ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: شيڪسپيئرين ٽريجڊي

شيڪسپيئرين ٽريجڊي اهو ادبي اصطلاح جنهن مان مراد شيڪسپيئر جا لکيل ڊراما آهن جن جي پڄاڻي ڏکائيندڙ هجي… هو ڪامڪ سيريز جي نئين قسط جي تياري ۾ آهي… جيڪي ڪجهه هن جي ذهن ۾ هلي رهيو آهي ان کي اسڪيچ بُڪ تي اتارڻ جي ڪوشش ڪندي کيس شيڪسپيئرين ٽريجڊي جو خيال آيو آهي… هن پينسل اسڪيچ بُڪ ۾ رکي ان کي بند ڪري پريان ويٺل سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر ڏانهن ڏٺو آهي… وارن جي هڪ لٽ سب ايڊيٽر جي سهڻي ملوڪ منهن تي ڪنهن ڪاريهر جيان ڦڻ اڀو ڪيل لڳي آهي هو ليپ ٽاپ جي اسڪرين ۾ ڏسي رهي آهي ۽ وارن جي لٽ کي ڪن پٺيان ڪيو اٿائين. سب ايڊيٽر کي ڏسندي هن کي منيشا ڪوئرالا جي اها معصوميت ياد آئي آهي جيڪا مني رتنم ممبئي فلم ۾ ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو. هن کي انهيءَ فلم جي گاني جي سٽ ياد آئي آهي چاهت هي اگر آڪي مجهه سي مل تو يا پهر ايسا ڪر ڌرتي سي ملا دي مجهه ڪو… هو مني رتنم جي هدايتڪاري ۽ منيشا جي معصوميت بابت سوچڻ لڳو آهي… هو ان تي منجهي پيو آهي ته منيشا ممبئي جي ان سين ۾ وڌيڪ معصوم لڳندي آهي جڏهن ڪاليج کان موٽندي هن جو برقعو هوا جي ڪري مٿي ٿي وڃي ٿو ۽ پريان بيٺل اروند جي نظر هن تي پئي ٿي يا وري “دل سي” جي ان اسٽيشن واري سين ۾ جڏهن طوفان جي ڪري منيشا جي چادر اڏامي وڃي ٿي ۽ شاهه رخ جي نظر هن تي پئي ٿي….!! ان سڀ کان مٿي هن کي مني رتنم جي فلم ٺاهڻ واري ڪرافٽ تي رشڪ ٿيڻ لڳو آهي… هن کي اهو به خيال آيو آهي ته جڏهن به هن پنهنجي ڪامڪ سيريز کي فلمائڻ لاءِ سوچيو ته مني رتنم سان ئي رابطو ڪندو ۽ “دل سي” جي پڄاڻي جيان پنهنجن ٻنهي مک ڪردارن کي بم ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيندو… مک ڪردار جو تباهه برباد ٿي مري وڃڻ ئي حقيقي ٽريجڊي آهي… اها ئي ٽريجڊي جيڪا شيڪسپيئر 16 ۽ 17 صدي ۾ لکي ويو… هيملٽ، مئڪبٿ. اوٿيلو، ڪنگ ليئر، جوليس سيزر ۽ هر ٽريجڊي جي ماءَ روميو اينڊ جوليٽ… هو شيڪسپيئر بابت سوچڻ لڳو آهي، کيس پنهنجي يونيورسٽي جي استاد ميڊم شيلا جو شيڪسپيئر جي حوالي سان چيل جملو ياد آيو آهي:

The greatness of Shakespeare lies in his ability to touch the darkest spots in human soul

جتي انسان کي عظيم سمجهيو ويندو هو… جتي انسان کي ٻين لاءِ قرباني ڏيندڙ ۽ روشن راهه تي هجڻ وارو ڏيکاريو ويندو هو، اتي وري شيڪسپيئر انسان جي اندر ۾ سمايل اونهاين کي ڏيکاريو؛ هن انسان جي اندر طاقت حاصل ڪرڻ جي لالچ کي ڏيکاريو… هن جنسي خواهشن جي تڪميل لاءِ رشتن جي کوکلي هجڻ کي ڏيکاريو… هن کي شيڪسپيئرين ٽريجڊي ان ڪري ئي ياد آئي آهي جو هو به هڪ اهڙي ئي ڪهاڻي ڪامڪ وسيلي ٻڌائڻ گهري ٿو… هو پنهنجي دوست انصاف جي ڪهاڻي ٻڌائڻ گهري ٿو… هن سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر تان نظرون هٽائي اسڪيچ بُڪ کوليو آهي ۽ خالي شيٽ تي هڪ ڀريل جسم واري عورت جنهن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل آهن جو اسڪيچ ٺاهيو اٿائين… هن جي بلڪل سامهون ٻه ٻيا اسڪيچ ٺاهيا اٿائين هڪ ٿلهي اڌ گنجي مرد جو ۽ هن سان گڏ هڪ جوان سهڻي ڇوڪريءَ جو… مرد جي منهن وٽ گول ٺاهي لکيو اٿائين اسان شادي ڪري ڇڏي آهي… جسم ۾ ڀريل عورت ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي ڪمري ڏانهن وئي آهي… ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان عورت جو ساڳئي ڪمري مان لاش مليو آهي… ماءُ جي خودڪشي سبب انصاف پيءُ سان شديد نفرت ڪرڻ لڳو آهي… ان کان وڌيڪ هو ان عورت سان نفرت ڪرڻ لڳو آهي جنهن جي ڪري هن جي ماءَ خودڪشي ڪئي… هن جو هٿ اسڪيچ بُڪ تي تڪڙو تڪڙو هلي رهيو آهي ڄڻ هو تڪڙ ۾ سڄي دنيا کي انصاف جي ڪهاڻي ٻڌائڻ گهري ٿو… هو پنو ورائي ان تي انصاف جو اسڪيچ ٺاهي ٿو هڪ سنهڙو ڇوڪرو جنهن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو آهي ۽ ڪاليج ۾ داخلا جي تياري ڪري رهيو آهي… منهن تي داڻا نڪري رهيا اٿس جيڪي هن جي جواني ڏانهن وک وڌائڻ جي شاهدي ڏئي رهيا آهن… ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي انتظار ۾ انصاف کي هٿ سان پاڻ کي خوش ڪرڻ جي لت لڳي وئي آهي… هو صبح جو پيءُ جي آفيس وڃڻ کانپوءِ اها ڪارروائي ڪندو آهي… جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي دير تائين بيڊ تي بي جان پيو هوندو آهي… گوڏن ۾ سور جو احساس ٿيندو اٿس… ان دوران جڏهن هو اکيون بند ڪندو آهي ته هن جي سامهون سندس ماءَ اچي ويندي آهي… جيڪا کيس هئملٽ جي پيءُ جيان چوندي آهي ان ڏائڻ کان منهنجو بدلو وٺجان، هن جي انهن اکين کي چٿي ڇڏجانءِ جن تنهنجي ماءَ جو حق کسي ورتو… هڪ صبح جي ڳالهه آهي… هو اکيون بند ڪري پنهنجي ڪارروائي ڪري رهيو هو… اوچتو هن جي ڪمري جو در کليو… هن در جي آواز تي ڇرڪ ڀري اکيون کوليون… هن جو هٿ خاص عضوي ۾ هو ۽ اکيون در ۾ بيٺل ويڳي ماءَ ۾… هوءَ انصاف کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳي… انصاف هڪدم پاڻ کي چادر سان ڍڪي ڇڏيو… هن جي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي… هن کي خوف ٿيو ته سندس ويڳي ماءَ هن جي پيءُ سان هي ڳالهه ڪندي ۽ ان کانپوءِ انصاف جي ڄڻ دنيا ئي مٽجي ويندي… هو پشيماني ۾ ڪمري کان نڪرڻ جي همت ئي نه ڪري سگهيو… خوف جي پاڇي ۾ شام ٿي وئي… سندس پيءُ آفيس کان موٽي آيو… ڄاڻ هن جي ڪمري ۾ آيو ۽ هن تي لتن مڪن جا وسڪارا ڪرڻ لڳو… پر رات تائين به ڪجهه نه ٿيو… ٻي ڪمري ۾ انصاف جي ويڳي ماءَ مڙس جي پاسي کان ليٽيل هئي… هن جي ذهن ۾ صبح وارو منظر هلي رهيو هو… هوريان هوريان ان منظر جي ڪري هن جي تن بدن ۾ باهه لڳي وئي… هوءَ بيڊ تي ائين تڙپڻ لڳي جيئن بنا پاڻي جي مڇي تڙپندي آهي… ٻي صبح جو منظر… انصاف جي ڪمري جو در وري کليو… هن جي مٿان چادر… هن کي لڳو  سندس پيءُ حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ هن وٽ آيو هو… پر هن جو پيءُ آفيس وڃي چڪو هو… هن جي ويڳي ماءَ در بند ڪري بيڊ ڏانهن آئي… هوءَ جواني جي باهه ۾ پڄري رهي هئي… هوءَ انصاف جي پاسي کان ليٽي ۽ انصاف کي پاڻ ڏانهن سوري هن جي جسم تي هٿ ڦيرڻ لڳي… انصاف لاءِ ڄڻ دنيا ڄمي برف ٿي چڪي هئي… هو بت بڻيو پيو رهيو… هن جي ويڳي ماءَ ڊامينٽ پارٽنر ٿيندي هن جي مٿان آئي… باهه برف سان ملي برف کي رجهائي وئي… انصاف لاءِ سڀ ڪجهه لڏي رهيو هو… ان گهڙي انصاف کان پنهنجي ماءَ جو ڏک وسري ويو… انهن پلن دوران هن جي ويڳي ماءَ هن جي ڪل ڪائنات بڻجي وئي… اها ئي انصاف جي ٽريجڊي آهي… هن اسڪيچ بُڪ بند ڪري ان کي پاڻ کان پري ڪيو آهي… هن کي لڳو آهي ڄڻ هو ڪنهن ٽريجڊي کي جنم ڏيڻ بدران ڪنهن شڪيسپيئرين ٽريجڊي جو حصو بڻجي چڪو آهي… هن منهن کڻي پريان ويٺل سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر ڏانهن ڏٺو آهي… ان ۾ کيس انصاف جي ويڳي ماءَ جي صورت نظر اچڻ لڳي آهي.

***