مريخ ويندڙ ڪابه عورت ماءُ نه ٿي سگهندي: ماهرن جو انڪشاف
اڪثر دنيا جي سائنسدانن جو اندازو رهندو آهي ته هي دنيا هاڻي رهڻ لائق نه آهي ۽ مستقبل ۾ اها تباهه ٿي ويندي، ان ڪري اسان کي ڪنهن ٻئي سياري تي وڃڻ گهرجي، پر ٻي سياري تي وڃڻ ممڪن ئي نه هجي ته پوءِ اسان ڇا ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ڪنهن سياري تي وڃي سگهيا ته پوءِ ان جو رهڻ هتان کان به مشڪل هجي ته پوءِ ڇا ڪجي. پولينڊ جي سائنسدانن هڪ نئون انڪشاف ڪيو آهي ته ڪابه عورت مريخ تي ڪنهن به ٻار کي جنم نٿي ڏيئي سگهي. هن جا ٻه مکيه سبب آهن هڪ ريڊيئيشن ٻيو مائڪرو گريوٽي. هڪ ته مريخ جي سطح تي ايتري ته ڪاسمڪ ريڊيئيشن آهي جو اتي ڪوبه انسان نٿو رهي سگهي. ٻيو اهو ته ان ريڊيئيشن ڪارڻ عورت جي پيٽ ۾ موجود ننڍڙو وجود تمام گهڻن خطرن کي منهن ڏيندو رهندو. مطلب ته ان تي سڌي ريت ريڊيئيشن جو اثر ٿيندو. ان کان علاوه ٻيو مسئلو مائڪرو گريوٽي آهي جنهن ڪارڻ مريخ تي رهندي ڪنهن به انسان جي جسم جي هڏن کي ڪافي نقصان رسي سگهي ٿو. هن قسم جو خطرو انسان جي ڪرنگهي واري هڏي ۾ وڌيڪ موجود هوندو آهي. مريخ تي صرف اهي مسئلا ئي نه آهن جن کي منهن ڏيڻو پوندو پر اتي رهندڙن کي ته اميوم سسٽم جي سپريشن، نروس سسٽم جي تبديلي، ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم ٿيڻ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ماهرن چيو آهي ته مريخ تي ويندڙ انسان جيڪڏهن نسل وڌائڻ چاهين ته انهن کي پنهنجي DNA ۾ تمام گهڻي حد تائين تبديلي ڪرڻي پوندي. هن لاءِ سائنسدانن کي هڪ خاص قسم جو انسان ٺاهڻو پوندو جيڪو مريخ جي ماحول ۾ رهي سگهي ۽ پنهنجي نسل کي به وڌائي سگهي. واضح رهي ته انسان جي جسم ۾ ان قسم جي تبديلي لاءِ دنيا جا قانون اڃان تائين اجازت نه پيا ڏين.

