جي ذهن ۾ هلي رهيو آهي ان کي اسڪيچ بُڪ تي اتارڻ جي ڪوشش ڪندي کيس شيڪسپيئرين ٽريجڊي جو خيال آيو آهي… هن پينسل اسڪيچ بُڪ ۾ رکي ان کي بند ڪري پريان ويٺل سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر ڏانهن ڏٺو آهي… وارن جي هڪ لٽ سب ايڊيٽر جي سهڻي ملوڪ منهن تي ڪنهن ڪاريهر جيان ڦڻ اڀو ڪيل لڳي آهي هو ليپ ٽاپ جي اسڪرين ۾ ڏسي رهي آهي ۽ وارن جي لٽ کي ڪن پٺيان ڪيو اٿائين. سب ايڊيٽر کي ڏسندي هن کي منيشا ڪوئرالا جي اها معصوميت ياد آئي آهي جيڪا مني رتنم ممبئي فلم ۾ ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو. هن کي انهيءَ فلم جي گاني جي سٽ ياد آئي آهي چاهت هي اگر آڪي مجهه سي مل تو يا پهر ايسا ڪر ڌرتي سي ملا دي مجهه ڪو… هو مني رتنم جي هدايتڪاري ۽ منيشا جي معصوميت بابت سوچڻ لڳو آهي… هو ان تي منجهي پيو آهي ته منيشا ممبئي جي ان سين ۾ وڌيڪ معصوم لڳندي آهي جڏهن ڪاليج کان موٽندي هن جو برقعو هوا جي ڪري مٿي ٿي وڃي ٿو ۽ پريان بيٺل اروند جي نظر هن تي پئي ٿي يا وري “دل سي” جي ان اسٽيشن واري سين ۾ جڏهن طوفان جي ڪري منيشا جي چادر اڏامي وڃي ٿي ۽ شاهه رخ جي نظر هن تي پئي ٿي….!! ان سڀ کان مٿي هن کي مني رتنم جي فلم ٺاهڻ واري ڪرافٽ تي رشڪ ٿيڻ لڳو آهي… هن کي اهو به خيال آيو آهي ته جڏهن به هن پنهنجي ڪامڪ سيريز کي فلمائڻ لاءِ سوچيو ته مني رتنم سان ئي رابطو ڪندو ۽ “دل سي” جي پڄاڻي جيان پنهنجن ٻنهي مک ڪردارن کي بم ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيندو… مک ڪردار جو تباهه برباد ٿي مري وڃڻ ئي حقيقي ٽريجڊي آهي… اها ئي ٽريجڊي جيڪا شيڪسپيئر 16 ۽ 17 صدي ۾ لکي ويو… هيملٽ، مئڪبٿ. اوٿيلو، ڪنگ ليئر، جوليس سيزر ۽ هر ٽريجڊي جي ماءَ روميو اينڊ جوليٽ… هو شيڪسپيئر بابت سوچڻ لڳو آهي، کيس پنهنجي يونيورسٽي جي استاد ميڊم شيلا جو شيڪسپيئر جي حوالي سان چيل جملو ياد آيو آهي: