نئون

چنڊ تي گهر ٺاهڻ لاءِ روبوٽ تيار

جاپان جي سائنسدانن پاران اهڙا روبوٽ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي چنڊ تي گهر تيار ڪندا، اهي گهر زمين جي گهرن جهڙا هوندا، پر اهي اصل ۾ هڪڙا شيلٽر هوندا. جاپان جي ماهرن جي ٽيم هن ڪم لاءِ هڪ ڪمپني شروع ڪئي آهي جنهن جو نالو آءِ اسپيس رکيو ويو آهي. اها ڪمپني هڪ پرائيويٽ ڪمپني هوندي جيڪا چنڊ جي سطح تي گهر ٺاهيندي انهن گهرن کي مون ويلي جو نالو ڏنو ويندو. هيءَ ڪمپني پنهنجو پهريون مشن 2019 ۾ موڪليندي. جيئن ته چنڊ زمين جي ويجهو ترين هنڌ آهي جتي وڃي رهائش اختيار ڪرڻ هڪ آسان عمل آهي، چنڊ کانپوءِ مريخ جو وارو اچي ٿو، جيڪو تمام گهڻو پري آهي. هن مشن جي لاءِ سائنسدانن هڪڙا خاص گاڏين جي صورت جا روبوٽ تيار ڪيا آهن. چنڊ تي ٺهندڙ هنن گهرن جي شڪل ڊوم (گنبڊ) جهڙي هوندي. ان قسم جا گهر زمين تي به 3D پرنٽرز ذريعي ٺاهيا ويا آهن جيڪي آمريڪا جي اداري MIT ٺاهيا هئا، هن قسم جو گهر 14 ڪلاڪن ۾ تيار ڪيو ويو هو. واضح رهي ته هي پروجيڪٽ هڪ پرائيويٽ ادارو ڪري رهيو آهي. هن کان پهريان اهڙا ڪم  آمريڪا جو خلائي ادارو ناسا ڪندو رهندو هو. جڏهن ته هن ويجهڙ ۾ پنهنجو اهڙو هڪ مشن ڪينسل ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ هن پروجيڪٽ لاءِ گهربل فنڊ نه هئا. جڏهن ته آءِ اسپيس پاران مختلف ادارن کان 90 ملين ڊالرن جا فنڊ حاصل ڪيا ويا آهن ته جيئن هن مشن کي پورو ڪيو وڃي. اها خبر نه آهي ته انسان ڪڏهن چنڊ تي پنهنجو گهر چئي سگهندو پر ان جي لاءِ پهريون قدم هينئر کنيو پيو وڃي.