خاصنئون

حمزه شهباز گرفتار ٿي ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران حمزه شهباز جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ جي درخواست نامنظور ڪري ڇڏي آهي. عدالت جو فيصلو اچڻ بعد نيب حمزه شهباز کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ٻڌڻي ۾ نيب پاران حمزه شهباز تي الزام هنيا ويا ته رمضان شگر مل ۾ درخواست ٻڌڻي لائق نه آهي، جنهن کي مسترد ڪري حمزه شهباز تي ڏنڊ هنيو وڃي. حمزه شهباز جا نيب تي الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. حمزه شهباز 2015 ۾ 36 ڪروڙ رپين سان مقامي آبادي جي نالي تي رمضان شگر ملز لاءِ نالو تعمير ڪرايو هو. حمزه شهباز کي ست نوٽيس موڪليا ويا آهن. جڏهن ته هو پيش نه ٿيو. حمزه مني لانڊرنگ به ڪئي آهي ۽ سندس مشڪوڪ اڪائونٽ جو به انڪشاف ٿيو آهي. عدالت ٻڌڻي بعد حمزه جي درخواست مسترد ڪري ڇڏي.