سنڌ اھو واحد صوبو آهي، جتي سرڪاري ملازم پنهنجا جائز مطالبا شديد احتجاج ڪري پنهنجي حڪومت کي ٻڌائيندا آهن پوءِ اهو مطالبو ٽائيم اسڪيل جو هجي يا سروس اسٽرڪچر جو هجي، پگهارن وڌائڻ جو هجي يا پينشن رولز جو مطالبو هجي. هر مطالبي لاءِ لکپڙهه ڪرڻ تي سرڪار ڪن لاٽار ڪندي ملازم دشمن پاليسي ٺاهي کين پريشان ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ملازمن مٿان غلط فيصلا مڙهيا ويندا يا ناانصافيون، بيواجبيون ۽ زيادتيون ڪري سندن حق غصب ڪيا ويندا ته يقينن هو ايوانن ۽ اعليٰ عدالتن جا دروازا به کڙڪائيندا ۽ سخت کان سخت احتجاج به ڪندا. جمهوريت جو اهو ساڳيو اصول اپنائيندي سنڌ جي سمورن کاتن جي ملازمن جي گڏيل اتحاد سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تي تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ مرحليوار احتجاج ڪري سرڪار کي سنڌ جي سرڪاري ملازمن جا مسئلا ٻڌايا، پر سرڪار جي ڪن تي جونءِ نه چري. نيٺ الائنس جي مرڪزي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي ۽ ورڪنگ سينٽرل ڪميٽي اتحاد پاران شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ۽ 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس اڳيان لکين ملازمن سان گڏ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو، سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اسڪول اسپتالون ۽ ٻيون آفيسن کي تالا بندي ڪري احتجاج جاري رکندي بلاول هائوس هلڻ جي تياري پئي ٿي ته سنڌ سرڪار جاڳي پئي ۽ چيف سيڪريٽري ذريعي رابطو ڪيو ته ڳالهين لاءِ اچو ڇوته بلاول هائوس سندس سياسي قبلو آهي جنهن کي ڏسڻ عام ماڻهو ۽ ملازمن لاءِ وڏو ڏوهه آهي. جيڪڏهن ملازمن جا مسئلا سنڌ جي اقتدار واسي پارٽي نه ٻڌندي ته پوءِ ڪنهن کي ٻڌائبا. جڏهن پيپلز پارٽي جو سربراهه سنڌ سرڪار کي چوي ٿو ته ملازمن جا مسئلا حل ڪريو ته پوءِ سنڌ سرڪار ڪن لاٽار ڇو ٿي ڪري۔ اها دانهن کڻي بلاول هائوس وڃڻ جون تياريون پئي ٿيون ته چيف سيڪريٽري ملازمن جي قيادت کي ٽيبل تي ويهاريو ۽ ملازمن جا معاملا پڇيا، ڄڻ کيس ڪنهن مسئلي جي خبر ئي نه هئي. اهڙا آفيسر سنڌ ۾ ئي آهن جو ٻن مهينن کان مسلسل ملازم دانهون ڪن پيا، پر سرڪار توڙي بيوروڪريٽ اڻڄاڻ بڻيل آهن. بهرحال ڳالهيون ٿيون ۽ سياسي قبلي طرف نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 6 آڪٽوبر تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ملازمن جي مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو. سڀ ملازم احتجاج ختم ڪري پنهنجي ڊيوٽين تي هليا ويا ۽ اجلاس جو انتظار ڪرڻ لاءِ لڳا. جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته ملازم پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي موبائل ۾ اکيون وجهي ويٺا رهيا ته ٽن مهينن واري مسلسل هلندڙ تحريڪ جا اجهو ٿا نتيجا ظاهر ٿين. ڇو ته سنڌ ڪابينا جو هي اجلاس 35 ايجنڊائن تي مشتمل هو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيوولينٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي مؤخر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) طرفان 3 آڪٽوبر 2025 تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي جيڪو گهرجن جو چارٽر پيش ڪيو ويو تنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته سرڪاري ملازمن لاءِ بينيوولينٽ فنڊ رڳو وفات يا معذوري بدران رٽائرمينٽ جي وقت به ڏنو وڃي. ڪابينا هن مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ فنانس، جنرل ايڊمنسٽريشن، ايمپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن، قانون ۽ ڊائريڪٽر بينيوولينٽ فنڊ جا سيڪريٽري شامل هوندا۔ ڪميٽي بينيوولينٽ فنڊ جي استعمال جي طريقيڪار تي غور ڪندي ۽ جنرل پروويڊنٽ فنڊ جي طرز تي سفارشون تيار ڪندي. ڪميٽي ملازمن جي حصيداري، ادائگي جي فارمولن، فائدي جي ڍانچي ۽ قانوني ترميمن بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي. اهو اعلان ٻڌندي ئي ملازمن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا ۽ سوشل ميڊيا تي قيادت ۽ سنڌ سرڪار خلاف محاذ قائم ٿي ويو ته ڀرپور تحريڪ کي ماٺار ڪرائي سنڌ حڪومت ملازمن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. اشرف خاصخيلي ۽ ان جي جڙيل ڪاميٽي ميمبرن سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان دوکو ڪيو آهي پنهنجي ڏنل موقف تان ڦري ويو ۽ حڪومت سان ٺھي ويو آهي، ڪوبه مطالبو تسليم نه ڪرائي سگھيو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان مان ظاھر ٿي ويو آهي ته ھنن جا ذاتي مفاد پورا ٿي ويا، اشرف خاصخيلي جا سڀ واعدا ڪوڙا پاڻ به وڏو ڪوڙو آهي ان جا سڀ بيان به ڪوڙا ھئا. جڏهن ته اشرف خاصخيلي جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري پنهنجو ڪيل واعدو پاڙيو آهي جنهن تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو. اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون سمورا معاملا هن مهيني جي آخر ۾ حل ٿي ويندا. جذباتي ملازم صبر جو دامن پڪڙي اتحاد جي فضا قائم ڪن، جيڪڏهن سرڪار ٻه نمبري ڪئي ته اسان به استادن جا استاد آهيون. اُستاد جيڪو ھڪ روشن سماج جو اڏيندڙ آھي، ان سان ھر دور ۾ ويساهه گهاتيون ۽ ناانصافيون ڪرڻ سان اسان جي معاشري ۾ علم جو ڏيئو ڪيئن مُنوَر ۽ روشن ٿي سگهندو؟ ملازمن کي ھر وقت مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسائي ذھني پريشانين ۾ وجهي کانئن قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي؟ بهتر مُستقل ھميشه احتجاجن، ھڙتالن، بک ھڙتالن ۽ پوليس جي لاٺي چارج کي منھن ڏيڻ سان طئي ناهي ٿيندو، بلڪه ملازمن کي بهتر سهولتون ڏيئي ادارن جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو. سنڌ سرڪار کي ملازمن سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ بجاءِ پيش ڪيل ڇهه مطالبا اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجن ته جيئن مايوس ٿيڻ بجاءِ نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجي ادارن ۾ پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪري سگهن.