نئون

سنڌ حڪومت ڪي فور منصوبي کي ترت مڪمل ڪري: پاڻي ڪميشن

سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل پاڻي ڪميشن پاران سنڌ حڪومت کي چيو ويو آهي ته اها ڪراچي اندر پاڻي جي منصوبي ڪي فور کي جلد مڪمل ڪري. ڪميشن جي اڳواڻ جسٽس عامر هاني مسلم ڪي فور منصوبي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ پروجيڪٽ جي آفيشلز ۽ ڪنسلٽنٽ پاران هن کي ٻڌايو ويو ته هن منصوبي ۾ ڪجهه اهم سامان اڃان نه لڳايو ويو آهي. جنهن ڪري اهو منصوبو مڪمل نٿو ڪري سگهجي. جنهن ۾ ڪجهه ننڍيون پلون ۽ هڪ پاور پلانٽ به ٺاهڻو آهي جيڪو پروجيڪٽ کي هلائيندو. چيف سيڪريٽري پاران ڪميشن کي ٻڌايو ويو آهي ته پي سي ون کانپوءِ ڪجهه ٻيون پي سي ون به ٺاهيون ويون آهن جنهن ذريعي اهي رهيل ڪم پورا ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڪميشن پاران سنڌ حڪومت کي حڪم جاري ڪيو ويو ته اها هن پروجيڪٽ جي رهيل سڀني ڪمن کي شروع ڪري جيئن هن پروجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ اهي سڀ ڪم به مڪمل ٿي وڃن.