گذريل حڪومت پاران گذريل سال واري آدمشماري ۾ سنڌ جي شهري آبادي وڌڻ جو اعتراف

حڪومت پاران 2017 ۾ ٿيل 6 مردمشماري جا نتيجا پڌرا ڪرڻ بابت اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته هن مهيني ۾ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ آدم شماري جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا. واضح رهي ته حڪومتي ترجمان ان ڏس ۾ چيو آهي ته گذريل سال واري آدم شماري ۾ ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 7 لک 77 هزار آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شهري آبادي ۾ خاص اضافو ٿيو آهي. آدمشماري مطابق سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي ۾ 20 سال اڳ واري آدم شماري جي مقابلي ۾ وڌيڪ اضافو آيو آهي. ترجمان چيو آهي ته اهو اضافو ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو آهي جيڪو ايندڙ وقتن ۾ سياست جي رخ کي ئي طئي ڪندو رهندو. ان کان علاوه ترجمان چيو ته بلوچستان جي آبادي ۾ پختون ۽ بلوچن وچ ۾ رهندڙ فرق صرف هڪ سيڪڙو وڃي بچيو آهي، جنهن جو ڪارڻ گذريل 20 سالن ۾ پختون آبادي ۾ آيل خاص اضافو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *